اَمَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ اَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ السَّمَآءِ مَآءً١ۚ فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ حَدَآىِٕقَ ذَاتَ بَهْجَةٍ١ۚ مَا كَانَ لَكُمْ اَنْ تُنْۢبِتُوْا شَجَرَهَا١ؕ ءَاِلٰهٌ مَّعَ اللّٰهِ١ؕ بَلْ هُمْ قَوْمٌ یَّعْدِلُوْنَؕ۶۰
ڀلا (ٻڌايو) ڪير آهي؟ جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو؟ ۽ اوهان لاءِ آسمان کان پاڻي (يعني مينهن) لاٿائين؟ پوءِ اسان ان (پاڻي) سان رونقدار باغ ڄمايا، اوهان لاءِ ممڪن نه هيو جو ان (باغن) جا وڻ ڄمايو. ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ بلڪه اُهي اهڙي قوم آهن جي (حق جي راھ کان) پري هٽن ٿا.