قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 22 with translation
Juz 22 starts at Surah Al-Ahzab ayah 31 and ends at Surah 36 ayah 21. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
۽ اوهان مان جيڪا الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي ته اسان ان کي سندس اجر ٻيڻو ڏينداسين ۽ اسان ان جي لاءِ عزت واري روزي تيار ڪري رکي آهي.
اي نبي جون گهرواريون! اوهان عورتن مان ڪنهن به هڪ (عام عورت) جي مثل نه آهيو جيڪڏهن اوهان پرهيزگار رهڻ چاهيو ٿيون ته پوءِ (مردن سان بوقتِ ضرورت) ڳالهائڻ ۾ نرم لهجو اختيار نه ڪيو متان دل جي خرابي ۾ مبتلا ڪو ماڻهو لالچ ۾ نه پئجي وڃي ۽ صاف ۽ سڌي ڳالھ چئو.
۽ پنهنجي گهرن ۾ قرار سان رهو ۽ پراڻي جاهليت وانگر زيب زينت ظاهر نه ڪيو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو. الله ته اهو ئي چاهي ٿو ته اي (رسول ﷺ جا) گهروارؤ! اوهان کان هر ناپاڪائي کي پري رکي ۽ اوهان کي چڱي طرح پاڪ صاف ڪري ڇڏي.
۽ ڪنهن به مؤمن مرد ۽ مؤمن عورت کي حق نه ٿو پهچي جو جڏهن الله ۽ ان جو رسول ڪنهن ڪم جو فيصلو (يا حڪم) فرمائن ته انهن کي پنهنجي (ان) ڪم ۾ (ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو) ڪو اختيار رهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي بي فرماني ڪري ٿو سو اُهو بيشڪ پڌري گمراهي ۾ ڀٽڪي ويو.
۽ (اي نبي! ياد ڪر) جڏهن تو ان شخص کي فرمايو جنهن تي الله انعام ڪيو ۽ تو (به) مٿس انعام فرمايو ته: ”تون پنهنجي گھروارِيءَ کي پاڻ وٽ جهل ۽ الله کان ڊڄ“ ۽ تو پنهنجي دل ۾ اُها ڳالھ لِڪائي ٿي جنهن کي الله ظاهر ڪرڻ وارو هيو ۽ تون ماڻهن (جي طعنه زني) کان ڊنين ٿي ۽ الله وڌيڪ حقدار آهي جو ان جو خوف رکين. پوءِ جڏهن زيد ان کي طلاق ڏيڻ جو غرض پورو ڪيو ته اسان ان سان تنهنجو نڪاح ڪيو ته جيئن مؤمنن تي انهن جي پُٽيلَن جي زالن (سان نڪاح) جي باري ۾ ڪو حرج نه رهي جڏهن اُهي (طلاق ڏئي) انهن کان بي غرض ٿي چُڪا هجن. ۽ الله جو حڪم پورو ٿيڻو آهي.
نبي تي ان (ڪم ڪرڻ) ۾ ڪو حرج نه آهي جيڪو الله ان جي لاءِ فرض فرمايو آهي. الله جو اُهو دستور انهن ماڻهن ۾ (به جاري رهيو) آهي جيڪي اڳ گذريا. ۽ الله جو حڪم هڪ قطعي طئي ٿيل فيصلو هوندو آهي.
(انسانو) محمد (ﷺ) توهان جي مردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي ۽ پر اُهو الله جو رسول ۽ (سڀ) نبين کان پڇاڙي ۾ اچڻ وارو آهي. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان ايمان وارين عورتن سان نڪاح ڪيو پوءِ انهن کي هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو ته توهان جي لاءِ انهن تي ڪا عدت نه آهي جنهن کي توهان ڳڻيو، سو انهن کي ڪجھ مال ڏيو ۽ انهن کي سهڻي سلوڪ سان ڇڏي ڏيو.
اي نبي! بيشڪ اسان تنهنجي لاءِ تنهنجون اُهي گهرواريون حلال ڪيون آهن جن کي تو سندن مَهر ڏنا. ۽ تنهنجون ٻانهيون جيڪي الله تو کي غنيمت ۾ ڏنيون ۽ تنهنجي چاچي جون نياڻيون ۽ تنهنجي پڦين جون نياڻيون ۽ تنهنجي مامي جون نياڻيون ۽ تنهنجي ماسين جون نياڻيون جن تو سان گڏ هجرت ڪئي ۽ ڪابه ايمان واري عورت جيڪڏهن اُها پنهنجي جان نبي جي حوالي ڪري ۽ اگر نبي (به) ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪري (ته اُهي سڀ تو لاءِ حلال آهن) هي (حڪم) صرف تنهنجي لاءِ خاص آهي، (امت جي) مؤمنن لاءِ نه آهي. مسلمانن تي سندن زالن ۽ سندن ٻانهين جي باري ۾ جيڪو اسان (حڪم) مقرر ڪيو آهي سو اسان کي معلوم آهي، هن لاءِ ته تو تي ڪا تنگي نه رهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
(اي نبي تو کي اختيار آهي) انهن (گهر وارين) مان جنهن کي چاهين (واري ۾) مؤخر رکين ۽ جنهن کي چاهين پاڻ وٽ (پهريائين) جاءِ ڏين. ۽ جن کان تو (وقتي طرح) ڪناره ڪشي ڪئي هئي تون انهن کي طلب ڪرين ته ان ۾ به تو تي ڪو حرج نه آهي. اُهو ان ڳالھ کي ويجهو آهي جو انهن جون اکيون (تنهنجي درشن سان) ٿڌيون ٿينديون ۽ غمگين نه رهنديون ۽ اُهي سڀ ان تي راضي رهنديون جو ڪجھ تو انهن کي ڏنو آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي. ۽ الله ڄاڻڻ وارو بردبار آهي.
هن کان پوءِ توکي (ٻيون) عورتون حلال نه آهن ۽ نه هي جو (کين ڇڏي) سندن بدلي ٻين زالن سان نڪاح ڪرين جيتوڻيڪ توکي سندن حُسنِ (معاشرت) پسند اچي سواءِ ٻانهين جي (تن ۾ تو کي اختيار آهي). ۽ الله هر شيءِ تي نگران آهي.
اي ايمان وارؤ! نبيءَ جي گهرن ۾ داخل نه ٿيندا ڪيو سواءِ هن جي جو توهان کي کاڌي کائڻ لاءِ اجازت ڏني وڃي (پوءِ وقت کان اڳ اچي) کاڌي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ وارا نه بنجو پر جنهن وقت توهان کي سڏيو وڃي تنهن وقت اندر وڃو پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته ٽڙي پکڙي وڃو ۽ ڳالهين ۾ رِيجهي ويهي نه رهو. بيشڪ توهان جو ائين (گهڻي دير ويهي) رهڻ نبيءَ کي تڪليف ڏئي ٿو پوءِ اُهو توهان (کي اٿڻ جو چوڻ) کان حياءُ ڪري ٿو. ۽ الله حق (چوڻ) کان حياءُ نه ٿو ڪري. ۽ جڏهن توهان انهن (ازواج مطهرات) کان ڪو سامان گهرو ته پوءِ انهن کان پردي جي پويان گهرو. اِهو توهان جي دلين جي لاءِ انهن جي دلين لاءِ پاڪيزگي جو سبب آهي. ۽ توهان جي لاءِ (هرگز جائز) ناهي جو توهان رسول الله (ﷺ) کي ايذايو ۽ نه هي (جائز) آهي جو سندس گهر وارين سان سندس بعد ڪڏهن به نڪاح ڪيو. بيشڪ اِهو الله وٽ وڏو (گناھ) آهي.
انهن تي (پردو نه ڪرڻ ۾) ڪو حرج نه آهي سندن پيئرن کان ۽ نه پنهنجي پُٽن کان ۽ نه پنهنجي ڀائرن کان ۽ نه پنهنجي ڀائٽين کان ۽ نه پنهنجي ڀاڻجن کان ۽ نه پنهنجي (مسلمان) عورتن کان ۽ نه انهن (ٻانهن) کان جن جا سندن هٿ (شرعي طرح) مالڪ ٿيا آهن، ۽ (اي عورتون) الله کان ڊڄنديون رهو. بيشڪ الله هر شيءِ تي نگاھ رکڻ وارو آهي.
جيڪڏهن منافق ۽ جن جي دلين ۾ (بُغضِ رسول جي) بيماري آهي ۽ مديني ۾ ڪوڙا افواھ پکيڙڻ وارا باز نه آيا. ته اسان تو کي ضرور انهن تي مسلط ڪنداسين پوءِ اُهي ان (شهرِ مدينه) ۾ تنهنجي پاڙي ۾ رهي نه سگهندا مگر ٿورا (ڏينهن) ..
اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن موسيٰ کي ايذايو هيو پوءِ الله ان کي انهن ڳالهين کان بَـــري (يعني آجو) ڪيو جيڪي انهن چيون. ۽ اُهو (موسيٰ) الله وٽ وڏي عزت وارو هيو.
اُهو اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سُڌاريندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جا گناھ بخشيندو. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ته بيشڪ ان زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي.
بيشڪ اسان امانت کي آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن تي پيش ڪيو ته اهي ان (جي بار) کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو. بيشڪ اُهو (پنهنجي جان تي) وڏي زيادتي ڪندڙ (انجام کان) بي علم آهي.
۽ ڪافر چون ٿا ته: ”اسان تي قيامت ڪانه ايندي“. چؤ: ”هائو مون کي منهنجي غيب جي ڄاڻڻ واري پروردگار جو قسم ته اُها توهان تي ضرور ايندي، ان کان ذري برابر ڪا شيءِ غائب ٿي نه ٿي سگهي نه آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ان (ذري کان) تمام ننڍي ۽ نه تمام وڏي مگر (هر شيءِ) روشن ڪتاب (يعني لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي“.
۽ اُهي ماڻهو جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن ٿا ته جيڪي تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي سو حق آهي ۽ اهو غالب ساراهيل (الله) جي راھ ڏيکاري ٿو.
۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي) چون ٿا ته: ”ڇا توهان کي اهڙي شخص جو ٻڌايون جو اوهان کي هي خبر ڏئي ٿو ته جڏهن توهان (مرڻ بعد) بلڪل ذرا ذرا ٿي ويندؤ ته بيشڪ توهان کي نئين سر بنايو ويندو.
(يا ته) اُهو الله تي ڪوڙ ٺاهي ٿو يا ان کي ڪا چريائي آهي.“ (ائين هرگز ناهي) بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي عذاب ۾ آهن ۽ پري جي گمراهي ۾ (پيل) آهن.
۽ بيشڪ اسان دائود کي پنهنجي طرفان فضيلت ڏني هئي. (۽ حڪم ڏنو سين ته) اي پهاڙئو! (تسبيح پڙهڻ ۾) ان سان گڏجي وڃو ۽ اي پکيو! اوهان به. ۽ اسان ان لاءِ لوھ کي نرم ڪيو.
۽ سليمان لاءِ هوا کي (مطيع ڪيوسين) ان جي صبح جي منزل هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جي شام جي منزل هڪ مهيني جو پنڌ هئي، ۽ اسان ان لاءِ پگهريل ٽامي جو چشمو وهايو. ۽ جِنَن مان ڪجھ (سندس تابع ڪياسين) جيڪي پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪم ڪندا هئا. ۽ (کين چيوسين) انهن مان جيڪو اسان جي حڪم کان ڦِرندو ان کي (دوزخ جي) ڀڙڪندڙ باھ جو عذاب چکائينداسين.
پوءِ جڏهن اسان مٿس موت جو فيصلو نافذ ڪيو ته انهن (جِنن) کي سندس وفات تي ڪنهن آگاهي نه ڏني سواءِ زمين جي اڏوهيءَ جي جيڪا سندس لٺ کي کائيندي رهي، پوءِ جڏهن سندس جسم زمين تي آيو تڏهن جِنن کي خبر پئي جو جيڪڏهن اُهي غيب ڄاڻن ها ته خواري واري عذاب ۾ مبتلا نه رهن ها.
پوءِ چيائون: ”اي اسان جا پالڻهار! اسان جي سفر جي منزلن جي وچ ۾ مفاصلو پيدا ڪر“ ۽ پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيائون پوءِ اسان انهن کي (عبرت جا) افسانا بنايو ۽ اسان انهن کي ٽڪرا ڪري بلڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو. بيشڪ ان (قومِ سبا جي قصي) ۾ هر هڪ گھڻو صبر ڪندڙ ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن.
۽ شيطان جو انهن تي ڪو زور نه هيو مگر هي ان لاءِ (ٿيو) جو اسان ڏيکاريون ته ڪير آخرت تي ايمان آڻي ٿو ۽ ڪير ان کان شڪ ۾ (پيل) آهي. ۽ تنهنجو پالڻهار هر شيءِ تي نگهبان آهي.
(مشرڪن کي) چؤ: ”اوهان انهن کي سڏيو جن کي توهان الله کان سواءِ (معبود) سمجهيو آهي، اُهي ذري جيتري شيءِ جا مالڪ نه آهن نه ڪي آسمانن ۾ ۽ نه ڪي زمين ۾ ۽ نه انهن ٻنهين ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي ۽ نه انهن مان ڪو الله جو مدگار آهي.
۽ ڪافر چون ٿا ته: ”اسان هن قرآن تي اصل ايمان نه آڻينداسين ۽ نه ان (وحي) تي جو ان کان اڳ آهي.“ ۽ هائو جي تون ڏسين ظالمن جو حال جڏهن پنهنجي پالڻهار اڳيان بيهاريا ويندا، ان وقت انهن مان هڪڙو (پنهنجي) ڳالھ ڦيرائي ٻئي تي پيو هڻندو، ڪمزور ماڻهو هٺيلن کي چوندا ته: ”جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته اسان ضرور ايمان وارا هجون ها“.
۽ هيڻا هٺيلن کي چوندا: ”بلڪه رات ڏينهن جي مڪاري هئي، جڏهن توهان اسان کي حڪم ڏيندا هئا ته اسان الله سان ڪفر ڪيون ۽ اسان ان جا شريڪ بنايون.“ ۽ اُهي جڏهن عذاب ڏسندا ته (پنهنجي) پشيماني لڪائيندا. ۽ اسان ڪافرن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهنداسين. انهن کي ٻيو ڪو بدلو نه ڏنو ويندو سواءِ ان جي جيڪي اهي عمل ڪندا هئا.
۽ نه توهان جا مال ۽ نه توهان جا اولاد ان قابل آهن جو توهان جو درجو اسان وٽ ويجهو ڪن مگر جنهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائين پوءِ اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ ٻيڻو اجر آهي سندن عمل جي بدلي ۽ اُهي ماڙين ۾ امن (۽ امان) سان هوندا.
پوءِ (چونداسين) اڄ ڏينهن توهان مان ڪو هڪڙو به نه ٻئي جي نفعي جو مالڪ آهي ۽ نه نقصان جو. ۽ اسان ظالمن کي چونداسين ته باھ جي عذاب (جو مزو) چکو جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.
الله انسانن لاءِ رحمت (جي دروازن) مان جيڪي کولي ته ان کي ڪو روڪڻ وارو نه آهي ۽ جيڪي روڪي ته ان کان پوءِ ان کي ڪو کولڻ وارو نه آهي ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.
ڇا پوءِ جنهن ماڻهو لاءِ سندس (برو) ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي پوءِ ان کي (واقعي) چڱو ڏسي ٿو. (ان جي گمراهي جي به ڪا حد آهي؟) سو بيشڪ الله جنهن کي چاهي گمراھ ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڪري ٿو، پوءِ انهن تي افسوس ڪندي تنهنجي جان نه وڃي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي اُهي جيڪي ڪم ڪن ٿا.
۽ الله ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو پوءِ اُهي ڪڪرن کي اڀارن ٿيون پوءِ اسان ان (ڪڪر) کي برباد بستيءَ جي سيرابي لاءِ ڪاهيون ٿا پوءِ اسان ان سان زمين کي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ زنده ڪيون ٿا. (مُردن جو) جيئرو ڪري اٿارڻ به اهڙي طرح هوندو.
۽ الله اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ نطفي مان پوءِ اوهان کي جوڙا جوڙا ڪيائين. ۽ ڪابه مادي نه حمل سان ٿئي ٿي ۽ نه (ٻار) ڄڻي ٿي سواءِ سندس علم جي. ۽ نه ڪنهن وڏڙي عمر واري جي عمر وڌائي وڃي ٿي ۽ نه ان جي عمر گهٽائي وڃي ٿي مگر اُهو ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. بيشڪ الله تي اهو ڪم آسان آهي.
اُهو رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ ان سج ۽ چنڊ کي (هڪ نظام جي) تابع ڪيو آهي، هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. اُهو الله توهان جو پالڻهار آهي ان جي بادشاهي آهي. ۽ ان کي ڇڏي اوهان جن (بتن) کي پوڄيو ٿا سي کجور جي ڪڪڙي جي سنهين کل جا به مالڪ نه آهن.
(اي مشرڪو!) جيڪڏهن اوهان انهن کي سڏيو ته اُهي اوهان جو سڏ نه ٻڌندا، ۽ جيڪڏهن (بالفرض) ٻڌن به ته اوهان کي جواب نه ڏيندا. ۽ قيامت واري ڏينهن توهان جي شرڪ جو انڪار ڪندا. ۽ تو کي خبر رکندڙ (الله) جهڙي خبر ڪير به نه ڏيندو.
۽ ڪو بار کڻڻ وارو ٻئي جي (گناهن جو) بار نه کڻندو. ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو پنهنجو بار ونڊائڻ لاءِ ڪنهن کي سڏي ته ان جي بار مان ڪوبه ڪجھ نه کڻندو توڙي جو ويجهو رشتيدار هجي. (اي نبي!) تون صرف انهن ماڻهن کي ڊيڄارين ٿو جيڪي اڻ ڏٺي پنهنجي پالڻهار جو خوف رکن ٿا، ۽ نماز قائم رکن ٿا. ۽ جيڪو پاڪ ٿئي ٿو سو صرف پنهنجي ئي فائدي لاءِ پاڪ ٿئي ٿو. ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻ آهي.
ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان ذريعي ميوا ڪڍيا جن جا رنگ جدا جدا آهن. ۽ جبلن جا مختلف حصا آهن اڇا ۽ ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا ۽ سخت گهَرا ڪارا آهن.
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي عطا ڪيو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا لِڪَ ۾ به ظاهر به سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهن به خساري ۾ نه ويندو.
۽ جيڪو ڪتاب اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي اُهو ئي حق آهي جيڪي (ڪتاب) ان کان اڳ آهن تن جي تصديق ڪندڙ آهي. بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن جي حال کان پوري طرح باخبر آهي ڏسندڙ آهي.
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آهي، نه انهن تي (موت جو) فيصلو ڪيو ويندو جو مري پَوَن ۽ نه انهن کان جهنم جي عذاب مان ڪجھ گهٽ ڪيو ويندو. اهڙي طرح اسان هر ڪافر کي بدلو ڏيون ٿا.
چؤ: ”ڇا توهان پنهنجي شريڪن کي ڏٺو آهي؟ جن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا. مون کي ته ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڪهڙي شيءِ پيدا ڪئي آهي يا آسمانن ۾ انهن جي ڪا شراڪت آهي، يا اسان انهن کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي جو اُهي ان جي دليل تي قائم آهن“ (ڪجھ به نه آهي)، بلڪه ظالم ماڻهو هڪ ٻئي کي فريب کان سواءِ ڪو وعدو ڪونه ٿا ڏين.
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي جهلي رکيو آهي جو هٽي نه وڃن، ۽ اگر اُهي هٽي وڃن ته پوءِ ان (الله) کان سواءِ ڪو به انهن کي جهلي نه ٿو سگهي. بيشڪ اُهو بردبار بخشڻهار آهي.
۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي انهن جي ڪرتوتن سبب پڪڙ ڪري ته زمين جي پٺيءَ تي ڪوبه چُرندڙ نه ڇڏي پر انهن کي مقرر مدت تائين پٺتي ڪري ٿو، پوءِ جڏهن انهن جو مقرر ڪيل وقت ايندو ته بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.