وَ مَا لِیَ لَاۤ اَعْبُدُ الَّذِیْ فَطَرَنِیْ وَ اِلَیْهِ تُرْجَعُوْنَ۲۲
۽ آءٌ ڇو نه ان ذات جي بندگي ڪيان جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان (سڀئي به) ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.
قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 23 starts at Surah Ya-Sin ayah 22 and ends at Surah 39 ayah 31. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
وَ مَا لِیَ لَاۤ اَعْبُدُ الَّذِیْ فَطَرَنِیْ وَ اِلَیْهِ تُرْجَعُوْنَ۲۲
۽ آءٌ ڇو نه ان ذات جي بندگي ڪيان جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان (سڀئي به) ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.
ءَاَتَّخِذُ مِنْ دُوْنِهٖۤ اٰلِهَةً اِنْ یُّرِدْنِ الرَّحْمٰنُ بِضُرٍّ لَّا تُغْنِ عَنِّیْ شَفَاعَتُهُمْ شَیْـًٔا وَّ لَا یُنْقِذُوْنِۚ۲۳
ڇا آءٌ ان (الله) کي ڇڏي اهڙا معبود بنايان جو اگر رحمان مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته نه مون کي انهن جي سفارش نفعو پهچائي سگهي ۽ نه اُهي مون کي ڇڏائي سگهن.
اِنِّیْۤ اِذًا لَّفِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ۲۴
(اگر ائين ڪيان ته) بيشڪ تڏهن ته آءٌ کُلي گمراهي ۾ هوندس.
اِنِّیْۤ اٰمَنْتُ بِرَبِّكُمْ فَاسْمَعُوْنِؕ۲۵
بيشڪ مون توهان جي پالڻهار تي ايمان آندو سو اوهان منهنجي ڳالھ ٻڌو“. (۽ مڃو)
قِیْلَ ادْخُلِ الْجَنَّةَ١ؕ قَالَ یٰلَیْتَ قَوْمِیْ یَعْلَمُوْنَۙ۲۶
(ان کي شهيد ڪيو ويو ته کيس) چيو ويو: ”جنت ۾ داخل ٿيءُ“. چيائين: ”هائو جي منهنجي قوم ڄاڻي ها.
بِمَا غَفَرَ لِیْ رَبِّیْ وَ جَعَلَنِیْ مِنَ الْمُكْرَمِیْنَ۲۷
ته ڪهڙي ڳالھ جي ڪري منهنجي پالڻهار مون کي بخشي ڇڏيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين“.
وَ مَاۤ اَنْزَلْنَا عَلٰى قَوْمِهٖ مِنْۢ بَعْدِهٖ مِنْ جُنْدٍ مِّنَ السَّمَآءِ وَ مَا كُنَّا مُنْزِلِیْنَ۲۸
۽ ان کان پوءِ اسان ان جي قوم تي آسمان مان ڪوبه لشڪر نه لاٿو ۽ نه ئي اسان لاهڻ وارا هئاسين.
اِنْ كَانَتْ اِلَّا صَیْحَةً وَّاحِدَةً فَاِذَا هُمْ خٰمِدُوْنَ۲۹
(انهن لاءِ عذاب) اهو هڪ ڪڙڪيدار آواز کان سواءِ ڪجھ نه هيو. پوءِ ان مهل ئي اُهي (مري ٽانڊي وانگر) وسامي ويا.
یٰحَسْرَةً عَلَى الْعِبَادِ١ۣۚ مَا یَاْتِیْهِمْ مِّنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ یَسْتَهْزِءُوْنَ۳۰
هاءِ افسوس! (انهن) ٻانهن تي جن وٽ ڪوبه رسول نه آيو جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون.
اَلَمْ یَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِّنَ الْقُرُوْنِ اَنَّهُمْ اِلَیْهِمْ لَا یَرْجِعُوْنَؕ۳۱
ڇا انهن نه ڏٺو جو اسان انهن کان اڳ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪيو جو هاڻي اُهي انهن ڏانهن موٽي اچڻ وارا نه آهن.
وَ اِنْ كُلٌّ لَّمَّا جَمِیْعٌ لَّدَیْنَا مُحْضَرُوْنَ۠۳۲
۽ انهن سڀني کي اسان جي حضور حاضر ڪيو ويندو.
وَ اٰیَةٌ لَّهُمُ الْاَرْضُ الْمَیْتَةُ١ۖۚ اَحْیَیْنٰهَا وَ اَخْرَجْنَا مِنْهَا حَبًّا فَمِنْهُ یَاْكُلُوْنَ۳۳
۽ انهن جي (سمجهڻ) لاءِ بي جان زمين هڪ نشاني آهي جنهن کي اسان زنده ڪيو ۽ اسان ان مان داڻا ڪڍيا پوءِ انهيءَ مان اهي کائن ٿا.
وَ جَعَلْنَا فِیْهَا جَنّٰتٍ مِّنْ نَّخِیْلٍ وَّ اَعْنَابٍ وَّ فَجَّرْنَا فِیْهَا مِنَ الْعُیُوْنِۙ۳۴
۽ اسان ان ۾ کجين ۽ انگورن جا باغ بنايا ۽ اسان انهن (باغن ۾) ڪجھ چشما وهايا.
لِیَاْكُلُوْا مِنْ ثَمَرِهٖ١ۙ وَ مَا عَمِلَتْهُ اَیْدِیْهِمْ١ؕ اَفَلَا یَشْكُرُوْنَ۳۵
هن لاءِ ته ان جي ميوي مان کائن ۽ ان (ميوي) کي سندن هٿن نه بنايو آهي. ڇا پوءِ به شڪر نه ٿا ڪن؟
سُبْحٰنَ الَّذِیْ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنْۢبِتُ الْاَرْضُ وَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَ مِمَّا لَا یَعْلَمُوْنَ۳۶
پاڪ آهي اها ذات جنهن هر شيءِ جا جوڙا پيدا ڪيا انهن جا به جن کي زمين ڄمائي ٿي، ۽ خود سندن جنس مان به ۽ انهن مان به جن کي اُهي نه ٿا ڄاڻن.
وَ اٰیَةٌ لَّهُمُ الَّیْلُ١ۖۚ نَسْلَخُ مِنْهُ النَّهَارَ فَاِذَا هُمْ مُّظْلِمُوْنَۙ۳۷
۽ انهن لاءِ هڪ نشاني رات (به) آهي، اسان ان جي مٿان کان ڏينهن کي هٽائي ڇڏيون ٿا، پوءِ ان وقت ئي اُهي اونداهي ۾ رهجي وڃن ٿا.
وَ الشَّمْسُ تَجْرِیْ لِمُسْتَقَرٍّ لَّهَا١ؕ ذٰلِكَ تَقْدِیْرُ الْعَزِیْزِ الْعَلِیْمِؕ۳۸
۽ سج، پنهنجي مقرر ڪيل منزل جي لاءِ هلندو رهي ٿو. اهو غالب ڄاڻندڙ (الله) جو مقرر ڪيل حساب آهي.
وَ الْقَمَرَ قَدَّرْنٰهُ مَنَازِلَ حَتّٰى عَادَ كَالْعُرْجُوْنِ الْقَدِیْمِ۳۹
۽ چنڊ، اسان ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن، ايستائين جو (ڏسجڻ ۾) کجيءَ جي پُراڻي ڏنگي ٽاري وانگر ٿي پوي ٿو.
لَا الشَّمْسُ یَنْۢبَغِیْ لَهَاۤ اَنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ وَ لَا الَّیْلُ سَابِقُ النَّهَارِ١ؕ وَ كُلٌّ فِیْ فَلَكٍ یَّسْبَحُوْنَ۴۰
نه سج کي مجال آهي جو اهو چنڊ کي پڪڙي ۽ نه راتِ ڏينهنَ تي اڳرائي ڪندڙ آهي. ۽ سڀ (ستارا ۽ سيارا) پنهنجي مدار ۾ تري رهيا آهن.
وَ اٰیَةٌ لَّهُمْ اَنَّا حَمَلْنَا ذُرِّیَّتَهُمْ فِی الْفُلْكِ الْمَشْحُوْنِۙ۴۱
۽ انهن لاءِ هڪ نشاني هي به آهي جو اسان انهن جي نسل کي ڀريل ٻيڙي ۾ سوار ڪيو.
وَ خَلَقْنَا لَهُمْ مِّنْ مِّثْلِهٖ مَا یَرْكَبُوْنَ۴۲
۽ اسان انهن لاءِ ان (ٻيڙي) جهڙيون (ٻيون سواريون) پيدا ڪيون جن تي سوار ٿين ٿا.
وَ اِنْ نَّشَاْ نُغْرِقْهُمْ فَلَا صَرِیْخَ لَهُمْ وَ لَا هُمْ یُنْقَذُوْنَۙ۴۳
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين ٻوڙي ڇڏيون ته پوءِ نه انهن لاءِ ڪو فرياد رس هوندو ۽ نه ئي اُهي بچايا ويندا.
اِلَّا رَحْمَةً مِّنَّا وَ مَتَاعًا اِلٰى حِیْنٍ۴۴
سواءِ اسان جي رحمت جي ۽ (اهو) هڪ مقرر وقت تائين جو فائدو آهي.
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُمُ اتَّقُوْا مَا بَیْنَ اَیْدِیْكُمْ وَ مَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَ۴۵
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ان (عذاب) کان بچو جيڪو توهان جي سامهون (يعني دنيا ۾) آهي ۽ اوهان جي پٺيان (يعني آخرت ۾) آهي تانجو توهان تي رحم ڪيو وڃي.
وَ مَا تَاْتِیْهِمْ مِّنْ اٰیَةٍ مِّنْ اٰیٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِیْنَ۴۶
۽ انهن وٽ انهن جي پالڻهار جي نشانين مان ڪابه نشاني نه ٿي اچي مگر اُهي ان کان منهن موڙيندڙ آهن.
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُمْ اَنْفِقُوْا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللّٰهُ١ۙ قَالَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنُطْعِمُ مَنْ لَّوْ یَشَآءُ اللّٰهُ اَطْعَمَهٗۤ١ۖۗ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ۴۷
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ان مان خرچ ڪيو جيڪا الله اوهان کي روزي ڏني آهي ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا: ”ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي اگر الله گهري ها ته خود کارائي ڇڏي ها، توهان ته رڳو پڌري گمراهي ۾ آهيو“.
وَ یَقُوْلُوْنَ مَتٰى هٰذَا الْوَعْدُ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۴۸
۽ چون ٿا ته: ”هي (قيامت جو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو (ٻڌايو) جي اوهان سچا آهيو“؟
مَا یَنْظُرُوْنَ اِلَّا صَیْحَةً وَّاحِدَةً تَاْخُذُهُمْ وَ هُمْ یَخِصِّمُوْنَ۴۹
اُهي رڳو هڪ خوفناڪ آواز جو ئي انتظار ڪن ٿا جيڪو کين (اوچتو) پڪڙيندو ۽ اُهي (پاڻ ۾) جهڳڙو ڪري رهيا هوندا.
فَلَا یَسْتَطِیْعُوْنَ تَوْصِیَةً وَّ لَاۤ اِلٰۤى اَهْلِهِمْ یَرْجِعُوْنَ۠۵۰
پوءِ نه ته اُهي وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهروارن ڏانهن موٽي سگهندا.
وَ نُفِخَ فِی الصُّوْرِ فَاِذَا هُمْ مِّنَ الْاَجْدَاثِ اِلٰى رَبِّهِمْ یَنْسِلُوْنَ۵۱
۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته پوءِ ان مهل ئي اُهي پنهنجي قبرن مان (نڪري) پنهنجي پالڻهار ڏانهن ڊوڙندا.
قَالُوْا یٰوَیْلَنَا مَنْۢ بَعَثَنَا مِنْ مَّرْقَدِنَا١ؐٚۘ هٰذَا مَا وَعَدَ الرَّحْمٰنُ وَ صَدَقَ الْمُرْسَلُوْنَ۵۲
چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي اسان کي ڪنهن اسان جي ننڊ جي جاين مان اٿاريو“؟ (زنده ٿي اٿڻ) اهو ئي ته آهي جنهن جو وڏي مهربان (الله) وعدو ڪيو هيو ۽ رسولن سچ چيو هيو.
اِنْ كَانَتْ اِلَّا صَیْحَةً وَّاحِدَةً فَاِذَا هُمْ جَمِیْعٌ لَّدَیْنَا مُحْضَرُوْنَ۵۳
اهو رڳو هڪ ڪڙڪيدار آواز ئي هوندو پوءِ اُهي سڀ جو سڀ ان مهل ئي اسان جي حضور ۾ حاضر ڪيا ويندا.
فَالْیَوْمَ لَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَیْـًٔا وَّ لَا تُجْزَوْنَ اِلَّا مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۵۴
پوءِ اڄ ڏينهن ڪنهن تي ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ نه توهان کي ڪو بدلو ڏنو ويندو سواءِ انهن ڪمن جي جيڪي توهان ڪندا هئا.
اِنَّ اَصْحٰبَ الْجَنَّةِ الْیَوْمَ فِیْ شُغُلٍ فٰكِهُوْنَۚ۵۵
بيشڪ جنت وارا اڄ (پنهنجي من پسند) مشغولي ۾ مزا ماڻيندڙ آهن.
هُمْ وَ اَزْوَاجُهُمْ فِیْ ظِلٰلٍ عَلَى الْاَرَآىِٕكِ مُتَّكِـُٔوْنَ۵۶
اُهي ۽ سندن زالون (گهاٽِيُن) ڇانؤن ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا.
لَهُمْ فِیْهَا فَاكِهَةٌ وَّ لَهُمْ مَّا یَدَّعُوْنَۚۖ۵۷
انهن لاءِ ان ۾ (هر قسم جو) ميوو هوندو ۽ انهن لاءِ هر اها شيءِ (موجود) هوندي جيڪا اُهي طلب ڪندا.
سَلٰمٌ١۫ قَوْلًا مِّنْ رَّبٍّ رَّحِیْمٍ۵۸
(توهان تي) سلام هجي، (اهو) وڏي ٻاجھ ڀرئي پالڻهار جو فرمان هوندو.
وَ امْتَازُوا الْیَوْمَ اَیُّهَا الْمُجْرِمُوْنَ۵۹
۽ (حڪم ڪنداسين ته) اي ڏوهاريو! اڄ اوهان (نيڪو ڪارن کان) الڳ ٿي وڃو.
اَلَمْ اَعْهَدْ اِلَیْكُمْ یٰبَنِیْۤ اٰدَمَ اَنْ لَّا تَعْبُدُوا الشَّیْطٰنَ١ۚ اِنَّهٗ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِیْنٌۙ۶۰
اي آدم جا اولاد! ڇا مون اوهان کان هن ڳالھ جو عهد نه ورتو هيو ته شيطان جي پوڄا نه ڪجو، بيشڪ اُهو اوهان جو پڌرو دشمن آهي.
وَّ اَنِ اعْبُدُوْنِیْ١ؔؕ هٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِیْمٌ۶۱
۽ هي ته منهنجي عبادت ڪجو. هي سڌو رستو آهي.
وَ لَقَدْ اَضَلَّ مِنْكُمْ جِبِلًّا كَثِیْرًا١ؕ اَفَلَمْ تَكُوْنُوْا تَعْقِلُوْنَ۶۲
۽ بيشڪ ان توهان مان گهڻي خلق کي گمراھ ڪيو آهي. ڇا پوءِ توهان عقل نه رکندا هيئو!
هٰذِهٖ جَهَنَّمُ الَّتِیْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ۶۳
هي اهو جهنم آهي جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هيو.
اِصْلَوْهَا الْیَوْمَ بِمَا كُنْتُمْ تَكْفُرُوْنَ۶۴
اڄ ان (دوزخ ۾) داخل ٿي وڃو ان ڪري جو توهان (دنيا ۾) ڪفر ڪندا هئا.
اَلْیَوْمَ نَخْتِمُ عَلٰۤى اَفْوَاهِهِمْ وَ تُكَلِّمُنَاۤ اَیْدِیْهِمْ وَ تَشْهَدُ اَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوْا یَكْسِبُوْنَ۶۵
اڄ اسان انهن جي واتن تي مُهرون هڻنداسين ۽ انهن جا هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ انهن جا پير شاهدي ڏيندا انهن (عملن) جي جيڪي اُهي ڪمائيندا هئا.
وَ لَوْ نَشَآءُ لَطَمَسْنَا عَلٰۤى اَعْیُنِهِمْ فَاسْتَبَقُوا الصِّرَاطَ فَاَنّٰى یُبْصِرُوْنَ۶۶
۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته انهن جون اکيون ئي ميٽائي ڇڏيون ها پوءِ رستي ڏانهن ڊوڙن ها ته (انڌا) ڪٿان ڏسن ها.
وَ لَوْ نَشَآءُ لَمَسَخْنٰهُمْ عَلٰى مَكَانَتِهِمْ فَمَا اسْتَطَاعُوْا مُضِیًّا وَّ لَا یَرْجِعُوْنَ۠۶۷
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سندن رهائشگاهن تي ئي سندن صورتون بگاڙي ڇڏيون ها پوءِ نه اڳتي وڌي سگهن ها ۽ نه پوئتي موٽي سگهن ها.
وَ مَنْ نُّعَمِّرْهُ نُنَكِّسْهُ فِی الْخَلْقِ١ؕ اَفَلَا یَعْقِلُوْنَ۶۸
۽ جنهن کي اسان وڏي عمر ڏيون ٿا ان کي تخليق (جي قوتن ۾) ابتو ڦيرايون ٿا (يعني جسماني قوتن ۾ ننڍپڻ وانگر ڪمزوري آڻيون ٿا). ڇا پوءِ اُهي عقل نه ٿا رکن.
وَ مَا عَلَّمْنٰهُ الشِّعْرَ وَ مَا یَنْۢبَغِیْ لَهٗ١ؕ اِنْ هُوَ اِلَّا ذِكْرٌ وَّ قُرْاٰنٌ مُّبِیْنٌۙ۶۹
۽ اسان ان (نبي محمد ڪريم ﷺ) کي شعر چوڻ نه سيکاريا آهن ۽ نه اُهي ان جي شان جي لائق آهن. اهو (ڪتاب) ته رڳو نصيحت ۽ روشن قرآن آهي.
لِّیُنْذِرَ مَنْ كَانَ حَیًّا وَّ یَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَى الْكٰفِرِیْنَ۷۰
هن لاءِ ته ان شخص کي ڊيڄاري جيڪو زنده هجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.
اَوَ لَمْ یَرَوْا اَنَّا خَلَقْنَا لَهُمْ مِّمَّا عَمِلَتْ اَیْدِیْنَاۤ اَنْعَامًا فَهُمْ لَهَا مٰلِكُوْنَ۷۱
ڇا انهن نه ڏٺو جو اسان پنهنجي (قدرت جي) هٿن جي بنايل (شين) مان انهن جي لاءِ چوپايا پيدا ڪيا آهن پوءِ هي انهن جا مالڪ آهن.
وَ ذَلَّلْنٰهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوْبُهُمْ وَ مِنْهَا یَاْكُلُوْنَ۷۲
پوءِ اسان انهن کي سندن وس ۾ ڪيو پوءِ انهن مان ڪي سندن سواري آهن ۽ انهن مان ڪن (جي گوشت) کي کائن ٿا.
وَ لَهُمْ فِیْهَا مَنَافِعُ وَ مَشَارِبُ١ؕ اَفَلَا یَشْكُرُوْنَ۷۳
۽ انهن (جانورن) ۾ انهن لاءِ فائدا آهن ۽ پيئڻ جون شيون آهن. ڇا پوءِ به شڪر ادا نه ٿا ڪن.
وَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اٰلِهَةً لَّعَلَّهُمْ یُنْصَرُوْنَؕ۷۴
۽ انهن الله کان سواءِ ٻين کي معبود بنايو ان اميد تي ته سندن مدد ڪئي ويندي.
لَا یَسْتَطِیْعُوْنَ نَصْرَهُمْ١ۙ وَ هُمْ لَهُمْ جُنْدٌ مُّحْضَرُوْنَ۷۵
اُهي (ڪوڙا معبود) سندن مدد ڪري نه سگهندا ۽ اُهي (مشرڪ) انهن (بتن) جا لشڪر هوندا جي (گڏائي دوزخ ۾) حاضر ڪيا ويندا.
فَلَا یَحْزُنْكَ قَوْلُهُمْ١ۘ اِنَّا نَعْلَمُ مَا یُسِرُّوْنَ وَ مَا یُعْلِنُوْنَ۷۶
پوءِ (اي نبي!) انهن جون ڳالهيون تو کي ڏکارو نه ڪن. بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا.
اَوَ لَمْ یَرَ الْاِنْسَانُ اَنَّا خَلَقْنٰهُ مِنْ نُّطْفَةٍ فَاِذَا هُوَ خَصِیْمٌ مُّبِیْنٌ۷۷
ڇا انسان اهو نه ڏٺو جو اسان ان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ به اُهو کُلي طرح سخت جهڳڙالو آهي.
وَ ضَرَبَ لَنَا مَثَلًا وَّ نَسِیَ خَلْقَهٗ١ؕ قَالَ مَنْ یُّحْیِ الْعِظَامَ وَ هِیَ رَمِیْمٌ۷۸
۽ اسان جي واسطي مثال بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي پيدائش (جي اصليت) وساري ويٺو آهي. چوي ٿو ته: ”هڏين کي ڪير جياريندو جڏهن اُهي ڳري پامال ٿي وينديون“.
قُلْ یُحْیِیْهَا الَّذِیْۤ اَنْشَاَهَاۤ اَوَّلَ مَرَّةٍ١ؕ وَ هُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِیْمُۙ۷۹
چؤ ته انهن کي اُها ذات جياريندي جنهن انهن کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هيو ۽ اهو هر مخلوق کي ڄاڻڻ وارو آهي.
اِ۟لَّذِیْ جَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الشَّجَرِ الْاَخْضَرِ نَارًا فَاِذَاۤ اَنْتُمْ مِّنْهُ تُوْقِدُوْنَ۸۰
جنهن توهان لاءِ سائي وڻ مان باھ پيدا ڪئي پوءِ هاڻي توهان ان مان باھ ٻاريو ٿا.
اَوَ لَیْسَ الَّذِیْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ بِقٰدِرٍ عَلٰۤى اَنْ یَّخْلُقَ مِثْلَهُمْ١ؐؕ بَلٰى١ۗ وَ هُوَ الْخَلّٰقُ الْعَلِیْمُ۸۱
۽ ڇا اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو هن ڳالھ تي قادر نه آهي؟ جو انهن جهڙي تخليق (ٻيو ڀيرو) پيدا ڪري. هائو (قدرت رکندڙ آهي) ۽ اهو وڏو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.
اِنَّمَاۤ اَمْرُهٗۤ اِذَاۤ اَرَادَ شَیْـًٔا اَنْ یَّقُوْلَ لَهٗ كُنْ فَیَكُوْنُ۸۲
ان جو حڪمِ (پيدائش) صرف هي آهي جو جڏهن اُهو ڪنهن شيءِ کي (پيدا ڪرڻ) چاهيندو آهي ته ان کي چوندو آهي ته ”ٿي پؤُ“ پوءِ اها ٿي پوي ٿي.
فَسُبْحٰنَ الَّذِیْ بِیَدِهٖ مَلَكُوْتُ كُلِّ شَیْءٍ وَّ اِلَیْهِ تُرْجَعُوْنَ۠۸۳
سو اُها ذات پاڪ آهي جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا وَ رَبُّ الْمَشَارِقِؕ۵
(جيڪو) آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀني جو) مالڪ آهي ۽ جيڪو اُڀرندَن جو مالڪ آهي.
اِنَّا زَیَّنَّا السَّمَآءَ الدُّنْیَا بِزِیْنَةِ اِ۟لْكَوَاكِبِۙ۶
بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.
وَ حِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَیْطٰنٍ مَّارِدٍۚ۷
۽ هر سرڪش شيطان کان (ان کي) محفوظ ڪيو آهي.
لَا یَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰى وَ یُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍۗۖ۸
اُهي (شيطان) سڀ کان مٿين (مقرب ملائڪن جي) جماعت ڏانهن ڪَنُ به نه ٿا لڳائي سگهن ۽ اهي (اُماڙين سان) هر طرف کان چُٽيا وڃن ٿا.
دُحُوْرًا وَّ لَهُمْ عَذَابٌ وَّاصِبٌۙ۹
انهن کي ڀڄائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.
اِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَطْفَةَ فَاَتْبَعَهٗ شِهَابٌ ثَاقِبٌ۱۰
مگر جيڪو (شيطان) هڪ ڀيرو (فرشتن جي ڪا ڳالھ) جَهٽي وٺي ٿو ته ٻرندڙ اُماڙي ان جي پٺيان پوي ٿي.
فَاسْتَفْتِهِمْ اَهُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمْ مَّنْ خَلَقْنَا١ؕ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّنْ طِیْنٍ لَّازِبٍ۱۱
پوءِ انهن کان پڇ ته سندن پيدائش زياده مشڪل آهي يا (ٻيون) اُهي شيون جن کي اسان پيدا ڪيو آهي. بيشڪ اسان انهن کي چِيڪِي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي.
وَ اِذَا ذُكِّرُوْا لَا یَذْكُرُوْنَ۪۱۳
۽ جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته نصيحت قبول نه ٿا ڪن.
وَ اِذَا رَاَوْا اٰیَةً یَّسْتَسْخِرُوْنَ۪۱۴
۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا.
وَ قَالُوْۤا اِنْ هٰذَاۤ اِلَّا سِحْرٌ مُّبِیْنٌۚۖ۱۵
۽ چون ٿا ته: ”هي ته رڳو پڌرو جادو ئي آهي.
ءَاِذَا مِتْنَا وَ كُنَّا تُرَابًا وَّ عِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَۙ۱۶
ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان وري جيئرو ڪري اٿاريا وينداسين.
اَوَ اٰبَآؤُنَا الْاَوَّلُوْنَؕ۱۷
ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به“ (جيرا ڪري اٿاريا ويندا).
فَاِنَّمَا هِیَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ فَاِذَا هُمْ یَنْظُرُوْنَ۱۹
پوءِ اها فقط هڪ سخت هڪل هوندي پوءِ سڀ اوچتو (زنده ٿي) ڏسڻ لڳندا.
وَ قَالُوْا یٰوَیْلَنَا هٰذَا یَوْمُ الدِّیْنِ۲۰
۽ چوندا: ”هاءِ اسان لاءِ بربادي هي بدلي جو ڏينهن آهي“.
هٰذَا یَوْمُ الْفَصْلِ الَّذِیْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ۠۲۱
(هائو هائو) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.
اُحْشُرُوا الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا وَ اَزْوَاجَهُمْ وَ مَا كَانُوْا یَعْبُدُوْنَۙ۲۲
(حڪم ڏينداسين ته) ”انهن ماڻهن کي گڏ ڪيو جن ظلم ڪيو ۽ انهن جي ساٿين کي به ۽ انهن (ڪوڙن معبودن) کي به جن جي اُهي پوڄا ڪندا هئا.
مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَاهْدُوْهُمْ اِلٰى صِرَاطِ الْجَحِیْمِ۲۳
الله کي ڇڏي (جن بتن کي پوڄيندا هئا) پوءِ انهن سڀني کي دوزخ جي رستي تي وٺي هلو.
وَ قِفُوْهُمْ اِنَّهُمْ مَّسْـُٔوْلُوْنَۙ۲۴
۽ انهن کي (ميدانِ حشر) تي بيهاريو بيشڪ انهن کان پڇاڻو ڪيو ويندو“.
مَا لَكُمْ لَا تَنَاصَرُوْنَ۲۵
(چيو ويندو) ”توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ جو هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪيو“؟
وَ اَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلٰى بَعْضٍ یَّتَسَآءَلُوْنَ۲۷
۽ اُهي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي سوال ڪندا.
قَالُوْۤا اِنَّكُمْ كُنْتُمْ تَاْتُوْنَنَا عَنِ الْیَمِیْنِ۲۸
چوندا: ”بيشڪ توهان ئي ته اسان وٽ ساڄي پاسي کان ايندا هئا“.
قَالُوْا بَلْ لَّمْ تَكُوْنُوْا مُؤْمِنِیْنَۚ۲۹
(گمراھ ڪندڙ اڳواڻ) چوندا: ”بلڪه توهان خود ايمان آڻڻ وارا نه هئا.
وَ مَا كَانَ لَنَا عَلَیْكُمْ مِّنْ سُلْطٰنٍ١ۚ بَلْ كُنْتُمْ قَوْمًا طٰغِیْنَ۳۰
۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور ڪونه هيو، بلڪه توهان خود حد کان لنگهدڙ قوم هئا.
فَحَقَّ عَلَیْنَا قَوْلُ رَبِّنَاۤ١ۖۗ اِنَّا لَذَآىِٕقُوْنَ۳۱
پوءِ اسان تي اسان جي پالڻهار جو فرمان ثابت ٿيو. بيشڪ اسان (عذاب جو مزو) چکيندڙ آهيون.
فَاَغْوَیْنٰكُمْ اِنَّا كُنَّا غٰوِیْنَ۳۲
سو اسان توهان کي گمراھ ڪيو بيشڪ اسان خود گمراھ هئاسين“.
فَاِنَّهُمْ یَوْمَىِٕذٍ فِی الْعَذَابِ مُشْتَرِكُوْنَ۳۳
پوءِ بيشڪ اُهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا.
اِنَّا كَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِیْنَ۳۴
بيشڪ اسان ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون.
اِنَّهُمْ كَانُوْۤا اِذَا قِیْلَ لَهُمْ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ١ۙ یَسْتَكْبِرُوْنَۙ۳۵
بيشڪ اُهي اهڙا هئا جو جڏهن انهن کي چيو ويندو هيو ته: ”الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي“ ته اُهي تڪبر ڪندا هئا.
وَ یَقُوْلُوْنَ اَىِٕنَّا لَتَارِكُوْۤا اٰلِهَتِنَا لِشَاعِرٍ مَّجْنُوْنٍؕ۳۶
۽ چوندا هئا ته: ”ڇا اسان هڪ مجنون شاعر جي خاطر پنهنجي معبودن کي ڇڏي ڏيون“!
بَلْ جَآءَ بِالْحَقِّ وَ صَدَّقَ الْمُرْسَلِیْنَ۳۷
حالانڪه اهو حق کڻي آيو هيو ۽ ان رسولن جي تصديق ڪئي هئي.
اِنَّكُمْ لَذَآىِٕقُوا الْعَذَابِ الْاَلِیْمِۚ۳۸
(چيو ويندو) بيشڪ توهان دردناڪ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آهيو.
وَ مَا تُجْزَوْنَ اِلَّا مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَۙ۳۹
۽ توهان کي (ڪوبه) بدلو نه ڏنو ويندو سواءِ ان جي جيڪي توهان عمل ڪندا هئا.
اُولٰٓىِٕكَ لَهُمْ رِزْقٌ مَّعْلُوْمٌۙ۴۱
اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ (خاص) روزي مقرر ٿيل آهي.
یُطَافُ عَلَیْهِمْ بِكَاْسٍ مِّنْ مَّعِیْنٍۭۙ۴۵
انهن تي ڇُلڪندڙ پيالن ۾ (پاڪيزه) شراب جو دور هلندڙ هوندو.
بَیْضَآءَ لَذَّةٍ لِّلشّٰرِبِیْنَۚۖ۴۶
چمڪندڙ شراب هوندو جيڪو پيئڻ وارن لاءِ مزيدار هوندو.
لَا فِیْهَا غَوْلٌ وَّ لَا هُمْ عَنْهَا یُنْزَفُوْنَ۴۷
نه ان ۾ مٿي جو سُور هوندو ۽ نه اُهي ان کان مٿي چڪريل هوندا.
وَ عِنْدَهُمْ قٰصِرٰتُ الطَّرْفِ عِیْنٌۙ۴۸
۽ انهن جي پاسي ۾ نگاهون هيٺ رکڻ واريون وڏين (سهڻين) اکين واريون (حورون ويٺل) هونديون.
فَاَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلٰى بَعْضٍ یَّتَسَآءَلُوْنَ۵۰
پوءِ اُهي (جنتي) هڪ ٻئي ڏي متوجھ ٿي (احوال) پڇندا.
قَالَ قَآىِٕلٌ مِّنْهُمْ اِنِّیْ كَانَ لِیْ قَرِیْنٌۙ۵۱
انهن مان هڪ چوندڙ چوندو ته: ”بيشڪ دنيا ۾ منهنجو هڪ مِلڻَ جُلڻَ وارو هيو“.
یَّقُوْلُ اَىِٕنَّكَ لَمِنَ الْمُصَدِّقِیْنَ۵۲
جيڪو چوندو هيو ته: ”ڇا تون (قيامت کي) مڃڻ وارن مان آهين؟
ءَاِذَا مِتْنَا وَ كُنَّا تُرَابًا وَّ عِظَامًا ءَاِنَّا لَمَدِیْنُوْنَ۵۳
ڇا جڏهن اسان مري وينداسين اسان مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي (جياري) بدلو ڏنو ويندو“؟
قَالَ هَلْ اَنْتُمْ مُّطَّلِعُوْنَ۵۴
(اهو جنتي ساٿين کي) چوندو ته: ”ڇا اوهان جهاتي پائي (ان جو حال) ڏسندا“؟
فَاطَّلَعَ فَرَاٰهُ فِیْ سَوَآءِ الْجَحِیْمِ۵۵
پوءِ اهو جهاتي پائيندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.
قَالَ تَاللّٰهِ اِنْ كِدْتَّ لَتُرْدِیْنِۙ۵۶
چوندو ته: ”الله جو قسم ته تو مون کي ذري گهٽ برباد ٿي ڪيو.
وَ لَوْ لَا نِعْمَةُ رَبِّیْ لَكُنْتُ مِنَ الْمُحْضَرِیْنَ۵۷
۽ جيڪڏهن منهنجي پالڻهار جو احسان نه هجي ها ته آءٌ (به تو سان گڏ عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان هجان هان“.
اِلَّا مَوْتَتَنَا الْاُوْلٰى وَ مَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِیْنَ۵۹
سواءِ اسان جي پهرئين موت جي ۽ نه اسان تي ڪڏهن عذاب ڪيو ويندو“؟
لِمِثْلِ هٰذَا فَلْیَعْمَلِ الْعٰمِلُوْنَ۶۱
اهڙي (ڪاميابي) ڪاڻ عمل ڪرڻ وارن کي عمل ڪرڻ گهرجي.
اَذٰلِكَ خَیْرٌ نُّزُلًا اَمْ شَجَرَةُ الزَّقُّوْمِ۶۲
(ٻڌايو) ڇا اها (جنت جي) مهماني ڀلي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟
اِنَّا جَعَلْنٰهَا فِتْنَةً لِّلظّٰلِمِیْنَ۶۳
بيشڪ اسان ان کي ظالمن لاءِ هڪ مصيبت بنايو آهي.
اِنَّهَا شَجَرَةٌ تَخْرُجُ فِیْۤ اَصْلِ الْجَحِیْمِۙ۶۴
بيشڪ اهو هڪ وڻ آهي جيڪو جهنم جي تري مان نڪري ٿو.
طَلْعُهَا كَاَنَّهٗ رُءُوْسُ الشَّیٰطِیْنِ۶۵
ان جا گوشا ائين آهن ڄڻڪ شيطانن جا مٿا آهن.
فَاِنَّهُمْ لَاٰكِلُوْنَ مِنْهَا فَمَالِـُٔوْنَ مِنْهَا الْبُطُوْنَؕ۶۶
پوءِ بيشڪ اُهي (دوزخي) ان مان کائيندڙ آهن پوءِ ان مان پيٽن کي ڀريندڙ آهن.
ثُمَّ اِنَّ لَهُمْ عَلَیْهَا لَشَوْبًا مِّنْ حَمِیْمٍۚ۶۷
پوءِ بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) مٿان ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو.
ثُمَّ اِنَّ مَرْجِعَهُمْ لَاۡاِلَى الْجَحِیْمِ۶۸
وري بيشڪ انهن جي دوزخ ڏانهن واپسي هوندي.
اِنَّهُمْ اَلْفَوْا اٰبَآءَهُمْ ضَآلِّیْنَۙ۶۹
بيشڪ اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي ابن ڏاڏن کي گمراھ لڌو.
وَ لَقَدْ ضَلَّ قَبْلَهُمْ اَكْثَرُ الْاَوَّلِیْنَۙ۷۱
حالانڪه انهن کان اڳ پهرين ماڻهن مان به گھڻا گمراھ ٿي ويا هئا.
وَ لَقَدْ اَرْسَلْنَا فِیْهِمْ مُّنْذِرِیْنَ۷۲
۽ بيشڪ اسان انهن ۾ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليا.
فَانْظُرْ كَیْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُنْذَرِیْنَۙ۷۳
پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو انجام ڪيئن ٿيو جيڪي ڊيڄاريا ويا هئا.
وَ لَقَدْ نَادٰىنَا نُوْحٌ فَلَنِعْمَ الْمُجِیْبُوْنَ٘ۖ۷۵
۽ بيشڪ اسان کي نوح سڏيو، پوءِ اسان ڪيڏا سٺا فرياد رس آهيون.
وَ نَجَّیْنٰهُ وَ اَهْلَهٗ مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِیْمِ٘ۖ۷۶
۽ اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي وڏي مُصيبت کان بچايو.
وَ جَعَلْنَا ذُرِّیَّتَهٗ هُمُ الْبٰقِیْنَ٘ۖ۷۷
۽ اسان سندس نسل کي ئي باقي رهڻ وارو بنايو.
وَ تَرَكْنَا عَلَیْهِ فِی الْاٰخِرِیْنَ٘ۖ۷۸
۽ پويان اچڻ وارين (امتن) ۾ ان جي تعريف ڇڏي سين.
اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِی الْمُحْسِنِیْنَ۸۰
بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيون ٿا.
اِنَّهٗ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِیْنَ۸۱
بيشڪ اُهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.
اِذْ جَآءَ رَبَّهٗ بِقَلْبٍ سَلِیْمٍ۸۴
جڏهن اُهو پنهنجي پالڻهار وٽ سالم دل سان آيو.
اِذْ قَالَ لِاَبِیْهِ وَ قَوْمِهٖ مَا ذَا تَعْبُدُوْنَۚ۸۵
جڏهن پنهنجي پيءُ (يعني چاچي) ۽ سندس قوم کي چيائين:”هي ڇا شيون آهن جن جي اوهان پوڄا ڪيو ٿا“؟
اَىِٕفْكًا اٰلِهَةً دُوْنَ اللّٰهِ تُرِیْدُوْنَؕ۸۶
ڇا توهان بهتان ٻڌي الله کي ڇڏي (باطل) معبودن جو ارادو ڪيو ٿا؟
فَمَا ظَنُّكُمْ بِرَبِّ الْعٰلَمِیْنَ۸۷
پوءِ جهانن جي پالڻهار بابت توهان جو ڇا خيال آهي“؟
فَرَاغَ اِلٰۤى اٰلِهَتِهِمْ فَقَالَ اَلَا تَاْكُلُوْنَۚ۹۱
پوءِ (ابراهيم) انهن جي معبودن (بتن) وٽ خاموشيءَ سان ويو پوءِ انهن کي چيائين: ”اوهان کائو ڇو نه ٿا؟
فَرَاغَ عَلَیْهِمْ ضَرْبًۢا بِالْیَمِیْنِ۹۳
پوءِ (ابراهيم) پوري طاقت سان انهن کي مارڻ (ڀڃڻ) لڳو.
قَالَ اَتَعْبُدُوْنَ مَا تَنْحِتُوْنَۙ۹۵
(ابراهيم) چيو: ”ڇا انهن جي پوڄا ڪيو ٿا جن کي پاڻ (هٿن سان) گهڙيو ٿا؟
وَ اللّٰهُ خَلَقَكُمْ وَ مَا تَعْمَلُوْنَ۹۶
حالانڪه الله توهان کي خلقيو آهي ۽ اوهان جيڪي ڪم ڪيو ٿا“.
قَالُوا ابْنُوْا لَهٗ بُنْیَانًا فَاَلْقُوْهُ فِی الْجَحِیْمِ۹۷
چيائون: ”ان جي (ساڙڻ) لاءِ هڪ جاءِ (بَـــٺو) بنايو پوءِ ان کي ڀڙڪندڙ باھ ۾ وجهو“.
فَاَرَادُوْا بِهٖ كَیْدًا فَجَعَلْنٰهُمُ الْاَسْفَلِیْنَ۹۸
پوءِ انهن اُن (ابراهيم) لاءِ سازش جو ارادو ڪيو پوءِ اسان انهن کي هيٺاهون (يعني ناڪام) ڪيو.
وَ قَالَ اِنِّیْ ذَاهِبٌ اِلٰى رَبِّیْ سَیَهْدِیْنِ۹۹
۽ (ابراهيم) چيو ته: ”بيشڪ آءٌ (هجرت ڪري) پنهنجي پالڻهار ڏانهن وڃڻ وارو آهيان، اهو ضرور منهنجي رهنمائي ڪندو.
رَبِّ هَبْ لِیْ مِنَ الصّٰلِحِیْنَ۱۰۰
(پوءِ ملڪِ شام ۾ پهچي دعا ڪيائين) اي منهنجا پالڻهار! مون کي هڪ پٽ عطا ڪر جيڪو صالحن مان هجي“.
فَبَشَّرْنٰهُ بِغُلٰمٍ حَلِیْمٍ۱۰۱
پوءِ اسان کيس وڏي بردبار پُٽ (اسماعيل) جي خوشخري ڏني.
فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعْیَ قَالَ یٰبُنَیَّ اِنِّیْۤ اَرٰى فِی الْمَنَامِ اَنِّیْۤ اَذْبَحُكَ فَانْظُرْ مَا ذَا تَرٰى١ؕ قَالَ یٰۤاَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ١٘ سَتَجِدُنِیْۤ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ مِنَ الصّٰبِرِیْنَ۱۰۲
پوءِ جڏهن (اهو پٽ) ساڻس گڏ ڊوڙڻ (جي عمر) کي رسيو ته (هڪ ڏينهن ابراهيم) چيو: ”اي منهنجا پٽڙا! بيشڪ آءٌ خواب ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ تو کي ذبح ڪري رهيو آهيان، پوءِ تون ڏس ته تنهنجي صلاح ڇا آهي“؟ (اسماعيل) چيو: ”اي منهنجا پيءُ! اُهو ڪر جنهن جو تو کي حڪم ڏنو ويو آهي، الله گهريو ته جلد ئي تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين“.
فَلَمَّاۤ اَسْلَمَا وَ تَلَّهٗ لِلْجَبِیْنِۚ۱۰۳
پوءِ جڏهن ٻنهين حڪم مڃيو ۽ ان (اسماعيل) کي پيشاني ڀر ليٽايائين.
قَدْ صَدَّقْتَ الرُّءْیَا١ۚ اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِی الْمُحْسِنِیْنَ۱۰۵
بيشڪ تو خواب سچو ڪري ڏيکاريو، بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون“.
وَ تَرَكْنَا عَلَیْهِ فِی الْاٰخِرِیْنَۖ۱۰۸
۽ اسان پوءِ اچڻ وارن ۾ ان جو ذڪر باقي رکيو.
اِنَّهٗ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِیْنَ۱۱۱
بيشڪ اُهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.
وَ بَشَّرْنٰهُ بِاِسْحٰقَ نَبِیًّا مِّنَ الصّٰلِحِیْنَ۱۱۲
۽ اسان ان کي اسحاق جي خوشخبري ڏني (اهو به) صالحن مان هڪ نبي هيو.
وَ بٰرَكْنَا عَلَیْهِ وَ عَلٰۤى اِسْحٰقَ١ؕ وَ مِنْ ذُرِّیَّتِهِمَا مُحْسِنٌ وَّ ظَالِمٌ لِّنَفْسِهٖ مُبِیْنٌ۠۱۱۳
۽ اسان ان تي ۽ اسحاق تي برڪت نازل ڪئي. ۽ انهن ٻنهين جي اولاد مان نيڪوڪار به آهن، ۽ پنهنجو پاڻ تي نسورو ناحق ڪندڙ به آهن.
وَ لَقَدْ مَنَنَّا عَلٰى مُوْسٰى وَ هٰرُوْنَۚ۱۱۴
۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون (سلام الله عليهما) تي احسان ڪيا.
وَ نَجَّیْنٰهُمَا وَ قَوْمَهُمَا مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِیْمِۚ۱۱۵
۽ اسان انهن ٻنهين کي ۽ سندن قوم کي سخت تڪليف کان بچايو.
وَ نَصَرْنٰهُمْ فَكَانُوْا هُمُ الْغٰلِبِیْنَۚ۱۱۶
۽ اسان انهن جي مدد ڪئي پوءِ اُهي ئي غالب رهيا.
وَ اٰتَیْنٰهُمَا الْكِتٰبَ الْمُسْتَبِیْنَۚ۱۱۷
۽ اسان انهن ٻنهين کي پڌرو ڪتاب (تورات) ڏنو.
وَ هَدَیْنٰهُمَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِیْمَۚ۱۱۸
۽ اسان انهن ٻنهين کي سڌي واٽ تي هلايو.
وَ تَرَكْنَا عَلَیْهِمَا فِی الْاٰخِرِیْنَۙ۱۱۹
۽ اسان انهن ٻنهين جي پوين ۾ تعريف باقي ڇڏي.
اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِی الْمُحْسِنِیْنَ۱۲۱
بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي ائين بدلو ڏيندا آهيون.
اِنَّهُمَا مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِیْنَ۱۲۲
بيشڪ اُهي ٻئي اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هئا.
اِذْ قَالَ لِقَوْمِهٖۤ اَلَا تَتَّقُوْنَ۱۲۴
جنهن وقت پنهنجي قوم کي چيائين: ”ڇا توهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو.
اَتَدْعُوْنَ بَعْلًا وَّ تَذَرُوْنَ اَحْسَنَ الْخَالِقِیْنَۙ۱۲۵
ڇا توهان بعل (نالي بت) کي پوڄيو ٿا ۽ سڀ کان سهڻي خلقڻهار کي ڇڏيو ٿا؟
اللّٰهَ رَبَّكُمْ وَ رَبَّ اٰبَآىِٕكُمُ الْاَوَّلِیْنَ۱۲۶
”الله“ جيڪو توهان جو پالڻهار آهي ۽ توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پالڻهار آهي“.
فَكَذَّبُوْهُ فَاِنَّهُمْ لَمُحْضَرُوْنَۙ۱۲۷
پوءِ انهن (قوم بعلبڪ وارن) ان کي ڪوڙو چيو پوءِ بيشڪ اُهي (عذاب ۾) حاضر ڪيل هوندا.
اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِی الْمُحْسِنِیْنَ۱۳۱
بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون.
اِنَّهٗ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِیْنَ۱۳۲
بيشڪ اهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.
اِذْ نَجَّیْنٰهُ وَ اَهْلَهٗۤ اَجْمَعِیْنَۙ۱۳۴
جڏهن اسان ان کي ۽ ان جي سڀ گهروارن کي نجات ڏني.
اِلَّا عَجُوْزًا فِی الْغٰبِرِیْنَ۱۳۵
سواءِ ڪراڙي زال جي جا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي.
وَ اِنَّكُمْ لَتَمُرُّوْنَ عَلَیْهِمْ مُّصْبِحِیْنَ۱۳۷
۽ بيشڪ توهان انهن (جي اجڙيل بستين) تان صبح جي وقت گذرو ٿا.
وَ بِالَّیْلِ١ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ۠۱۳۸
۽ رات جو به. ڇا پوءِ به توهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟
اِذْ اَبَقَ اِلَى الْفُلْكِ الْمَشْحُوْنِۙ۱۴۰
جڏهن اُهو (سوار ٿيڻ لاءِ) ڀريل ٻيڙي ڏانهن ڊوڙيو.
فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنَ الْمُدْحَضِیْنَۚ۱۴۱
پوءِ قُرعه اندازي ۾ شريڪ ٿيو ته اهو هارايلن مان ٿي پيو.
فَالْتَقَمَهُ الْحُوْتُ وَ هُوَ مُلِیْمٌ۱۴۲
پوءِ مڇي ان کي ڳهي وئي ۽ اهو (پنهنجي پاڻ تي) پشيمان رهڻ وارو هيو.
فَلَوْ لَاۤ اَنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُسَبِّحِیْنَۙ۱۴۳
پوءِ جيڪڏهن اهو تسبيح چوڻ وارن مان نه هجي ها،
لَلَبِثَ فِیْ بَطْنِهٖۤ اِلٰى یَوْمِ یُبْعَثُوْنَۚ۱۴۴
ته ان (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ ان ڏينهن تائين رهي ها جڏهن ماڻهو (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا.
فَنَبَذْنٰهُ بِالْعَرَآءِ وَ هُوَ سَقِیْمٌۚ۱۴۵
پوءِ اسان ان کي (درياءَ ڪناري) کليل ميدان ۾ ڇڏيو ان حال ۾ جو اهو بيمار هيو.
وَ اَنْۢبَتْنَا عَلَیْهِ شَجَرَةً مِّنْ یَّقْطِیْنٍۚ۱۴۶
۽ اسان ان تي ڪدو جو ولدار (ٻُوٽو) ڄمايو.
وَ اَرْسَلْنٰهُ اِلٰى مِائَةِ اَلْفٍ اَوْ یَزِیْدُوْنَۚ۱۴۷
۽ اسان ان کي هڪ لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن ڏانهن موڪليو.
فَاٰمَنُوْا فَمَتَّعْنٰهُمْ اِلٰى حِیْنٍؕ۱۴۸
پوءِ انهن ايمان آندو پوءِ اسان انهن کي هڪ وقت تائين فائدو پهچايو.
فَاسْتَفْتِهِمْ اَلِرَبِّكَ الْبَنَاتُ وَ لَهُمُ الْبَنُوْنَۙ۱۴۹
پوءِ انهن (مڪي وارن) کان پڇ: ڇا (اها ڳالھ انهن کي لڳي ٿي جو) تنهنجي پالڻهار لاءِ ته هجن نياڻيون ۽ انهن لاءِ هجن پُٽ؟
اَمْ خَلَقْنَا الْمَلٰٓىِٕكَةَ اِنَاثًا وَّ هُمْ شٰهِدُوْنَ۱۵۰
ڇا اسان ملائڪن کي مادي ڪري خلقيو آهي ۽ هي ان وقت موجود هيا!
اَلَاۤ اِنَّهُمْ مِّنْ اِفْكِهِمْ لَیَقُوْلُوْنَۙ۱۵۱
خبردار! بيشڪ اهي پنهنجي بهتان بازي سبب ائين چون ٿا.
وَلَدَ اللّٰهُ١ۙ وَ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ۱۵۲
ته الله اولاد رکي ٿو ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن.
اَصْطَفَى الْبَنَاتِ عَلَى الْبَنِیْنَؕ۱۵۳
ڇا الله پنهنجي لاءِ پٽن جي بجاءِ نياڻين کي پسند ڪيو آهي؟
مَا لَكُمْ١۫ كَیْفَ تَحْكُمُوْنَ۱۵۴
توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ توهان ڪهڙو فيصلو پيا ڪريو؟
فَاْتُوْا بِكِتٰبِكُمْ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۱۵۷
ته پوءِ توهان پنهنجو ڪتاب آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟
وَ جَعَلُوْا بَیْنَهٗ وَ بَیْنَ الْجِنَّةِ نَسَبًا١ؕ وَ لَقَدْ عَلِمَتِ الْجِنَّةُ اِنَّهُمْ لَمُحْضَرُوْنَۙ۱۵۸
۽ انهن (ڪافرن) الله ۽ جِنَن جي وچ ۾ (به) نسبي رشتو مقرر ڪيو آهي. حالانڪه جِنَن کي معلوم آهي ته اُهي به (حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.
سُبْحٰنَ اللّٰهِ عَمَّا یَصِفُوْنَۙ۱۵۹
الله انهن ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.
فَاِنَّكُمْ وَ مَا تَعْبُدُوْنَۙ۱۶۱
پوءِ بيشڪ توهان ۽ توهان جن (بتن) جي پوڄا ڪيو ٿا.
مَاۤ اَنْتُمْ عَلَیْهِ بِفٰتِنِیْنَۙ۱۶۲
توهان سڀ الله جي خلاف (ڪنهن کي) ڀٽڪائي نه ٿا سگهو.
وَ مَا مِنَّاۤ اِلَّا لَهٗ مَقَامٌ مَّعْلُوْمٌۙ۱۶۴
۽ (ملائڪن چيو ته) ”اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن لاءِ مقرر جاءِ نه هجي.
وَ اِنَّا لَنَحْنُ الْمُسَبِّحُوْنَ۱۶۶
۽ بيشڪ اسان (الله جي) پاڪائي بيان ڪرڻ وارا آهيون“.
وَ اِنْ كَانُوْا لَیَقُوْلُوْنَۙ۱۶۷
۽ بيشڪ اُهي (مڪي جا مشرڪ پهريائين) چوندا هئا ته:
لَوْ اَنَّ عِنْدَنَا ذِكْرًا مِّنَ الْاَوَّلِیْنَۙ۱۶۸
”هائو جي اسان وٽ اڳين ماڻهن جو ڪو ڪتاب هجي ها!
لَكُنَّا عِبَادَ اللّٰهِ الْمُخْلَصِیْنَ۱۶۹
ته اسان به ضرور الله جا پسند ڪيل ٻانها هجون ها“.
فَكَفَرُوْا بِهٖ فَسَوْفَ یَعْلَمُوْنَ۱۷۰
پوءِ ان (قرآن) جو انڪار ڪيائون پوءِ (ان جو انجام) جلدي ڄاڻي وٺندا.
وَ لَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا الْمُرْسَلِیْنَۚۖ۱۷۱
۽ بيشڪ اسان جو فرمان (يعني وعدو) اسان جي موڪليل ٻانهن (رسولن) لاءِ اڳ ئي ٿي چڪو آهي.
وَ اِنَّ جُنْدَنَا لَهُمُ الْغٰلِبُوْنَ۱۷۳
۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب ٿيڻ وارو آهي.
وَّ اَبْصِرْهُمْ فَسَوْفَ یُبْصِرُوْنَ۱۷۵
۽ انهن کي ڏسندو رھ پوءِ اُهي به جلد (پنهنجو انجام) ڏسندا.
اَفَبِعَذَابِنَا یَسْتَعْجِلُوْنَ۱۷۶
ڇا پوءِ اُهي اسان جي عذاب جي لاءِ جلدي مچائن ٿا؟
فَاِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمْ فَسَآءَ صَبَاحُ الْمُنْذَرِیْنَ۱۷۷
پوءِ جڏهن (عذاب) سندن اڱڻ ۾ لهندو پوءِ ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو.
وَّ اَبْصِرْ فَسَوْفَ یُبْصِرُوْنَ۱۷۹
۽ انهن کي ڏسندو رھ پوءِ اُهي به جلد (پنهنجو انجام) ڏسندا.
سُبْحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ الْعِزَّةِ عَمَّا یَصِفُوْنَۚ۱۸۰
تنهنجو پالڻهار جيڪو عزت جو مالڪ آهي اهو ان کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.
وَ الْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ۠۱۸۲
۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.
صٓ وَ الْقُرْاٰنِ ذِی الذِّكْرِؕ۱
ص (حقيقي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي نصيحت ڀرئي قرآن جو.
بَلِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فِیْ عِزَّةٍ وَّ شِقَاقٍ۲
بلڪه اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي غرور ۽ مخالفت ۾ (پِيَلَ) آهن.
كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّ لَاتَ حِیْنَ مَنَاصٍ۳
اسان ڪيترين ئي امتن کي انهن کان اڳ هلاڪ ڪيو پوءِ (عذاب ڏسي) دانهون ڪيائون حالانڪه اهو وقت ڇوٽڪاري جو نه هيو.
وَ عَجِبُوْۤا اَنْ جَآءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ١٘ وَ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ هٰذَا سٰحِرٌ كَذَّابٌۖۚ۴
۽ عجب ڪيائون هن ڳالھ جو ته انهن وٽ انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، ۽ ڪافرن چيو ته: ”هي جادوگر آهي ڪوڙو آهي.
اَجَعَلَ الْاٰلِهَةَ اِلٰهًا وَّاحِدًا١ۖۚ اِنَّ هٰذَا لَشَیْءٌ عُجَابٌ۵
ڇا ان سڀ معبودن جو هڪ ئي معبود بنايو آهي. بيشڪ اها وڏي عجب جي ڳالھ آهي“.
وَ انْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَ اصْبِرُوْا عَلٰۤى اٰلِهَتِكُمْ١ۖۚ اِنَّ هٰذَا لَشَیْءٌ یُّرَادُۖۚ۶
۽ انهن مان سردار هي چوندا اٿي هليا ته: ”هلو پنهنجي معبودن (جي پوڄا تي) ڄميل رهو، بيشڪ ان ڳالھ ۾ ضرور ڪو (ذاتي) غرض آهي.
مَا سَمِعْنَا بِهٰذَا فِی الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ١ۖۚ اِنْ هٰذَاۤ اِلَّا اخْتِلَاقٌۖۚ۷
اسان اها ڳالھ پوئين دين (يعني نصرانيت) ۾ به نه ٻڌي، بيشڪ هي رڳو هڪ ٺاھ آهي.
ءَاُنْزِلَ عَلَیْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَیْنِنَا١ؕ بَلْ هُمْ فِیْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِیْ١ۚ بَلْ لَّمَّا یَذُوْقُوْا عَذَابِؕ۸
ڇا اسان سڀني وچان صرف ان تي ئي ذڪر (قرآن) لاٿو ويو آهي“. بلڪه اُهي منهنجي نصيحت جي باري ۾ شڪ ۾ آهن، بلڪه انهن اڃا تائين منهنجي عذاب (جو مزو) نه چکيو آهي.
اَمْ عِنْدَهُمْ خَزَآىِٕنُ رَحْمَةِ رَبِّكَ الْعَزِیْزِ الْوَهَّابِۚ۹
ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جي رحمت جا خزانا آهن؟ جيڪو غالب عطا ڪرڻ وارو آهي.
اَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا١۫ فَلْیَرْتَقُوْا فِی الْاَسْبَابِ۱۰
يا ته انهن وٽ آسمانن ۽ زمين جِي ۽ جو ڪجھ انهن جي وچ ۾ آهي ان جي بادشاهت آهي. (اگر آهي) ته اُهي رسيون ٻڌي (آسمان تي) چڙهن.
جُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ۱۱
هي به (وڏن) لشڪرن مان هڪ (ننڍو) لشڪر آهي جيڪو ان جاءِ (يعني ميدانِ بدر ۾) شڪست کائڻ وارو آهي.
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّ عَادٌ وَّ فِرْعَوْنُ ذُو الْاَوْتَادِۙ۱۲
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن (سان عذاب ڏيڻ) واري به (نبين) کي ڪوڙو چيو هيو.
وَ ثَمُوْدُ وَ قَوْمُ لُوْطٍ وَّ اَصْحٰبُ لْـَٔیْكَةِ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ الْاَحْزَابُ۱۳
۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ٻيلي وارن (يعني شعيب جي قوم وارن) به (ڪوڙو چيو هيو). اُهي (وڏا) لشڪر هئا.
اِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقَابِ۠۱۴
انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو چيو ته (انهن تي) منهنجو عذاب واجب ٿي ويو.
وَ مَا یَنْظُرُ هٰۤؤُلَآءِ اِلَّا صَیْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ۱۵
اُهي (مڪي جا ڪافر) رڳو هڪ ڪڙڪيدار آواز جو انتظار ٿا ڪن جنهن ۾ ڪابه ساهي ڪانه هوندي.
وَ قَالُوْا رَبَّنَا عَجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ یَوْمِ الْحِسَابِ۱۶
۽ چون ٿا ته: ”اسان جا پالڻهار حساب واري ڏينهن کان اڳ ئي اسان کي اسان جو حصو جلدي ڏي“.
اِصْبِرْ عَلٰى مَا یَقُوْلُوْنَ وَ اذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَیْدِ١ۚ اِنَّهٗۤ اَوَّابٌ۱۷
صبر ڪر ان تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ اسان جي ٻانهي دائود کي ياد ڪر جيڪو وڏي قوت وارو هيو، بيشڪ اهو (اسان ڏانهن) رجوع ڪندڙ هيو.
اِنَّا سَخَّرْنَا الْجِبَالَ مَعَهٗ یُسَبِّحْنَ بِالْعَشِیِّ وَ الْاِشْرَاقِۙ۱۸
بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو هيو جيڪي شام ۽ صبح ان سان گڏ (الله جي) پاڪائي بيان ڪندا هئا.
وَ الطَّیْرَ مَحْشُوْرَةً١ؕ كُلٌّ لَّهٗۤ اَوَّابٌ۱۹
۽ پکين کي به جيڪي (ان وٽ) گڏ رهندا هئا. هر هڪ ان ڏانهن (فرمانبرداري لاءِ) رجوع ڪندڙ هيو.
وَ شَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَ اٰتَیْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَ فَصْلَ الْخِطَابِ۲۰
۽ اسان سندس بادشاهي کي مضبوط ڪيو هيو ۽ اسان ان کي حڪمت ۽ فيصله ڪُن اندازِ خطاب عطا ڪيو هيو.
وَ هَلْ اَتٰىكَ نَبَؤُا الْخَصْمِ١ۘ اِذْ تَسَوَّرُوا الْمِحْرَابَۙ۲۱
۽ ڇا تو کي جهڳڙي ڪندڙن جي ڳالھ پهتي آهي. جڏهن ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا؟
اِذْ دَخَلُوْا عَلٰى دَاوٗدَ فَفَزِعَ مِنْهُمْ قَالُوْا لَا تَخَفْ١ۚ خَصْمٰنِ بَغٰى بَعْضُنَا عَلٰى بَعْضٍ فَاحْكُمْ بَیْنَنَا بِالْحَقِّ وَ لَا تُشْطِطْ وَ اهْدِنَاۤ اِلٰى سَوَآءِ الصِّرَاطِ۲۲
جڏهن اُهي دائود وٽ اندر آيا ته هو انهن کان گهٻرائجي ويو انهن چيو ته: ”نه گهٻراءِ، (اسان) ٻه جهڳڙو ڪندڙ آهيون اسان مان هڪڙي ٻئي تي زيادتي ڪئي آهي سو تون اسان جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ نا انصافي نه ڪر ۽ اسان جي سڌي واٽ طرف رهبري ڪر.
اِنَّ هٰذَاۤ اَخِیْ١۫ لَهٗ تِسْعٌ وَّ تِسْعُوْنَ نَعْجَةً وَّلِیَ نَعْجَةٌ وَّاحِدَةٌ١۫ فَقَالَ اَكْفِلْنِیْهَا وَ عَزَّنِیْ فِی الْخِطَابِ۲۳
بيشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي. وٽس نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪ رڍ آهي. پوءِ هي چوي ٿو ته اها به مون کي ڏي ۽ هي ڳالهائڻ ۾ مون کي دٻائي ويو آهي“.
قَالَ لَقَدْ ظَلَمَكَ بِسُؤَالِ نَعْجَتِكَ اِلٰى نِعَاجِهٖ١ؕ وَ اِنَّ كَثِیْرًا مِّنَ الْخُلَطَآءِ لَیَبْغِیْ بَعْضُهُمْ عَلٰى بَعْضٍ اِلَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ قَلِیْلٌ مَّا هُمْ١ؕ وَ ظَنَّ دَاوٗدُ اَنَّمَا فَتَنّٰهُ فَاسْتَغْفَرَ رَبَّهٗ وَ خَرَّ رَاكِعًا وَّ اَنَابَ۩۲۴
(دائود) چيو ته: ”تنهنجي رڍ کي پنهنجي رڍن ۾ ملائڻ جو مطالبو ڪري هن تو تي زيادتي ڪئي آهي. بيشڪ گهڻا گڏجي سڏجي رهڻ وارا هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا، سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ اهڙا ماڻهو ٿورڙا آهن“. ۽ دائود سمجھي ويو ته اسان سندس ئي امتحان ڪيو آهي پوءِ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهريائين ۽ رڪوع ڪندي (سجدي ۾) ڪري پيو ۽ رجوع ڪيائين.
فَغَفَرْنَا لَهٗ ذٰلِكَ١ؕ وَ اِنَّ لَهٗ عِنْدَنَا لَزُلْفٰى وَ حُسْنَ مَاٰبٍ۲۵
پوءِ اسان ان کي اها ڳالھ معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.
یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰكَ خَلِیْفَةً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمْ بَیْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَ لَا تَتَّبِعِ الْهَوٰى فَیُضِلَّكَ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١ؕ اِنَّ الَّذِیْنَ یَضِلُّوْنَ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِیْدٌۢ بِمَا نَسُوْا یَوْمَ الْحِسَابِ۠۲۶
(اسان چيو) ”اي دائود! بيشڪ اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي سو تون ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پٺيان نه هل ورنه اها (خواهش) تو کي الله جي راھ کان هٽائيندي. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي رستي کان گمراھ ٿين ٿا انهن لاءِ سخت عذاب آهي هن ڪري جو انهن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو“.
وَ مَا خَلَقْنَا السَّمَآءَ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَا بَاطِلًا١ؕ ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا١ۚ فَوَیْلٌ لِّلَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنَ النَّارِؕ۲۷
۽ جيڪي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سو اسان بي مقصد پيدا نه ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي، سو اهڙن ڪافرن لاءِ بربادي آهي (جهنم جي) باھ کان.
اَمْ نَجْعَلُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالْمُفْسِدِیْنَ فِی الْاَرْضِ١٘ اَمْ نَجْعَلُ الْمُتَّقِیْنَ كَالْفُجَّارِ۲۸
ڇا اسان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون، انهن ماڻهن وانگر ڪنداسين جي زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن. يا اسان پرهيزگارن کي بدڪارن جهڙو ڪنداسين ڇا؟
كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَیْكَ مُبٰرَكٌ لِّیَدَّبَّرُوْۤا اٰیٰتِهٖ وَ لِیَتَذَكَّرَ اُولُوا الْاَلْبَابِ۲۹
هي ڪتاب (قرآن) برڪت وارو آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي هن لاءِ ته اهي ان جي آيتن ۾ غور ڪن ۽ عقلمند نصيحت پِرائن.
وَ وَهَبْنَا لِدَاوٗدَ سُلَیْمٰنَ١ؕ نِعْمَ الْعَبْدُ١ؕ اِنَّهٗۤ اَوَّابٌؕ۳۰
۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پُٽ) بخشي ڏنو. اهو ڀلو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو (الله ڏانهن) موٽندڙ هيو.
اِذْ عُرِضَ عَلَیْهِ بِالْعَشِیِّ الصّٰفِنٰتُ الْجِیَادُۙ۳۱
جڏهن شام جي وقت ان اڳيان تيز رفتار گهوڙا پيش ڪيا ويا.
فَقَالَ اِنِّیْۤ اَحْبَبْتُ حُبَّ الْخَیْرِ عَنْ ذِكْرِ رَبِّیْ١ۚ حَتّٰى تَوَارَتْ بِالْحِجَابِٙ۳۲
پوءِ چيائين ته: ”بيشڪ مون هن مال جي محبت پنهنجي رب جي ياد جي سبب کان اختيار ڪئي آهي“، ايستائين جو جڏهن اهي گھوڙا (نگاهن کان) اوٽ ۾ اچي ويا.
رُدُّوْهَا عَلَیَّ١ؕ فَطَفِقَ مَسْحًۢا بِالسُّوْقِ وَ الْاَعْنَاقِ۳۳
(فرمايائين) انهن کي مون وٽ موٽائي آڻيو. پوءِ لڳو انهن (گهوڙن) جي پِنِــيُن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرائڻ“.
وَ لَقَدْ فَتَنَّا سُلَیْمٰنَ وَ اَلْقَیْنَا عَلٰى كُرْسِیِّهٖ جَسَدًا ثُمَّ اَنَابَ۳۴
۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمائش ۾ وڌو ۽ اسان ان جي تخت مٿان هڪ جسم آڻي ڦٽو ڪيو. پوءِ ان (اسان ڏانهن) رجوع ڪيو.
قَالَ رَبِّ اغْفِرْ لِیْ وَهَبْ لِیْ مُلْكًا لَّا یَنْۢبَغِیْ لِاَحَدٍ مِّنْۢ بَعْدِیْ١ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَهَّابُ۳۵
چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي معاف ڪر ۽ مون کي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنهن کي به ميسر نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين“.
فَسَخَّرْنَا لَهُ الرِّیْحَ تَجْرِیْ بِاَمْرِهٖ رُخَآءً حَیْثُ اَصَابَۙ۳۶
پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان نرم نرم هلندي هئي جتي به اهو پهچڻ چاهي.
وَ الشَّیٰطِیْنَ كُلَّ بَنَّآءٍ وَّ غَوَّاصٍۙ۳۷
۽ شيطان (به سندس تابع ڪياسين) سڀئي جيڪي عمارتون ٺاهيندڙ ۽ (درياء ۾) ٽٻيون هڻندڙ هئا.
هٰذَا عَطَآؤُنَا فَامْنُنْ اَوْ اَمْسِكْ بِغَیْرِ حِسَابٍ۳۹
(چيوسين) ”هي اسان جي عطا آهي پوءِ تون (ٻين تي) احسان ڪر يا (پاڻ تائين) روڪ (توتي) ڪوبه حساب نه آهي“.
وَ اِنَّ لَهٗ عِنْدَنَا لَزُلْفٰى وَ حُسْنَ مَاٰبٍ۠۴۰
۽ بيشڪ ان لاءِ اسان جي بارگاھ ۾ خصوصي قرب ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.
وَ اذْكُرْ عَبْدَنَاۤ اَیُّوْبَ١ۘ اِذْ نَادٰى رَبَّهٗۤ اَنِّیْ مَسَّنِیَ الشَّیْطٰنُ بِنُصْبٍ وَّ عَذَابٍؕ۴۱
۽ اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر. جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ته: ”بيشڪ شيطان مون کي اذيت ۽ تڪليف پهچائي آهي“.
اُرْكُضْ بِرِجْلِكَ١ۚ هٰذَا مُغْتَسَلٌۢ بَارِدٌ وَّ شَرَابٌ۴۲
(چيوسين ته) ”پنهنجو پير (زمين تي) هڻ، هي ٿڌو چشمو وهنجڻ لاءِ ۽ پيئڻ لاءِ“.
وَ وَهَبْنَا لَهٗۤ اَهْلَهٗ وَ مِثْلَهُمْ مَّعَهُمْ رَحْمَةً مِّنَّا وَ ذِكْرٰى لِاُولِی الْاَلْبَابِ۴۳
۽ اسان ان کي سندس گهر وارا واپس ڏنا ۽ انهن سان گڏ ان جي برابر (وڌيڪ اهل و عيال ڏنا) اسان طرفان رحمت ۽ عقلمندن لاءِ نصيحت بنائي.
وَ خُذْ بِیَدِكَ ضِغْثًا فَاضْرِبْ بِّهٖ وَ لَا تَحْنَثْ١ؕ اِنَّا وَجَدْنٰهُ صَابِرًا١ؕ نِعْمَ الْعَبْدُ١ؕ اِنَّهٗۤ اَوَّابٌ۴۴
۽ (اي ايوب) تون پنهنجي هٿ ۾ تيلين جي مُٺِ (ٻهارو) وٺ ۽ (قسم پورو ڪرڻ لاءِ) ان سان (هڪ ڀيرو زال کي) مار ۽ قسم نه ٽوڙ. بيشڪ اسان ان کي صبر وارو لڌو. ڪهڙو نه سٺو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو ڏاڍو رجوع ڪرڻ وارو هيو.
وَ اذْكُرْ عِبٰدَنَاۤ اِبْرٰهِیْمَ وَ اِسْحٰقَ وَ یَعْقُوْبَ اُولِی الْاَیْدِیْ وَ الْاَبْصَارِ۴۵
۽ اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جيڪي وڏي قوت ۽ نظر وارا هئا.
اِنَّاۤ اَخْلَصْنٰهُمْ بِخَالِصَةٍ ذِكْرَى الدَّارِۚ۴۶
بيشڪ اسان انهن کي هڪ خالص صفت سبب برگزيدو بنايو هيو اها (صفت) آخرت جي ياد هئي.
وَ اِنَّهُمْ عِنْدَنَا لَمِنَ الْمُصْطَفَیْنَ الْاَخْیَارِؕ۴۷
۽ بيشڪ اُهي اسان وٽ چونڊيل (۽) پسند ڪيل ٻانهن مان هئا.
وَ اذْكُرْ اِسْمٰعِیْلَ وَ الْیَسَعَ وَ ذَا الْكِفْلِ١ؕ وَ كُلٌّ مِّنَ الْاَخْیَارِؕ۴۸
۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل کي به ياد ڪر. ۽ اُهي سڀ چونڊيل ٻانهن مان هئا.
هٰذَا ذِكْرٌ١ؕ وَ اِنَّ لِلْمُتَّقِیْنَ لَحُسْنَ مَاٰبٍۙ۴۹
هيءَ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.
جَنّٰتِ عَدْنٍ مُّفَتَّحَةً لَّهُمُ الْاَبْوَابُۚ۵۰
سدا بهار باغات آهن جن جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن.
مُتَّكِـِٕیْنَ فِیْهَا یَدْعُوْنَ فِیْهَا بِفَاكِهَةٍ كَثِیْرَةٍ وَّ شَرَابٍ۵۱
اُهي ان ۾ ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا ان ۾ گهڻا ميوا ۽ شربت پيا گهرائيندا.
وَ عِنْدَهُمْ قٰصِرٰتُ الطَّرْفِ اَتْرَابٌ۵۲
۽ انهن وٽ جهُڪيل نگاهن واريون (شرميليون) هم عمر گھر واريون (حورون) هونديون.
هٰذَا مَا تُوْعَدُوْنَ لِیَوْمِ الْحِسَابِ۵۳
هي اُهي (نعمتون) آهن جن جو حساب واري ڏينهن لاءِ توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.
اِنَّ هٰذَا لَرِزْقُنَا مَا لَهٗ مِنْ نَّفَادٍۚۖ۵۴
بيشڪ هي اسان جي بخشش آهي جنهن کي ڪا کوٽ ناهي.
هٰذَا١ؕ وَ اِنَّ لِلطّٰغِیْنَ لَشَرَّ مَاٰبٍۙ۵۵
هي (مؤمنن لاءِ آهي). ۽ بيشڪ سرڪشن لاءِ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.
جَهَنَّمَ١ۚ یَصْلَوْنَهَا١ۚ فَبِئْسَ الْمِهَادُ۵۶
(اها جاءِ) جهنم آهي ان ۾ اُهي داخل ٿيندا، سا بڇڙي قيام گاھ آهي.
هٰذَا١ۙ فَلْیَذُوْقُوْهُ حَمِیْمٌ وَّ غَسَّاقٌۙ۵۷
هي (عذاب آهي). پوءِ ڀلي ته ان کي چکن (اهو) ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پُونءِ آهي.
هٰذَا فَوْجٌ مُّقْتَحِمٌ مَّعَكُمْ١ۚ لَا مَرْحَبًۢا بِهِمْ١ؕ اِنَّهُمْ صَالُوا النَّارِ۵۹
(جهنم وارا اتي ايندڙ نئين ٽولي کي ڏسي چوندا) هي هڪ (ڏوهارين جي) فوج آهي جيڪا توهان سان گڏ (جهنم ۾) داخل ٿي رهي آهي انهن کي ڪا خوش آمديد ناهي. بيشڪ اُهي دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن.
قَالُوْا بَلْ اَنْتُمْ١۫ لَا مَرْحَبًۢا بِكُمْ١ؕ اَنْتُمْ قَدَّمْتُمُوْهُ لَنَا١ۚ فَبِئْسَ الْقَرَارُ۶۰
اُهي (اچڻ وارا) چوندا: ”بلڪه توهان ئي آهيو جن جي لاءِ ڪا خوش آمديد نه آهي. توهان ئي ته هي (ڪفر ۽ عذاب) اسان جي اڳيان پيش ڪيو. پوءِ ڏاڍي بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي“
قَالُوْا رَبَّنَا مَنْ قَدَّمَ لَنَا هٰذَا فَزِدْهُ عَذَابًا ضِعْفًا فِی النَّارِ۶۱
چوندا: ”اي اسان جا پالڻهار! جنهن هي (مصيبت) اسان جي سامهون آندي آهي تنهن کي باھ ۾ ٻيڻو عذاب وڌائي ڏي“.
وَ قَالُوْا مَا لَنَا لَا نَرٰى رِجَالًا كُنَّا نَعُدُّهُمْ مِّنَ الْاَشْرَارِؕ۶۲
۽ چوندا ته: ”ڇا ڳالھ آهي؟ جو اسان انهن مردن کي (هتي جهنم ۾) نه ٿا ڏسون جن کي اسان بڇرن ماڻهن ۾ شمار ڪندا هئاسين.
اَتَّخَذْنٰهُمْ سِخْرِیًّا اَمْ زَاغَتْ عَنْهُمُ الْاَبْصَارُ۶۳
ڇا اسان انهن تان (ناحق) مسخريون ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون انهن (جي سڃاڻڻ) کان تِرڪي ويون آهن“؟
اِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخَاصُمُ اَهْلِ النَّارِ۠۶۴
بيشڪ هي ڳالھ سچي آهي دوزخين جا پاڻ ۾ اهي جهڳڙا ٿيڻ وارا آهن.
قُلْ اِنَّمَاۤ اَنَا مُنْذِرٌ١ۖۗ وَّ مَا مِنْ اِلٰهٍ اِلَّا اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُۚ۶۵
چؤ ته: ”آءٌ صرف ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي جو اڪيلو سڀ تي غالب آهي.
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا الْعَزِیْزُ الْغَفَّارُ۶۶
پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ انهن جي وچ ۾ آهي (سڀني) جو غالب، وڏو بخشڻهار آهي“.
مَا كَانَ لِیَ مِنْ عِلْمٍۭ بِالْمَلَاِ الْاَعْلٰۤى اِذْ یَخْتَصِمُوْنَ۶۹
(انهن کي چؤ) ”مون کي انهن بلند قدر ملائڪن (جي گفتگو) جي (از خود) خبر نه هئي جڏهن اُهي پاڻ ۾ تڪرار ڪري رهيا هئا.
اِنْ یُّوْحٰۤى اِلَیَّ اِلَّاۤ اَنَّمَاۤ اَنَا نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌ۷۰
مون ڏي فقط اها وحي ڪئي وڃي ٿي ته ”آءٌ ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان“.
اِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلٰٓىِٕكَةِ اِنِّیْ خَالِقٌۢ بَشَرًا مِّنْ طِیْنٍ۷۱
(ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته: ”بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان.
فَاِذَا سَوَّیْتُهٗ وَ نَفَخْتُ فِیْهِ مِنْ رُّوْحِیْ فَقَعُوْا لَهٗ سٰجِدِیْنَ۷۲
پوءِ جڏهن آءٌ ان کي ٺاهي ٺيڪ ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان جي (تعظيم) لاءِ سجدو ڪندي ڪِري پئجو“.
اِلَّاۤ اِبْلِیْسَ١ؕ اِسْتَكْبَرَ وَ كَانَ مِنَ الْكٰفِرِیْنَ۷۴
سواءِ ابليس جي. ان وڏائي ڪئي ۽ اهو هيو ئي ڪافرن مان.
قَالَ یٰۤاِبْلِیْسُ مَا مَنَعَكَ اَنْ تَسْجُدَ لِمَا خَلَقْتُ بِیَدَیَّ١ؕ اَسْتَكْبَرْتَ اَمْ كُنْتَ مِنَ الْعَالِیْنَ۷۵
(الله) فرمايو: ”اي ابليس تو کي ڪنهن روڪيو؟ ان کي سجدو ڪرڻ کان جنهن کي مون خود پنهنجي (قدرت جي) هٿن سان ٺاهيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون (پنهنجي ليکي) بلند درجي وارن مان آهين“؟
قَالَ اَنَا خَیْرٌ مِّنْهُ١ؕ خَلَقْتَنِیْ مِنْ نَّارٍ وَّ خَلَقْتَهٗ مِنْ طِیْنٍ۷۶
(شيطان) چيو: ”مان ان کان بهترآهيان. تو مون کي باھ مان پيدا ڪيو آهي ۽ تو ان کي مٽيءَ مان خلقيو آهي“.
قَالَ فَاخْرُجْ مِنْهَا فَاِنَّكَ رَجِیْمٌۚۖ۷۷
(الله) فرمايو ته: ”پوءِ تون ان (جنت) مان نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين.
وَّ اِنَّ عَلَیْكَ لَعْنَتِیْۤ اِلٰى یَوْمِ الدِّیْنِ۷۸
۽ بيشڪ تو تي بدلي واري ڏينهن تائين منهنجي لعنت آهي“.
قَالَ رَبِّ فَاَنْظِرْنِیْۤ اِلٰى یَوْمِ یُبْعَثُوْنَ۷۹
ان چيو: ”اي منهنجا پالڻهار پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ڏينهن ماڻهو (قبرن مان) اٿاريا ويندا“.
قَالَ فَبِعِزَّتِكَ لَاُغْوِیَنَّهُمْ اَجْمَعِیْنَۙ۸۲
ان چيو: ”پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آءٌ انهن سڀني کي گمراھ ڪندو رهندس.
قَالَ فَالْحَقُّ١٘ وَ الْحَقَّ اَقُوْلُۚ۸۴
فرمايائين ته: ”پوءِ سچي ڳالھ هي آهي ۽ آءٌ سچ ئي چوان ٿو.
لَاَمْلَـَٔنَّ جَهَنَّمَ مِنْكَ وَ مِمَّنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ اَجْمَعِیْنَ۸۵
ته آءٌ تو مان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن مان ضرور دوزخ کي ڀريندس“.
قُلْ مَاۤ اَسْـَٔلُكُمْ عَلَیْهِ مِنْ اَجْرٍ وَّ مَاۤ اَنَا مِنَ الْمُتَكَلِّفِیْنَ۸۶
(اي نبي) تون فرماءِ ته: ”آءٌ اوهان کان هن (تبليغِ دين) تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران ۽ نه ئي آءٌ ڏيکاءُ ڪرڻ وارن مان آهيان.
وَ لَتَعْلَمُنَّ نَبَاَهٗ بَعْدَ حِیْنٍ۠۸۸
۽ توهان ضرور ان خبر (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندؤ ڪجھ وقت کان پوءِ“.
تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْحَكِیْمِ۱
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرف کان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.
اِنَّاۤ اَنْزَلْنَاۤ اِلَیْكَ الْكِتٰبَ بِالْحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّیْنَؕ۲
بيشڪ اسان تو ڏانهن (هي) ڪتاب حق سان نازل ڪيو پوءِ تون الله جي عبادت ڪر ان جي لاءِ دين کي خالص بنائيندي.
اَلَا لِلّٰهِ الدِّیْنُ الْخَالِصُ١ؕ وَ الَّذِیْنَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖۤ اَوْلِیَآءَ١ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِیُقَرِّبُوْنَاۤ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یَحْكُمُ بَیْنَهُمْ فِیْ مَا هُمْ فِیْهِ یَخْتَلِفُوْنَ١ؕ۬ اِنَّ اللّٰهَ لَا یَهْدِیْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ۳
خبردار! الله لاءِ ئي خالص دين آهي. ۽ اهي ماڻهو جن الله کان سواءِ (بتن) کي دوست بنايو آهي. (چون ٿا ته) اسان انهن جي پوڄا صرف هن لاءِ ڪيون ٿا ته اُهي اسان کي الله جي حضور ۾ ويجهو ڪن. بيشڪ الله انهن جي وچ ۾ ان ڳالھ جو فيصلو ڪندو جنهن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا. بيشڪ الله ان شخص کي هدايت نه ٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو، وڏو بي شڪر آهي.
لَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ یَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِمَّا یَخْلُقُ مَا یَشَآءُ١ۙ سُبْحٰنَهٗ١ؕ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ۴
جيڪڏهن الله چاهي ها ته ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنائي ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي چاهي ها چونڊي ها، اهو پاڪ آهي. اهو الله آهي جيڪو اڪيلو آهي سڀني تي غالب آهي.
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ بِالْحَقِّ١ۚ یُكَوِّرُ الَّیْلَ عَلَى النَّهَارِ وَ یُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَى الَّیْلِ وَ سَخَّرَ الشَّمْسَ وَ الْقَمَرَ١ؕ كُلٌّ یَّجْرِیْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى١ؕ اَلَا هُوَ الْعَزِیْزُ الْغَفَّارُ۵
آسمانن ۽ زمين کي صحيح تدبير سان پيدا ڪيائين، اُهو رات کي ڏينهن تي ويڙهي ٿو ۽ ڏينهن کي رات تي ويڙهي ٿو ۽ ان سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو آهي. جو هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. خبردار! اهو ئي غالب بخشڻهار آهي.
خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَ اَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَمٰنِیَةَ اَزْوَاجٍ١ؕ یَخْلُقُكُمْ فِیْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِیْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ١ؕ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ١ؕ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ١ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ۶
ان اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو پوءِ ان مان ان جو جوڙو بنايائين ۽ اوهان لاءِ جانورن مان اٺ جوڙا (نر ۽ مادي) لاٿائين. اهو توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ هڪ بناوٽ کان پوءِ ٻي بناوٽ تي خلقي ٿو ٽن اونداهين (جي پردن) ۾. اُهو الله آهي جيڪو توهان جو پالڻهار آهي ان جي بادشاهي آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي پوءِ توهان ڪاڏي ڀٽڪايا وڃو ٿا.
اِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِیٌّ عَنْكُمْ١۫ وَ لَا یَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ١ۚ وَ اِنْ تَشْكُرُوْا یَرْضَهُ لَكُمْ١ؕ وَ لَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى١ؕ ثُمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَیُنَبِّئُكُمْ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ١ؕ اِنَّهٗ عَلِیْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ۷
اگر توهان ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله اوهان کان بي نياز آهي. ۽ اهو پنهنجي ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نه ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن توهان شڪر گذاري ڪندؤ ته ان کي توهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ ڪو بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو (گناهن جو) بار نه کڻندو. پوءِ توهان جو توهان جي پالڻهار ڏانهن موٽڻ آهي پوءِ اهو توهان کي انهن ڪمن کان خبروار ڪندو جيڪي توهان ڪندا هئا. بيشڪ اُهو سينن جي (لڪل) ڳالهين کي ڄاڻڻ وارو آهي.
وَ اِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِیْبًا اِلَیْهِ ثُمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِیَ مَا كَانَ یَدْعُوْۤا اِلَیْهِ مِنْ قَبْلُ وَ جَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّیُضِلَّ عَنْ سَبِیْلِهٖ١ؕ قُلْ تَمَتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِیْلًا١ۖۗ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ۸
۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اهو پنهنجي پالڻهار ڏانهن رجوع ٿيندڙ بنجي ان کي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته اهو ان (تڪليف) کي وساري ڇڏي ٿو جنهن لاءِ پهريائين دعا ڪندو هيو، ۽ الله جي واسطي (بتن کي) شريڪ بنائي ٿو، هن لاءِ ته (ٻين کي به) ان جي راھ تان ڀٽڪائي. چؤ تون ٿورا ڏينهن پنهنجي ڪفر مان مزا وٺ، بيشڪ تون دوزخين مان آهين.
اَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَآءَ الَّیْلِ سَاجِدًا وَّ قَآىِٕمًا یَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَ یَرْجُوْا رَحْمَةَ رَبِّهٖ١ؕ قُلْ هَلْ یَسْتَوِی الَّذِیْنَ یَعْلَمُوْنَ وَ الَّذِیْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ١ؕ اِنَّمَا یَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ۠۹
ڇا (اهو بي فرمان ڀلو آهي يا) اهو (فرمانبردار) جيڪو رات جي گهڙين ۾ سجدن ۽ قيام جي حالت ۾ عبادت ڪرڻ وارو آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو، ۽ پنهنجي پالڻهار جي رحمت ۾ اميد رکي ٿو. چؤ ڇا جيڪي علم رکن ٿا ۽ جيڪي علم نه ٿا رکن سي پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ نصيحت ته صرف عقل وارا ئي قبول ڪن ٿا.
قُلْ یٰعِبَادِ الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ١ؕ لِلَّذِیْنَ اَحْسَنُوْا فِیْ هٰذِهِ الدُّنْیَا حَسَنَةٌ١ؕ وَ اَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ١ؕ اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَیْرِ حِسَابٍ۱۰
چؤ ته اي منهنجا ايمان وارا ٻانهئو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهو. اهڙن ماڻهن لاءِ جن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي سهڻو بدلو آهي. ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي. بلاشڪ صبر ڪرڻ وارن کي سندن اجر بنا حساب جي ڏنو ويندو.
قُلْ اِنِّیْۤ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّیْنَۙ۱۱
چؤ ته بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ الله جي عبادت ڪيان پنهنجي عبادت کي خالص الله لاءِ بنائيندي.
وَ اُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِیْنَ۱۲
۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ سڀ کان پهريون فرمانبردار ٿيان.
قُلْ اِنِّیْۤ اَخَافُ اِنْ عَصَیْتُ رَبِّیْ عَذَابَ یَوْمٍ عَظِیْمٍ۱۳
چؤ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار جي بي فرماني ڪيان ته زبردست ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
قُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُخْلِصًا لَّهٗ دِیْنِیْۙ۱۴
چؤ آءٌ صرف الله لاءِ عبادت ڪيان ٿو پنهنجي دين کي ان لاءِ خالص بنائيندي.
فَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ١ؕ قُلْ اِنَّ الْخٰسِرِیْنَ الَّذِیْنَ خَسِرُوْۤا اَنْفُسَهُمْ وَ اَهْلِیْهِمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ١ؕ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِیْنُ۱۵
پوءِ توهان ان (الله) کان سواءِ جنهن جي چاهيو پوڄا ڪيو. چؤ بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي قيامت واري ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار اهو ئي ته چِٽو پِٽو نقصان آهي.
لَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَلٌ مِّنَ النَّارِ وَ مِنْ تَحْتِهِمْ ظُلَلٌ١ؕ ذٰلِكَ یُخَوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ١ؕ یٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ۱۶
انهن لاءِ انهن جي مٿان باھ جون ڇَٽِيُون هونديون ۽ انهن جي هيٺان (به اهڙيون) ڇٽيون هونديون. هي اهو انجام آهي جنهن کان الله پنهنجي ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. اي منهنجا ٻانها مون کان ئي ڊڄندا رهو.
وَ الَّذِیْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ یَّعْبُدُوْهَا وَ اَنَابُوْۤا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى١ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِۙ۱۷
۽ جيڪي ماڻهو بتن جي پوڄا کان بچيا ۽ الله جي طرف رجوع ڪيائون انهن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ منهنجي انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌاءِ.
الَّذِیْنَ یَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَیَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ۱۸
جيڪي ڳالھ (غور سان) ٻڌن ٿا پوءِ ان بهترين ڳالھ جي تابعداري ڪن ٿا. اهي ماڻهو آهن جن کي الله هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي سياڻا آهن.
اَفَمَنْ حَقَّ عَلَیْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ١ؕ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِی النَّارِۚ۱۹
ڇا پوءِ جنهن تي عذاب جي ڳالھ ثابت ٿي چڪي آهي. (سو بخشيل ماڻهن وانگر ٿي سگھي ٿو؟) ڇا پوءِ تون (ازخود) ان کي ڇڏائي سگهين ٿو جيڪو دوزخ ۾ آهي؟
لٰكِنِ الَّذِیْنَ اتَّقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِیَّةٌ١ۙ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ١ؕ۬ وَعْدَ اللّٰهِ١ؕ لَا یُخْلِفُ اللّٰهُ الْمِیْعَادَ۲۰
پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان ڊنا تن لاءِ (بهشت ۾) ماڙيون آهن جن جي مٿان بالا خانا بنايل آهن، انهن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن. هي الله جو وعدو آهي. الله وعده خلافي ڪو نه ڪندو آهي.
اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَلَكَهٗ یَنَابِیْعَ فِی الْاَرْضِ ثُمَّ یُخْرِجُ بِهٖ زَرْعًا مُّخْتَلِفًا اَلْوَانُهٗ ثُمَّ یَهِیْجُ فَتَرٰىهُ مُصْفَرًّا ثُمَّ یَجْعَلُهٗ حُطَامًا١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَذِكْرٰى لِاُولِی الْاَلْبَابِ۠۲۱
ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي لاٿو پوءِ زمين ۾ ان جا چشما وهايائين پوءِ ان جي ذريعي پوکون ڄمايائين جن جا رنگ جدا جدا آهن پوءِ اها سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي (پچڻ بعد) ڦڪو ٿيل ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ دانائن لاءِ وڏي نصيحت آهي.
اَفَمَنْ شَرَحَ اللّٰهُ صَدْرَهٗ لِلْاِسْلَامِ فَهُوَ عَلٰى نُوْرٍ مِّنْ رَّبِّهٖ١ؕ فَوَیْلٌ لِّلْقٰسِیَةِ قُلُوْبُهُمْ مِّنْ ذِكْرِ اللّٰهِ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ فِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ۲۲
ڇا پوءِ الله جنهن جو سينو اسلام لاءِ کولي ڇڏيو آهي پوءِ اهو پنهنجي پالڻهار جي طرفان نور تي (فائز) آهي. (سو سخت دل ماڻهو وانگر ٿيندو ڇا؟) پوءِ انهن ماڻهن لاءِ بربادي آهي جن جون دليون الله جي ياد کان سخت آهن. اُهي ظاهر ظهور گمراهي ۾ آهن.
اَللّٰهُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیْثِ كِتٰبًا مُّتَشَابِهًا مَّثَانِیَ١ۖۗ تَقْشَعِرُّ مِنْهُ جُلُوْدُ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ١ۚ ثُمَّ تَلِیْنُ جُلُوْدُهُمْ وَ قُلُوْبُهُمْ اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ١ؕ ذٰلِكَ هُدَى اللّٰهِ یَهْدِیْ بِهٖ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ مَنْ یُّضْلِلِ اللّٰهُ فَمَا لَهٗ مِنْ هَادٍ۲۳
الله بهترين ڪلام نازل فرمايو آهي جيڪو اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ملندڙ بار بار دُهرايل آهن، جنهن (جي ٻڌڻ) سان انهن ماڻهن جي کلن جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا. وري انهن جون کلون ۽ انهن جون دليون الله جي ياد ۾ نرم ٿي پون ٿيون. اها الله جي هدايت آهي جنهن کي چاهي تنهن کي ان سان هدايت ڪري. ۽ جنهن کي الله گمراھ ڪري ٿو ته پوءِ ان لاءِ ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي.
اَفَمَنْ یَّتَّقِیْ بِوَجْهِهٖ سُوْٓءَ الْعَذَابِ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ١ؕ وَ قِیْلَ لِلظّٰلِمِیْنَ ذُوْقُوْا مَا كُنْتُمْ تَكْسِبُوْنَ۲۴
ڇا پوءِ اُهو ماڻهو جيڪو قيامت واري ڏينهن بڇڙي عذاب کي پنهنجي چهري کان روڪيندو (يعني ان کي ڪا بچاءُ جي ڍال نه هوندي). ۽ اهڙن ظالمن کي چيو ويندو ان بدعملين جو مزو چکو جيڪي توهان ڪمائيندا هئا.
كَذَّبَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَاَتٰىهُمُ الْعَذَابُ مِنْ حَیْثُ لَا یَشْعُرُوْنَ۲۵
انهن کان اڳين به (نبين کي) ڪوڙو چيو هيو پوءِ انهن تي اتان عذاب آيو جتان انهن سوچيو به نه هيو.
فَاَذَاقَهُمُ اللّٰهُ الْخِزْیَ فِی الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا١ۚ وَ لَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَكْبَرُ١ۘ لَوْ كَانُوْا یَعْلَمُوْنَ۲۶
پوءِ الله کين دنيا جي زندگيءَ ۾ (ئي) خواريءَ (جو مزو) چکايو، ۽ پڪ سان آخرت جو عذاب تمام وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن ها.
وَ لَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِیْ هٰذَا الْقُرْاٰنِ مِنْ كُلِّ مَثَلٍ لَّعَلَّهُمْ یَتَذَكَّرُوْنَۚ۲۷
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي فهمائش) لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته جيئن اُهي نصيحت پرائن.
قُرْاٰنًا عَرَبِیًّا غَیْرَ ذِیْ عِوَجٍ لَّعَلَّهُمْ یَتَّقُوْنَ۲۸
قرآن عربي زبان ۾ آهي جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي جيئن اُهي تقويٰ اختيار ڪن.
ضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا رَّجُلًا فِیْهِ شُرَكَآءُ مُتَشٰكِسُوْنَ وَ رَجُلًا سَلَمًا لِّرَجُلٍ١ؕ هَلْ یَسْتَوِیٰنِ مَثَلًا١ؕ اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ١ۚ بَلْ اَكْثَرُهُمْ لَا یَعْلَمُوْنَ۲۹
الله هڪ مثال بيان فرمائي ٿو اهڙي (غلام) مرد جو جنهن جي مالڪ هجڻ ۾ ڪيئي بداخلاق ماڻهو شريڪ آهن (جي ان کي پنهنجي پنهنجي پاسي ڇڪن ٿا) ۽ (ٻيو) هڪ شخص آهي جو صرف هڪ ئي ماڻهو جو غلام آهي ڇا اهي ٻئي حالت جي لحاظ کان برابر ٿي سگهن ٿا (هرگز نه). سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. پر انهن مان گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.
اِنَّكَ مَیِّتٌ وَّ اِنَّهُمْ مَّیِّتُوْنَ٘۳۰
بيشڪ تو کي به موت (جو ذائقو) ايندو ۽ بيشڪ اُهي به مرڻ وارا آهن.
ثُمَّ اِنَّكُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ عِنْدَ رَبِّكُمْ تَخْتَصِمُوْنَ۠۳۱
پوءِ بيشڪ توهان قيامت واري ڏينهن پنهنجي پالڻهار جي حضور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندؤ.