قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 30 starts at Surah An-Naba ayah 1 and ends at Surah 114 ayah 6. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
وَّ بَنَیْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًاۙ۱۲
۽ اسان توهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا آهن.
وَّ اَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْصِرٰتِ مَآءً ثَجَّاجًاۙ۱۴
۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي نازل ڪيو آهي.
یَّوْمَ یُنْفَخُ فِی الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًاۙ۱۸
جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
وَّ فُتِحَتِ السَّمَآءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًاۙ۱۹
۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ (ان ۾) دروازا دروازا ٿي پوندا.
وَّ سُیِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًاؕ۲۰
۽ جبل هلايا ويندا پوءِ اُهي رُڃَ وانگر ٿي پوندا.
لَا یَذُوْقُوْنَ فِیْهَا بَرْدًا وَّ لَا شَرَابًاۙ۲۴
نه ان ۾ اُهي ڪنهن ٿڌاڻ جو مزو چکندا نه ڪنهن پيئڻ جي شيءِ جو.
اِلَّا حَمِیْمًا وَّ غَسَّاقًاۙ۲۵
سواءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ (دوزخين جي ڦٽن مان نڪتل) گند جي.
فَذُوْقُوْا فَلَنْ نَّزِیْدَكُمْ اِلَّا عَذَابًا۠۳۰
پوءِ توهان (پنهنجي بدعملين جو مزو) چکو اسان توهان تي عذاب کان سواءِ ڪجھ نه وڌائينداسين.
لَا یَسْمَعُوْنَ فِیْهَا لَغْوًا وَّ لَا كِذّٰبًاۚ۳۵
ان ۾ نه بيهودي ڳالھ ٻڌندا ۽ نه ڪوڙي ڳالھ.
جَزَآءً مِّنْ رَّبِّكَ عَطَآءً حِسَابًاۙ۳۶
هي تنهنجي پالڻهار جي طرفان (نيڪ عملن جو) بدلو آهي جيڪو ڪافي انعام آهي.
رَّبِّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا الرَّحْمٰنِ لَا یَمْلِكُوْنَ مِنْهُ خِطَابًاۚ۳۷
(اُهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ تن (سڀن) جو، وڏو مهربان آهي (پوءِ به ان جي اذن کان سواءِ) ان سان (روزِ محشر) ڳالهائي نه سگهندا.
یَوْمَ یَقُوْمُ الرُّوْحُ وَ الْمَلٰٓىِٕكَةُ صَفًّا١ۙۗؕ لَّا یَتَكَلَّمُوْنَ اِلَّا مَنْ اَذِنَ لَهُ الرَّحْمٰنُ وَ قَالَ صَوَابًا۳۸
جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا ته ڪيرَ به ڳالهائي نه سگهندا سواءِ ان جي جنهن کي رحمان اجازت ڏئي ۽ اُهو ڳالھ به سڌي چوي.
ذٰلِكَ الْیَوْمُ الْحَقُّ١ۚ فَمَنْ شَآءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ مَاٰبًا۳۹
اُهو ڏينهن برحق آهي پوءِ جيڪو چاهي (صالح عمل ڪري) پنهنجي پالڻهار وٽ ٽڪاڻو بڻائي.
اِنَّاۤ اَنْذَرْنٰكُمْ عَذَابًا قَرِیْبًا١ۖۚ۬ یَّوْمَ یَنْظُرُ الْمَرْءُ مَا قَدَّمَتْ یَدٰهُ وَ یَقُوْلُ الْكٰفِرُ یٰلَیْتَنِیْ كُنْتُ تُرٰبًا۠۴۰
بيشڪ اسان اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. ان ڏينهن هر ماڻهو انهن (عملن) کي ڏسي وٺندو جيڪي ان اڳتي موڪليا آهن ۽ ڪافر چوندو ته: ”هائو جي آءٌ مٽي هجان ها“!
وَ النّٰزِعٰتِ غَرْقًاۙ۱
قسم آهي (ڪافرن جو ساھ) سختيءَ سان ڇڪي ڪڍڻ وارن (ملائڪن) جو.
وَّ النّٰشِطٰتِ نَشْطًاۙ۲
(۽ مؤمنن جو ساھ) آهستگي سان ڪڍي وڃڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.
فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ۵
پوءِ (ڪائنات جي معاملن ۾) ڪم جي تدبير ڪرڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.
یَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِی الْحَافِرَةِؕ۱۰
(ڪافر) چون ٿا ته: ”ڇا اسان وري پهرئين حالت ڏي موٽايا وينداسين؟
قَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌۘ۱۲
چون ٿا ته: ”اهو (موٽڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ هوندو“.
اِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًىۚ۱۶
جڏهن کيس سندس پالڻهار طويٰ جي پاڪ وادي ۾ سڏيو هيو.
اِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى٘ۖ۱۷
ته: ”تون فرعون ڏانهن وڃ اهو سرڪش ٿي ويو آهي.
فَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰۤى اَنْ تَزَكّٰىۙ۱۸
پوءِ (کيس) چؤ ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته تون پاڪ ٿين؟
وَ اَهْدِیَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰىۚ۱۹
۽ آءٌ تنهنجي پالڻهار ڏانهن تنهنجي رهنمائي ڪيان ته تون (ان کان) ڊڄين“.
فَقَالَ اَنَا رَبُّكُمُ الْاَعْلٰى٘ۖ۲۴
پوءِ چيائين: ”آءٌ اوهان جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان“.
فَاَخَذَهُ اللّٰهُ نَكَالَ الْاٰخِرَةِ وَ الْاُوْلٰىؕ۲۵
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.
اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّمَنْ یَّخْشٰى٢ؕ۠۲۶
بيشڪ ان (قصي ۾) ان ماڻهوءَ عبرت آهي لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو.
ءَاَنْتُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمِ السَّمَآءُ١ؕ بَنٰىهَاٙ۲۷
ڇا توهان جو پيدا ڪرڻ وڌيڪ سخت آهي يا آسمان جو؟ جنهن کي ان بنايو آهي.
رَفَعَ سَمْكَهَا فَسَوّٰىهَاۙ۲۸
ان جي ڇت اوچي ڪيائين پوءِ ان کي ٺيڪ طرح سڌو ڪيائين.
وَ اَغْطَشَ لَیْلَهَا وَ اَخْرَجَ ضُحٰىهَا۪۲۹
۽ ان جي رات کي اونداهو ڪيائين ۽ ان جي روشني (ڏينهن) کي ظاهر ڪيائين.
مَتَاعًا لَّكُمْ وَ لِاَنْعَامِكُمْؕ۳۳
(اُهو جياپي جو سامان) اوهان لاءِ ۽ اوهان جي جانورن جي فائدي لاءِ (ڪيائين).
یَوْمَ یَتَذَكَّرُ الْاِنْسَانُ مَا سَعٰىۙ۳۵
ان ڏينهن انسان پنهنجي ڪوشش (۽ عملن) کي ياد ڪندو.
وَ بُرِّزَتِ الْجَحِیْمُ لِمَنْ یَّرٰى۳۶
۽ هر ڏسڻ واري لاءِ دوزخ نِروار ڪيو ويندو.
وَ اٰثَرَ الْحَیٰوةَ الدُّنْیَاۙ۳۸
۽ دنياوي حياتي کي (آخرت) کان وڌيڪ سمجھيو هوندائين.
وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ وَ نَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوٰىۙ۴۰
۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ نفس کي (برين) خواهشن کان روڪيو هوندائين.
یَسْـَٔلُوْنَكَ عَنِ السَّاعَةِ اَیَّانَ مُرْسٰىهَاؕ۴۲
تو کان (قيامت جي) گھڙي جو پڇن ٿا ته: ”اها ڪڏهن ٿيندي“؟
اِنَّمَاۤ اَنْتَ مُنْذِرُ مَنْ یَّخْشٰىهَاؕ۴۵
تون صرف ان شخص کي ڊيڄارڻ وارو آهين جو ان کان ڊڄي ٿو.
كَاَنَّهُمْ یَوْمَ یَرَوْنَهَا لَمْ یَلْبَثُوْۤا اِلَّا عَشِیَّةً اَوْ ضُحٰىهَا۠۴۶
جنهن ڏينهن اُهي ان کي ڏسندا ته ائين سمجھندا ڄڻڪ (دنيا ۾) هڪ شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا.
مِنْ نُّطْفَةٍ١ؕ خَلَقَهٗ فَقَدَّرَهٗۙ۱۹
نطفي (منيءَ) مان ان کي پيدا ڪيائين پوءِ ان کي هڪ خاص اندازي سان بنايائين.
كَلَّا لَمَّا یَقْضِ مَاۤ اَمَرَهٗؕ۲۳
خبردار! ان اڃا تائين الله جي حڪم جي بجا آوري نه ڪئي آهي.
لِكُلِّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ یَوْمَىِٕذٍ شَاْنٌ یُّغْنِیْهِؕ۳۷
ان ڏينهن انهن مان سڀني ماڻهن جي اهڙي حالت هوندي جا ان کي (ٻين کان) بي پرواھ ڪري ڇڏيندي.
وَ وُجُوْهٌ یَّوْمَىِٕذٍ عَلَیْهَا غَبَرَةٌۙ۴۰
۽ ان ڏينهن ڪي چهرا اهڙا هوندا جن تي ڌوڙ پيل هوندي.
وَ اِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ۪ۙ۴
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون حامله ڏاچيون (بي فائده سمجھي) ڇوٽ ڇڏيون وينديون.
فَلَاۤ اُقْسِمُ بِالْخُنَّسِۙ۱۵
پوءِ آءٌ قسم کڻان ٿو پوئتي هٽي وڃڻ وارن (تارن) جو.
اِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِیْمٍۙ۱۹
بيشڪ اهو (قرآن) وڏي عزت واري رسول جو (پڙهيل) ڪلام آهي.
ذِیْ قُوَّةٍ عِنْدَ ذِی الْعَرْشِ مَكِیْنٍۙ۲۰
جو سگهارو آهي عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آهي.
وَ لَقَدْ رَاٰهُ بِالْاُفُقِ الْمُبِیْنِۚ۲۳
۽ بيشڪ پاڻ ان (جلوي) کي آسمان جي روشن ڪناري تي ڏٺائين.
وَ مَا هُوَ عَلَى الْغَیْبِ بِضَنِیْنٍۚ۲۴
۽ پاڻ غيب جي ڳالهين ٻڌائڻ تي بخيل به نه آهي.
وَ مَا هُوَ بِقَوْلِ شَیْطٰنٍ رَّجِیْمٍۙ۲۵
۽ اِهو (قرآن) تڙيل شيطان جو ڪلام نه آهي.
اِنْ هُوَ اِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِیْنَۙ۲۷
اِهو (قرآن) جهان وارن لاءِ نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آهي.
لِمَنْ شَآءَ مِنْكُمْ اَنْ یَّسْتَقِیْمَؕ۲۸
ان لاءِ (هدايت) آهي جيڪو توهان مان سڌي راھ تي هلڻ چاهي ٿو.
وَ مَا تَشَآءُوْنَ اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ۠۲۹
۽ توهان جي چاهڻ سان ڪجھ نه ٿو ٿئي جيستائين الله چاهي جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.
عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَ اَخَّرَتْؕ۵
تڏهن هر شخص ڄاڻي وٺندو جيڪي (عمل) اڳتي موڪليائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيائين.
یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِیْمِۙ۶
اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي ڪريم پالڻهار جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي؟
الَّذِیْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَۙ۷
جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين پوءِ (توازن ۾) برابر ڪيائين.
كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّیْنِۙ۹
هرگز نه بلڪه توهان جزا ۽ سزا جي ڏينهن کي ڪوڙو چئو ٿا.
وَ مَا هُمْ عَنْهَا بِغَآىِٕبِیْنَؕ۱۶
۽ اُهي ان (جهنم) کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا یَوْمُ الدِّیْنِۙ۱۷
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟
ثُمَّ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا یَوْمُ الدِّیْنِؕ۱۸
پوءِ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟
یَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَیْـًٔا١ؕ وَ الْاَمْرُ یَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ۠۱۹
اُهو ڏينهن آهي جو ڪو شخص ڪنهن شخص لاءِ ڪنهن شيءِ جو مختار نه هوندو. (سواءِ الله جي اِذِنَ جي) سمورو حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو.
الَّذِیْنَ اِذَا اكْتَالُوْا عَلَى النَّاسِ یَسْتَوْفُوْنَ٘ۖ۲
جيڪي جڏهن ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته (انهن کان) پورو وٺن ٿا.
وَ اِذَا كَالُوْهُمْ اَوْ وَّ زَنُوْهُمْ یُخْسِرُوْنَؕ۳
۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽائي ڏين ٿا.
اَلَا یَظُنُّ اُولٰٓىِٕكَ اَنَّهُمْ مَّبْعُوْثُوْنَۙ۴
ڇا اُهي هن ڳالھ جو خيال نه ٿا رکن ته اِهي مرڻ بعد جيئرا ڪري اٿاريا ويندا.
یَّوْمَ یَقُوْمُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعٰلَمِیْنَؕ۶
جنهن ڏينهن (سڀ) ماڻهو جهانن جي پالڻهار جي اڳيان بيهندا.
كَلَّاۤ اِنَّ كِتٰبَ الْفُجَّارِ لَفِیْ سِجِّیْنٍؕ۷
خبردار! بيشڪ بدڪارن جو اعمال نامو سجين (قيدخاني) ۾ هوندو.
وَیْلٌ یَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِیْنَۙ۱۰
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.
الَّذِیْنَ یُكَذِّبُوْنَ بِیَوْمِ الدِّیْنِؕ۱۱
جيڪي ماڻهو بدلي واري ڏينهن کي ڪوڙو چون ٿا.
وَ مَا یُكَذِّبُ بِهٖۤ اِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ اَثِیْمٍۙ۱۲
۽ ان کي ڪير به ڪوڙو ڪونه ٿو چوي سواءِ هر سرڪش گنهگار جي.
اِذَا تُتْلٰى عَلَیْهِ اٰیٰتُنَا قَالَ اَسَاطِیْرُ الْاَوَّلِیْنَؕ۱۳
جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چوي ٿو: ”هي اڳين جون آکاڻيون آهن“.
كَلَّا بَلْ١ٚ رَانَ عَلٰى قُلُوْبِهِمْ مَّا كَانُوْا یَكْسِبُوْنَ۱۴
ائين نه آهي، بلڪه انهن جي دلين تي ڪَٽُ چڙهي وئي آهي انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪندا هئا.
كَلَّاۤ اِنَّهُمْ عَنْ رَّبِّهِمْ یَوْمَىِٕذٍ لَّمَحْجُوْبُوْنَؕ۱۵
خبردار! بيشڪ اُهي ماڻهو ان ڏينهن پنهنجي پالڻهار (جي ديدار) کان اوٽ ۾ هوندا.
ثُمَّ اِنَّهُمْ لَصَالُوا الْجَحِیْمِؕ۱۶
پوءِ اُهي يقين سان جهنم ۾ ڦِٽا ڪيا ويندا.
ثُمَّ یُقَالُ هٰذَا الَّذِیْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَؕ۱۷
پوءِ انهن کي چيو ويندو: ”هي اُهو (عذاب) آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا“.
كَلَّاۤ اِنَّ كِتٰبَ الْاَبْرَارِ لَفِیْ عِلِّیِّیْنَؕ۱۸
خبردار! بيشڪ نيڪوڪارن جو اعمال نامو عليين ۾ آهي.
یَّشْهَدُهُ الْمُقَرَّبُوْنَۙ۲۱
ان وٽ (الله جي دربار ۾) قرب يافته ملائڪ حاضر رهن ٿا.
تَعْرِفُ فِیْ وُجُوْهِهِمْ نَضْرَةَ النَّعِیْمِۚ۲۴
تون انهن جي چهرن مان ئي نعمتن جي تازگي معلوم ڪندين.
خِتٰمُهٗ مِسْكٌ١ؕ وَ فِیْ ذٰلِكَ فَلْیَتَنَافَسِ الْمُتَنَافِسُوْنَؕ۲۶
ان جي مُهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان ۾ رغبت ڪرڻ وارن کي رغبت ڪرڻ گهرجي.
عَیْنًا یَّشْرَبُ بِهَا الْمُقَرَّبُوْنَؕ۲۸
(تسنيم) هڪ چشمو آهي جتان (الله جا) مقرب ٻانها پيئندا.
اِنَّ الَّذِیْنَ اَجْرَمُوْا كَانُوْا مِنَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا یَضْحَكُوْنَ٘ۖ۲۹
بيشڪ ڏوهاري ماڻهو ايمان وارن تي (دنيا ۾) کِلون ڪندا هئا.
وَ اِذَا مَرُّوْا بِهِمْ یَتَغَامَزُوْنَ٘ۖ۳۰
۽ جڏهن انهن وٽان گذرندا هئا ته هڪ ٻئي ۾ اکين جا اشارا ڪندا هئا.
وَ اِذَا انْقَلَبُوْۤا اِلٰۤى اَهْلِهِمُ انْقَلَبُوْا فَكِهِیْنَ٘ۖ۳۱
۽ جڏهن پنهنجي گهروارن ڏانهن موٽندا هئا ته خوشيون ڪندي موٽندا هئا.
وَ اِذَا رَاَوْهُمْ قَالُوْۤا اِنَّ هٰۤؤُلَآءِ لَضَآلُّوْنَۙ۳۲
۽ جڏهن انهن (مؤمنن) کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا بيشڪ اهي گمراھ آهن.
وَ مَاۤ اُرْسِلُوْا عَلَیْهِمْ حٰفِظِیْنَؕ۳۳
حالانڪه اُهي مٿن نگران ڪري نه موڪليا ويا هئا.
فَالْیَوْمَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنَ الْكُفَّارِ یَضْحَكُوْنَۙ۳۴
پوءِ اڄ ايمان وارا ڪافرن تي کِلن ٿا.
هَلْ ثُوِّبَ الْكُفَّارُ مَا كَانُوْا یَفْعَلُوْنَ۠۳۶
ڇا ڪو بدلو مليو ڪافرن کي انهن ڪمن جو جيڪي ڪندا هئا؟
وَ اَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَ حُقَّتْۙ۲
۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي ڪَنُ ڏيندو ۽ اِهو ان تي حق آهي.(جو حڪم مڃي)
وَ اَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَ حُقَّتْؕ۵
۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي ڪن ڏيندي ۽ ان کي حق آهي. (جو حڪم مڃي)
یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ۶
اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن ڪشان ڪشان وڃي رهيو آهين پوءِ تون ان سان ملڻ وارو آهين.
فَاَمَّا مَنْ اُوْتِیَ كِتٰبَهٗ بِیَمِیْنِهٖۙ۷
پوءِ جنهن ماڻهو کي سندس اعمال نامو ان جي ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو.
وَّ یَنْقَلِبُ اِلٰۤى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًاؕ۹
۽ اِهو پنهنجي گهروارن ڏانهن خوش خوش موٽندو.
وَ اَمَّا مَنْ اُوْتِیَ كِتٰبَهٗ وَرَآءَ ظَهْرِهٖۙ۱۰
۽ پر جنهن کي سندن اعمال نامو پُٺيءَ جي پويان ڏنو ويو.
اِنَّهٗ كَانَ فِیْۤ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًاؕ۱۳
بيشڪ اُهو (دنيا ۾) پنهنجي گهروارن ۾ مگن رهندو هيو.
اِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ یَّحُوْرَۚۛ۱۴
بيشڪ ان اُهو سمجهيو هيو ته اُهو (حساب لاءِ الله وٽ) ڪڏهن ڪونه موٽندو.
بَلٰۤى١ۛۚ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِیْرًاؕ۱۵
.. ڇونه موٽندو .. بيشڪ ان جو پالڻهار ان (جي ڪرتوتن) کي ڏسندڙ هيو.
فَلَاۤ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِۙ۱۶
پوءِ مون کي قسم آهي شفق (يعني شام جي آسمان وارِي ڳاڙهاڻ) جو.
لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍؕ۱۹
توهان ضرور هڪ درجي کان ٻئي ڏانهن چڙهندا رهندئو.
وَ اِذَا قُرِئَ عَلَیْهِمُ الْقُرْاٰنُ لَا یَسْجُدُوْنَؕ۩۲۱
۽ جڏهن انهن تي قرآن پڙهيو وڃي ٿو ته سجدو نه ٿا ڪن.
بَلِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا یُكَذِّبُوْنَ٘ۖ۲۲
بلڪه جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي ڪوڙو سمجھن ٿا.
وَ اللّٰهُ اَعْلَمُ بِمَا یُوْعُوْنَ٘ۖ۲۳
۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي اُهي (دلين ۾) سانڍن ٿا.
اِلَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَیْرُ مَمْنُوْنٍ۠۲۵
سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.
وَّ هُمْ عَلٰى مَا یَفْعَلُوْنَ بِالْمُؤْمِنِیْنَ شُهُوْدٌؕ۷
۽ جو ڪجھ ايمان وارن سان پئي ڪيائون ان کي خود ڏسي رهيا هئا.
وَ مَا نَقَمُوْا مِنْهُمْ اِلَّاۤ اَنْ یُّؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْحَمِیْدِۙ۸
۽ انهن (خندقن وارن) انهن (مسلمانن) کان (ڪنهن گناھ جو) بدلو نه پئي ورتو سواءِ هن جي جو انهن الله تي ايمان آندو هيو جيڪو غالب ۽ سڀ ساراهن جو لائق آهي.
الَّذِیْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ شَهِیْدٌؕ۹
جنهن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ۽ الله هر شيءِ تي شاهد آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ ثُمَّ لَمْ یَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَ لَهُمْ عَذَابُ الْحَرِیْقِؕ۱۰
بيشڪ جن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ايذايو پوءِ توبه (به) نه ڪيائون ته پوءِ انهن جي لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باھ آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتٌ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ١ۣؕ۬ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِیْرُؕ۱۱
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.
اِنَّهٗ هُوَ یُبْدِئُ وَ یُعِیْدُۚ۱۳
بيشڪ اُهو پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ اُهو ئي ٻيو ڀيرو پيدا ڪندو.
وَّ اللّٰهُ مِنْ وَّرَآىِٕهِمْ مُّحِیْطٌۚ۲۰
حالانڪه الله انهن کي هر طرف کان گهيرو ڪندڙ آهي.
اِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَیْهَا حَافِظٌؕ۴
ته ڪو ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي.
فَلْیَنْظُرِ الْاِنْسَانُ مِمَّ خُلِقَؕ۵
پوءِ انسان کي ڏسڻ گهرجي ته اُهو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو ويو آهي.
یَّخْرُجُ مِنْۢ بَیْنِ الصُّلْبِ وَ التَّرَآىِٕبِؕ۷
جيڪو پُٺيءَ ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو.
اِنَّهٗ عَلٰى رَجْعِهٖ لَقَادِرٌؕ۸
بيشڪ اُهو (الله) ان جي (زندگيءَ کي) وري موٽائڻ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
فَمَهِّلِ الْكٰفِرِیْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَیْدًا۠۱۷
پوءِ تون ڪافرن کي ڍر ڏي (بس انهن کي) ٿورن ڏينهن جي مُهلت ڏي.
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَىۙ۱
پنهنجي پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر جو سڀني کي مٿاهون آهي.
سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰۤىۙ۶
(اي نبي!) سگهو ئي اسان تو کي (اهڙو) پڙهائينداسين جو تون نه وساريندين.
اِلَّا مَا شَآءَ اللّٰهُ١ؕ اِنَّهٗ یَعْلَمُ الْجَهْرَ وَ مَا یَخْفٰىؕ۷
سواءِ ان جي جيڪو الله چاهي. بيشڪ اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي ظاهر آهي ۽ جيڪي ڳُجهو آهي.
وَ نُیَسِّرُكَ لِلْیُسْرٰىۚۖ۸
۽ اسان تو کي تمام آسان (شريعت) لاءِ آساني پيدا ڪري ڏينداسين.
ثُمَّ لَا یَمُوْتُ فِیْهَا وَ لَا یَحْیٰىؕ۱۳
پوءِ اُهو ان ۾ نه مرندو ۽ نه (سُک سان) جيئندو.
وَ ذَكَرَ اسْمَ رَبِّهٖ فَصَلّٰىؕ۱۵
۽ پنهنجي پالڻهار جي نالي جو ذڪر ڪيائين پوءِ نماز پڙهيائين.
بَلْ تُؤْثِرُوْنَ الْحَیٰوةَ الدُّنْیَا٘ۖ۱۶
بلڪه توهان دنيا جي زندگي کي وڌيڪ اهميت ڏيو ٿا.
هَلْ اَتٰىكَ حَدِیْثُ الْغَاشِیَةِؕ۱
ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (يعني قيامت) جي ڳالھ پهتي؟
لَیْسَ لَهُمْ طَعَامٌ اِلَّا مِنْ ضَرِیْعٍۙ۶
انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو ڪو نه هوندو.
اَفَلَا یَنْظُرُوْنَ اِلَى الْاِبِلِ كَیْفَ خُلِقَتْٙ۱۷
ڇا پوءِ اُٺ ڏانهن نه ٿا ڏسن ته ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟
فَذَكِّرْ١ؕ۫ اِنَّمَاۤ اَنْتَ مُذَكِّرٌؕ۲۱
پوءِ نصيحت ڪر. تون صرف نصيحت ڪندڙ ئي آهين.
فَیُعَذِّبُهُ اللّٰهُ الْعَذَابَ الْاَكْبَرَؕ۲۴
ته ان کي الله سڀ کان وڏو عذاب ڏيندو.
اَلَمْ تَرَ كَیْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ۪ۙ۶
ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار عاد (جي قوم) سان ڇا ڪيو؟
الَّتِیْ لَمْ یُخْلَقْ مِثْلُهَا فِی الْبِلَادِ۪ۙ۸
جن جي مثل (ڪا قوم) مُلڪن ۾ نه پيدا ڪئي وئي هئي.
وَ ثَمُوْدَ الَّذِیْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ۪ۙ۹
۽ ثمود (جي قوم سان ڇا ٿيو؟) جن وادي ۾ جبلن کي گهڙيو هيو.
فَصَبَّ عَلَیْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍۚۙ۱۳
پوءِ تنهنجي پالڻهار انهن تي عذاب جو چهنبڪ وهايو.
اِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِؕ۱۴
بيشڪ تنهنجو پالڻهار (ڏوهارين جي) گهاٽ ۾ (انهن کي ڏسندڙ) آهي.
فَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَ نَعَّمَهٗ١ۙ۬ فَیَقُوْلُ رَبِّیْۤ اَكْرَمَنِؕ۱۵
مگر انسان کي جڏهن سندس پالڻهار آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته پوءِ چوي ٿو: ”منهنجي پالڻهار مون تي ڪرم ڪيو آهي“.
وَ اَمَّاۤ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَیْهِ رِزْقَهٗ١ۙ۬ فَیَقُوْلُ رَبِّیْۤ اَهَانَنِۚ۱۶
۽ پر جڏهن ان کي آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته پوءِ چوي ٿو: ”منهنجي پالڻهار مون کي ذليل ڪري ڇڏيو آهي“.
كَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْیَتِیْمَۙ۱۷
ائين نه آهي، (جو بي سبب اوهان کي ڪنگال ڪري) پر توهان (خوشحالي ۾) يتيمن جي عزت نه ٿا ڪيو.
وَ لَا تَحٰٓضُّوْنَ عَلٰى طَعَامِ الْمِسْكِیْنِۙ۱۸
۽ نه ئي توهان مسڪينن کي کارائڻ جي هڪ ٻئي کي رغبت ڏيو ٿا.
كَلَّاۤ اِذَا دُكَّتِ الْاَرْضُ دَكًّا دَكًّاۙ۲۱
يقيناً جڏهن زمين ٽوڙي ڦوڙي برابر ڪئي ويندي.
وَّ جَآءَ رَبُّكَ وَ الْمَلَكُ صَفًّا صَفًّاۚ۲۲
۽ تنهنجو پالڻهار جلوه گر ٿيندو ۽ ملائڪ صفون ٻڌي (ان جي حضور ۾) بيٺا هوندا.
وَ جِایْٓءَ یَوْمَىِٕذٍۭ بِجَهَنَّمَ١ۙ۬ یَوْمَىِٕذٍ یَّتَذَكَّرُ الْاِنْسَانُ وَ اَنّٰى لَهُ الذِّكْرٰىؕ۲۳
۽ ان ڏينهن دوزخ آندو ويندو ان ڏينهن انسان کي سمجھ ايندي مگر ان مهل ان جي سمجهڻ جو ڇا فائدو؟
یَقُوْلُ یٰلَیْتَنِیْ قَدَّمْتُ لِحَیَاتِیْۚ۲۴
چوندو: ”هائو جي آءٌ پنهنجي (آخرت واري) زندگي لاءِ (صالح عمل) اڳتي موڪليان ها“.
فَیَوْمَىِٕذٍ لَّا یُعَذِّبُ عَذَابَهٗۤ اَحَدٌۙ۲۵
پوءِ ان ڏينهن ان (الله) جي عذاب وانگر ڪو عذاب ڏئي نه سگهندو.
یٰۤاَیَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَىِٕنَّةُۗۖ۲۷
(فرمانبردارن کي سڏ ٿيندو) ”اي اطمينان وارا نفس!
ارْجِعِیْۤ اِلٰى رَبِّكِ رَاضِیَةً مَّرْضِیَّةًۚ۲۸
تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽي هل (ان حال ۾ جو) تون ان کان راضي هجين ۽ هُو تو کان راضي هجي.
لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِیْ كَبَدٍؕ۴
ته بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (مبتلا رهڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي.
اَیَحْسَبُ اَنْ لَّنْ یَّقْدِرَ عَلَیْهِ اَحَدٌۘ۵
ڇا هُو خيال ڪري ٿو ته هرگز ان تي ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو.
ثُمَّ كَانَ مِنَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَ تَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِؕ۱۷
پوءِ انهن ماڻهن مان ٿئي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.
وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا بِاٰیٰتِنَا هُمْ اَصْحٰبُ الْمَشْـَٔمَةِؕ۱۹
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن سان ڪفر ڪيو اُهي کاٻي پاسي وارا (بدبخت) آهن.
وَ الْاَرْضِ وَ مَا طَحٰىهَا۪ۙ۶
قسم آهي زمين جو ۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن ان کي وڇايو آهي.
فَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَ تَقْوٰىهَا۪ۙ۸
پوءِ ان کي سندس بدڪاري ۽ سندس پرهيزگاري جي سمجھ ڏنائين.
قَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَا۪ۙ۹
بيشڪ ڪامياب ٿيو اُهو جنهن ان (نفس) کي (رذيل خصلتن کان) پاڪ ڪيو.
وَ قَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰىهَاؕ۱۰
۽ بيشڪ نامراد ٿيو اُهو جنهن ان کي (رذيل خصلتن ۾) گدلو ڪيو.
كَذَّبَتْ ثَمُوْدُ بِطَغْوٰىهَا۪ۤۙ۱۱
ثمود (جي قوم) پنهنجي سرڪشي سبب (پنهنجي نبي صالح) کي ڪوڙو چيو.
فَقَالَ لَهُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ نَاقَةَ اللّٰهِ وَ سُقْیٰهَاؕ۱۳
پوءِ انهن کي الله جي رسول (صالح) فرمايو: ”الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري (جي حفاظت ڪجو) “.
فَكَذَّبُوْهُ فَعَقَرُوْهَا١۪ۙ۬ فَدَمْدَمَ عَلَیْهِمْ رَبُّهُمْ بِذَنْۢبِهِمْ فَسَوّٰىهَا۪ۙ۱۴
پوءِ انهن کيس ڪوڙو چيو پوءِ ان (ڏاچيءَ) جون کُچون وڍيائون پوءِ انهن جي پالڻهار انهن جي گناهن سبب کين هلاڪ ڪيو پوءِ ان (بستي) کي (ميٽي زمين) برابر ڪري ڇڏيائين.
وَ مَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَ الْاُنْثٰۤىۙ۳
۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو.
فَسَنُیَسِّرُهٗ لِلْیُسْرٰىؕ۷
پوءِ سگهو ئي اسان ان کي آسان رستي جي سهولت ميسر ڪري ڏينداسين.
فَسَنُیَسِّرُهٗ لِلْعُسْرٰىؕ۱۰
پوءِ سگهو ئي اسان ان کي تمام مشڪل رستي لاءِ (اسباب) مهيا ڪري ڏينداسين.
وَ مَا یُغْنِیْ عَنْهُ مَالُهٗۤ اِذَا تَرَدّٰىؕ۱۱
۽ ان جو مال ان جي ڪنهن ڪم نه ايندو جڏهن اُهو (هلاڪت جي کڏ ۾) ڪِرندو.
فَاَنْذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰىۚ۱۴
پوءِ مون توهان کي اهڙي باھ کان ڊيڄاريو آهي جا ڀڙڪي رهي آهي.
الَّذِیْ یُؤْتِیْ مَالَهٗ یَتَزَكّٰىۚ۱۸
جو پنهنجو مال (الله جي راھ ۾) ڏئي ٿو پاڪيزگي حاصل ڪري.
وَ مَا لِاَحَدٍ عِنْدَهٗ مِنْ نِّعْمَةٍ تُجْزٰۤىۙ۱۹
۽ ڪنهن جو به ان تي ڪو احسان ناهي جنهن جو بدلو ڏئي رهيو هجي.
اِلَّا ابْتِغَآءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْاَعْلٰىۚ۲۰
سواءِ پنهنجي پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ جي، جيڪو (سڀ کان) مٿاهون آهي.
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ۳
ته نه تنهنجي پالڻهار تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه تو کان رُٺو آهي.
وَ لَلْاٰخِرَةُ خَیْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰىؕ۴
۽ بلاشڪ پوئين (گهڙي) تنهنجي لاءِ پهرئين کان ڀلي آهي.
وَ لَسَوْفَ یُعْطِیْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰىؕ۵
۽ جلد تنهنجو پالڻهار تو کي (ايترو) ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.
وَ وَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدٰى۪۷
۽ تو کي پنهنجي محبت ۾ بي اختيار لڌائين پوءِ (پنهنجي طرف) واٽ ڏنائين.
اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَۙ۱
ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو (اسرار ۽ انوار لاءِ) ڪشادو نه ڪيوسين؟
فَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَبْۙ۷
پوءِ جڏهن تون (نماز کان) واندو ٿين ته (دعا ۾) محنت ڪر.
لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِیْۤ اَحْسَنِ تَقْوِیْمٍ٘۴
ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي بناوت ۾ پيدا ڪيو آهي.
ثُمَّ رَدَدْنٰهُ اَسْفَلَ سٰفِلِیْنَۙ۵
پوءِ اسان ان کي هيٺين کان هيٺين حالت طرف موٽايو.
اِلَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ اَجْرٌ غَیْرُ مَمْنُوْنٍؕ۶
سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا، انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.
فَمَا یُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّیْنِؕ۷
پوءِ (اي نبي) ان کان پوءِ ڪير آهي جيڪو جزا سزا بابت توکي ڪوڙو سمجھندو؟
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِیْ خَلَقَۚ۱
پڙھ پنهنجي پالڻهار جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو.
عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْؕ۵
جنهن انسان کي اُهو ڪجھ سيکاريو جيڪو هُو نه ڄاڻندو هيو.
كَلَّا لَىِٕنْ لَّمْ یَنْتَهِ١ۙ۬ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِیَةِۙ۱۵
خبردار! جيڪڏهن اُهو باز نه آيو ته ضرور ان کي پيشاني جي وارن کان جهلي گهلينداسين.
كَلَّا١ؕ لَا تُطِعْهُ وَ اسْجُدْ وَ اقْتَرِبْ۠۩۱۹
خبردار! ان جو چيو نه مڃجانءِ ۽ سجدو ڪر ۽ (اسان جي) ويجهو ٿيءُ.
اِنَّاۤ اَنْزَلْنٰهُ فِیْ لَیْلَةِ الْقَدْرِۚۖ۱
بيشڪ اسان ان (قرآن) کي وڏي شان واري رات ۾ نازل ڪيو.
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا لَیْلَةُ الْقَدْرِؕ۲
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته وڏي شان واري رات ڇا آهي؟
لَیْلَةُ الْقَدْرِ١ۙ۬ خَیْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍؕؔ۳
قدر واري رات هڪ هزار مهينن کان ڀلي آهي.
تَنَزَّلُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ وَ الرُّوْحُ فِیْهَا بِاِذْنِ رَبِّهِمْ١ۚ مِنْ كُلِّ اَمْرٍۙۛ۴
ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان ملائڪ روح (الامين جبريل) لهندا آهن هر ڪم جي واسطي.
لَمْ یَكُنِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَ الْمُشْرِكِیْنَ مُنْفَكِّیْنَ حَتّٰى تَاْتِیَهُمُ الْبَیِّنَةُۙ۱
۽ مشرڪ ايستائين (ڪفر کان) جدا ٿيڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ چِٽو دليل نه اچي.
رَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ یَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةًۙ۲
(اُهو) الله جي طرفان رسول آهي جو پاڪ صحيفا پڙهي ٿو.
وَ مَا تَفَرَّقَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَآءَتْهُمُ الْبَیِّنَةُؕ۴
۽ پهريان جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو هيو سي هڪ ٻئي کان نه جدا ٿيا مگر ان کان پوءِ جو جڏهن انهن وٽ چِٽو دليل پهچي ويو.
وَ مَاۤ اُمِرُوْۤا اِلَّا لِیَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِیْنَ لَهُ الدِّیْنَ١ۙ۬ حُنَفَآءَ وَ یُقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ یُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَ ذٰلِكَ دِیْنُ الْقَیِّمَةِؕ۵
حالانڪه انهن کي فقط اهو ئي حڪم ڏنو ويو هيو جو صرف الله جي عبادت ڪن پنهنجي دين کي ان لاءِ خالص ڪندي (باطل کان جدا ٿي) حق ڏانهن يڪسو ٿيندي ۽ نماز قائم رکن ۽ زڪواة ادا ڪن ۽ اهو ئي سڌو دين آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَ الْمُشْرِكِیْنَ فِیْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا١ؕ اُولٰٓىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِیَّةِؕ۶
بيشڪ جيڪي ماڻهو اهلِ ڪتاب مان ڪافر ٿي ويا ۽ مشرڪ ماڻهو سي دوزخ جي باھ ۾ پوندا اُهي هميشه ان ۾ رهڻ وارا آهن. اُهي ئي سڄي مخلوق ۾ زور بڇڙا آهن.
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ١ۙ اُولٰٓىِٕكَ هُمْ خَیْرُ الْبَرِیَّةِؕ۷
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون اُهي ئي سڄي مخلوق ۾ بهتر آهن.
جَزَآؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًا١ؕ رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوْا عَنْهُ١ؕ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِیَ رَبَّهٗ۠۸
انهن جو بدلو سندن پالڻهار وٽ سدا بهار باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿي ويو ۽ اُهي ان کان راضي ٿي ويا. اهو (وعدو) ان لاءِ آهي جيڪو پنهنجي پالڻهار کان ڊنو.
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَاۙ۱
جڏهن زمين لرزائي ويندي جيئن ان جو لرزڻ مقرر ٿيل آهي.
یَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَاۙ۴
ان ڏينهن اِها (مٿس رونما ٿيل) پنهنجون سڀ خبرون بيان ڪندي.
یَوْمَىِٕذٍ یَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا١ۙ۬ لِّیُرَوْا اَعْمَالَهُمْؕ۶
ان ڏينهن ماڻهو (پنهنجي مالڪ جي طرف) مختلف حالتن ۾ موٽندا جيئن سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن.
فَمَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَیْرًا یَّرَهٗؕ۷
پوءِ جنهن ذري برابر نيڪي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي اجر کي ڏسندو.
وَ مَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا یَّرَهٗ۠۸
۽ جنهن ذري برابر برائي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي بدلي کي ڏسندو.
اِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌۚ۶
بيشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو وڏو ناشڪر آهي.
اَفَلَا یَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِی الْقُبُوْرِۙ۹
ڇا پوءِ نه ٿو ڄاڻي جڏهن انهن کي اٿاريو ويندو جيڪي قبرن ۾ آهن.
اِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ یَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِیْرٌ۠۱۱
بيشڪ سندن پالڻهار ان ڏينهن انهن (جي عملن) کان خبروار هوندو.
یَوْمَ یَكُوْنُ النَّاسُ كَالْفَرَاشِ الْمَبْثُوْثِۙ۴
جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر (پريشان) ٿي ويندا.
وَ تَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ الْمَنْفُوْشِؕ۵
۽ جبل پِڃيَلَ رنگين اُن وانگر ٿي ويندا.
فَاَمَّا مَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِیْنُهٗۙ۶
پوءِ اُهو ماڻهو جنهن (جي نيڪين) جا پُڙ ڳرا ٿيندا.
كَلَّا لَوْ تَعْلَمُوْنَ عِلْمَ الْیَقِیْنِؕ۵
هائو جي اگر (دنيا ۾ ئي پنهنجي انجام کي) اوهان يقيني طرح ڄاڻو ها.
ثُمَّ لَتُسْـَٔلُنَّ یَوْمَىِٕذٍ عَنِ النَّعِیْمِ۠۸
پوءِ ان ڏينهن ضرور توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.
اِلَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوْا بِالْحَقِّ١ۙ۬ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ۠۳
سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ۽ صبر جي وصيت ڪيائون.
وَیْلٌ لِّكُلِّ هُمَزَةٍ لُّمَزَةِۙ۱
بربادي آهي هر هڪ (روبرو) طعني هڻندڙ (پرپٺ) گلا ڪندڙ لاءِ.
كَلَّا لَیُنْۢبَذَنَّ فِی الْحُطَمَةِ٘ۖ۴
هرگز نه، ضرور اُهو پرزا پرزا ڪري ڇڏيندڙ باھ ۾ پوندو.
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا الْحُطَمَةُؕ۵
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏيندڙ باھ ڇا آهي؟
اَلَمْ تَرَ كَیْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِاَصْحٰبِ الْفِیْلِؕ۱
ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو؟
وَّ اَرْسَلَ عَلَیْهِمْ طَیْرًا اَبَابِیْلَۙ۳
۽ انهن تي اڏامندڙ پکين جا ولر موڪليائين.
تَرْمِیْهِمْ بِحِجَارَةٍ مِّنْ سِجِّیْلٍ۪ۙ۴
جن انهن کي پڪل مٽيءَ جي پٿرين سان پئي چُٽيو.
اٖلٰفِهِمْ رِحْلَةَ الشِّتَآءِ وَ الصَّیْفِۚ۲
انهن کي سياري ۽ اونهاري جي سفر سان مانوس ڪيوسين.
فَلْیَعْبُدُوْا رَبَّ هٰذَا الْبَیْتِۙ۳
پوءِ انهن کي گهرجي ته هن گهر (بيت الله) جي مالڪ جي عبادت ڪن.
الَّذِیْۤ اَطْعَمَهُمْ مِّنْ جُوْعٍ١ۙ۬ وَّ اٰمَنَهُمْ مِّنْ خَوْفٍ۠۴
جنهن انهن کي بک ۾ کاڌو کارايو ۽ انهن کي خوف کان امن ڏنائين.
اَرَءَیْتَ الَّذِیْ یُكَذِّبُ بِالدِّیْنِؕ۱
ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو دين کي ڪوڙو چوي ٿو.
فَذٰلِكَ الَّذِیْ یَدُعُّ الْیَتِیْمَۙ۲
پوءِ هي اُهو ماڻهو آهي جيڪو يتيم کي ڌڪا ڏئي ٿو.
وَ لَا یَحُضُّ عَلٰى طَعَامِ الْمِسْكِیْنِؕ۳
۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي.
وَ یَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ۠۷
۽ (اهڙا ڪنجوس آهن جو) عام استعمال جون معمولي شيون به (ڪنهن کي) نه ٿا ڏين.
اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ۱
بيشڪ اسان تو کي گھڻي کان گھڻو (خيرِ ڪثير) ڏنو آهي.
اِنَّ شَانِئَكَ هُوَ الْاَبْتَرُ۠۳
بيشڪ تنهنجو دشمن نِپُٽو (بي اولاد يا بي نام و نشان) رهندو.
لَاۤ اَعْبُدُ مَا تَعْبُدُوْنَۙ۲
آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن) کي نه ٿو پوڄيان جن کي توهان پوڄيو ٿا.
وَ لَاۤ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَاۤ اَعْبُدُۚ۳
۽ نه ئي توهان پوڄيندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) کي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.
وَ لَاۤ اَنَا عَابِدٌ مَّا عَبَدْتُّمْۙ۴
۽ نه آهيان آءٌ پوڄا ڪندڙ (انهن ڪوڙن معبودن جي) جن جي توهان پوڄا ڪئي.
وَ لَاۤ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَاۤ اَعْبُدُؕ۵
۽ نه ئي اوهان پوڄا ڪندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) جي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.
لَكُمْ دِیْنُكُمْ وَ لِیَ دِیْنِ۠۶
توهان جي واسطي توهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين (ڪافي) آهي.
وَ رَاَیْتَ النَّاسَ یَدْخُلُوْنَ فِیْ دِیْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًاۙ۲
۽ تون ماڻهن کي ڏسين ته الله جي دين ۾ فوج در فوج داخل ٿي رهيا آهن.
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَ اسْتَغْفِرْهُ١ؔؕ اِنَّهٗ كَانَ تَوَّابًا۠۳
پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان (گڏ) تسبيح پڙھ ۽ ان کان بخشش گهُر. بيشڪ اهو وڏو توبه قبول ڪندڙ آهي.
مَاۤ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَ مَا كَسَبَؕ۲
ان جي مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنهن ان کان (الله جو عذاب) نه هٽايو.
وَّ امْرَاَتُهٗ١ؕ حَمَّالَةَ الْحَطَبِۚ۴
۽ ان جي زال به. (باھ ۾ ويندي) جا ڪاٺين جي هڙ کڻندڙ آهي.
قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌۚ۱
(اي نبي!) چؤ اُهو الله آهي جو اڪيلو آهي. (پنهنجي ذات ۽ صفات ۾)
وَ مِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ۠۵
۽ حسد ڪندڙ (ماڻهو) جي شر کان جنهن وقت اهو حسد ڪري ٿو.