تَبٰرَكَ الَّذِیْ بِیَدِهِ الْمُلْكُ١٘ وَ هُوَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرُۙ۱
وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 29 starts at Surah Al-Mulk ayah 1 and ends at Surah 77 ayah 50. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
تَبٰرَكَ الَّذِیْ بِیَدِهِ الْمُلْكُ١٘ وَ هُوَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرُۙ۱
وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
اِ۟لَّذِیْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوةَ لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا١ؕ وَ هُوَ الْعَزِیْزُ الْغَفُوْرُۙ۲
جنهن موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪيرُ عمل جي لحاظ کان ڀلو آهي؟ ۽ اهو غالب آهي بخشڻهار آهي.
الَّذِیْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا١ؕ مَا تَرٰى فِیْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ١ؕ فَارْجِعِ الْبَصَرَ١ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ۳
جنهن ستن آسمانن کي طبقا بنايو. تون رحمان جي تخليق ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين. پوءِ نظر کڻي نهار ته ڇا تو کي ڪو رُخنو نظر اچي ٿو؟
ثُمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَیْنِ یَنْقَلِبْ اِلَیْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّ هُوَ حَسِیْرٌ۴
پوءِ تون وري وري نگاھ ورائي نهار ته نظر تو ڏانهن ٿڪجي موٽندي ۽ اُها ناڪام هوندي.
وَ لَقَدْ زَیَّنَّا السَّمَآءَ الدُّنْیَا بِمَصَابِیْحَ وَ جَعَلْنٰهَا رُجُوْمًا لِّلشَّیٰطِیْنِ وَ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِیْرِ۵
۽ بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي ڏيئن (يعني ستارن) سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطانن کي چُٽي (ڀڄائڻ) جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن (شيطانن) لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باھ جو عذاب تيار ڪيو آهي.
وَ لِلَّذِیْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ١ؕ وَ بِئْسَ الْمَصِیْرُ۶
۽ انهن ماڻهن لاءِ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو دوزخ جو عذاب آهي. ۽ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.
اِذَاۤ اُلْقُوْا فِیْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهِیْقًا وَّ هِیَ تَفُوْرُۙ۷
جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي راڙِ جو خوفناڪ آواز ٻڌندا ۽ اهو پيو ٽهڪندو.
تَكَادُ تَمَیَّزُ مِنَ الْغَیْظِ١ؕ كُلَّمَاۤ اُلْقِیَ فِیْهَا فَوْجٌ سَاَلَهُمْ خَزَنَتُهَاۤ اَلَمْ یَاْتِكُمْ نَذِیْرٌ۸
سخت ڪاوڙ سبب ڄڻڪ اِجھو ڦاٽڻ تي آهي. جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته: ”ڇا اوهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو هيو“؟
قَالُوْا بَلٰى قَدْ جَآءَنَا نَذِیْرٌ١ۙ۬ فَكَذَّبْنَا وَ قُلْنَا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ مِنْ شَیْءٍ١ۖۚ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِیْ ضَلٰلٍ كَبِیْرٍ۹
چوندا: ”ڇونه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو هيو، پوءِ اسان ان کي ڪوڙو چيو ۽ اسان چيوسين ته الله ڪا شيءِ نازل ڪانه ڪئي آهي توهان ته رڳو وڏي گمراهي ۾ پيل آهيو“.
وَ قَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِیْۤ اَصْحٰبِ السَّعِیْرِ۱۰
۽ چوندا ته: ”هائو جي اسان ٻڌون ها يا سمجهون ها ته اسان دوزخين مان نه هجون ها“.
فَاعْتَرَفُوْا بِذَنْۢبِهِمْ١ۚ فَسُحْقًا لِّاَصْحٰبِ السَّعِیْرِ۱۱
پوءِ اُهي پنهنجو ڏوھ مڃندا پوءِ دوزخ وارن لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّ اَجْرٌ كَبِیْرٌ۱۲
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.
وَ اَسِرُّوْا قَوْلَكُمْ اَوِ اجْهَرُوْا بِهٖ١ؕ اِنَّهٗ عَلِیْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ۱۳
۽ توهان پنهنجي ڳالھ آهستي چئو يا ان کي ڏاڍيان آواز ۾ چئو. بيشڪ اهو سينن جا راز به ڄاڻڻ وارو آهي.
اَلَا یَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ١ؕ وَ هُوَ اللَّطِیْفُ الْخَبِیْرُ۠۱۴
ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ٿو ڄاڻي ڇا؟ حالانڪه اُهو باريڪ بين خبروار آهي.
هُوَ الَّذِیْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِیْ مَنَاكِبِهَا وَ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِهٖ١ؕ وَ اِلَیْهِ النُّشُوْرُ۱۵
اهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم (۽ مطيع) ڪيو سو اوهان ان جي رستن ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي رزق مان کائو. ۽ ان ڏانهن ئي (جيئرو ٿي) اٿڻ آهي.
ءَاَمِنْتُمْ مَّنْ فِی السَّمَآءِ اَنْ یَّخْسِفَ بِكُمُ الْاَرْضَ فَاِذَا هِیَ تَمُوْرُۙ۱۶
ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان اوهان کي زمين ۾ دٻائي ڇڏي (ان طرح) جو اها اوچتو لرزڻ لڳي.
اَمْ اَمِنْتُمْ مَّنْ فِی السَّمَآءِ اَنْ یُّرْسِلَ عَلَیْكُمْ حَاصِبًا١ؕ فَسَتَعْلَمُوْنَ كَیْفَ نَذِیْرِ۱۷
ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان توهان تي پٿر وسائڻ وارو واءُ موڪلي. پوءِ توهان جلد ڄاڻندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي؟
وَ لَقَدْ كَذَّبَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَكَیْفَ كَانَ نَكِیْرِ۱۸
۽ بيشڪ انهن ماڻهن (به) ڪوڙو چيو هيو جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ منهنجو انڪار ڪيئن (عبرتناڪ ثابت) ٿيو.
اَوَ لَمْ یَرَوْا اِلَى الطَّیْرِ فَوْقَهُمْ صٰٓفّٰتٍ وَّ یَقْبِضْنَ١ؕۘؔ مَا یُمْسِكُهُنَّ اِلَّا الرَّحْمٰنُ١ؕ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَیْءٍۭ بَصِیْرٌ۱۹
ڇا انهن پنهنجي مٿان پکين کي نه ڏٺو آهي پرَ پکيڙيندي ۽ پرَ بند ڪندي؟ انهن کي (ڪِرڻ کان) ڪونه ٿو روڪي سواءِ رحمان جي. بيشڪ اُهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي.
اَمَّنْ هٰذَا الَّذِیْ هُوَ جُنْدٌ لَّكُمْ یَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحْمٰنِ١ؕ اِنِ الْكٰفِرُوْنَ اِلَّا فِیْ غُرُوْرٍۚ۲۰
(ٻڌايو) آخر اهو ڪهڙو لشڪر اوهان وٽ آهي جيڪو رحمان جي مقابلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگھي ٿو؟ ڪافر ته رُڳو دوکي ۾ ئي پِيَلَ آهن.
اَمَّنْ هٰذَا الَّذِیْ یَرْزُقُكُمْ اِنْ اَمْسَكَ رِزْقَهٗ١ۚ بَلْ لَّجُّوْا فِیْ عُتُوٍّ وَّ نُفُوْرٍ۲۱
ڀلا ڪو اهڙو آهي جيڪو توهان کي روزي ڏئي سگهي؟ جيڪڏهن اهو (الله) پنهنجو رزق روڪي ڇڏي، بلڪه اُهي سرڪشي ۽ (حق کان) ڀڄڻ تي اٽل آهن.
اَفَمَنْ یَّمْشِیْ مُكِبًّا عَلٰى وَجْهِهٖۤ اَهْدٰۤى اَمَّنْ یَّمْشِیْ سَوِیًّا عَلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَقِیْمٍ۲۲
ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن ڀَرِ اونڌو هلي رهيو آهي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اُهو جيڪو سڌي رستي تي سنئون سڌو هلي ٿو؟
قُلْ هُوَ الَّذِیْۤ اَنْشَاَكُمْ وَ جَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَ الْاَبْصَارَ وَ الْاَفْـِٕدَةَ١ؕ قَلِیْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ۲۳
چؤ ته اُهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين. توهان تمام ٿورو شڪر ڪيو ٿا.
قُلْ هُوَ الَّذِیْ ذَرَاَكُمْ فِی الْاَرْضِ وَ اِلَیْهِ تُحْشَرُوْنَ۲۴
چؤ اُهو ئي آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان کي ان ڏانهن گڏ ڪيو ويندو.
وَ یَقُوْلُوْنَ مَتٰى هٰذَا الْوَعْدُ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۲۵
۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”هيءُ وعدو (قيامت وارو) ڪڏهن پورو ٿيندو اگر اوهان سچا آهيو“؟
قُلْ اِنَّمَا الْعِلْمُ عِنْدَ اللّٰهِ١۪ وَ اِنَّمَاۤ اَنَا نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌ۲۶
چؤ: ”ان (جي وقت) جو علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.
فَلَمَّا رَاَوْهُ زُلْفَةً سِیْٓـَٔتْ وُجُوْهُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ قِیْلَ هٰذَا الَّذِیْ كُنْتُمْ بِهٖ تَدَّعُوْنَ۲۷
پوءِ جڏهن ان کي ويجهو ڏسندا ته ڪافرن جا مُنهن ڪاراٽجي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو: ”هي اُهو (عذاب) آهي جنهن جي توهان گهُر ڪندا هئا“.
قُلْ اَرَءَیْتُمْ اِنْ اَهْلَكَنِیَ اللّٰهُ وَ مَنْ مَّعِیَ اَوْ رَحِمَنَا١ۙ فَمَنْ یُّجِیْرُ الْكٰفِرِیْنَ مِنْ عَذَابٍ اَلِیْمٍ۲۸
چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي هلاڪ ڪري ڇڏي يا اسان تي رحم فرمائي، پوءِ اُهو ڪير آهي جو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟
قُلْ هُوَ الرَّحْمٰنُ اٰمَنَّا بِهٖ وَ عَلَیْهِ تَوَكَّلْنَا١ۚ فَسَتَعْلَمُوْنَ مَنْ هُوَ فِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ۲۹
چؤ اُهو (الله) وڏو مهربان آهي اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسان ان تي ڀروسو ڪيو، پوءِ توهان سگهو ئي ڄاڻي وٺندؤ ته ڪير ماڻهو کُلي گمراهي ۾ آهي.
قُلْ اَرَءَیْتُمْ اِنْ اَصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَنْ یَّاْتِیْكُمْ بِمَآءٍ مَّعِیْنٍ۠۳۰
چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان جو پاڻي زمين ۾ تمام هيٺ هليو وڃي ته ڪير آهي جو اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟
نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَۙ۱
نون (اِهو حروف مقطعات منجهان آهي ان جي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي قلم جو، قسم آهي ان (لکت) جو جيڪا لکڻ وارا (ملائڪ) لکن ٿا.
مَاۤ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍۚ۲
تون پنهنجي پالڻهار جي فضل سان (هرگز) مجنون نه آهين.
اِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِیْلِهٖ١۪ وَ هُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِیْنَ۷
بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان شخص کي چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي جيڪو سندس رستي کان ڀٽڪي ويو ۽ اُهو سڌي رستي تي هلڻ وارن کي به چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي.
وَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَیُدْهِنُوْنَ۹
اُهي چاهن ٿا ته جي تون نرم ٿين ته پوءِ اُهي به نرم ٿين.
وَ لَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِیْنٍۙ۱۰
۽ تون اهڙي شخص جي ڳالھ نه مڃ جو گهڻا قسم کڻڻ وارو انتهائي ذليل آهي.
مَّنَّاعٍ لِّلْخَیْرِ مُعْتَدٍ اَثِیْمٍۙ۱۲
چڱي ڪم کان روڪيندڙ حد کان لنگهندڙ سخت گهنگار آهي.
اَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّ بَنِیْنَؕ۱۴
هن ڪري (ان کي اهميت نه ڏي) جو اُهو مال ۽ اولاد وارو آهي.
اِذَا تُتْلٰى عَلَیْهِ اٰیٰتُنَا قَالَ اَسَاطِیْرُ الْاَوَّلِیْنَ۱۵
۽ جڏهن ان تي اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته چوي ٿو: ” هي ته اڳين جون آکاڻيون آهن“.
اِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَمَا بَلَوْنَاۤ اَصْحٰبَ الْجَنَّةِ١ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَیَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِیْنَۙ۱۷
بيشڪ اسان انهن (مڪي وارن) کي اهڙي طرح آزمائش ۾ وڌو آهي جهڙي طرح باغ وارن کي آزمايو هيو جڏهن انهن قسم کنيو ته اسان صبح ٿيندي ئي ان جا ميوا پَٽينداسين.
فَطَافَ عَلَیْهَا طَآىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَ هُمْ نَآىِٕمُوْنَ۱۹
پوءِ ان (باغ تي) تنهنجي پالڻهار جي پاران ڪا ڦرڻ واري (آفت) ڦري وئي ان حال ۾ جو اُهي ستل ئي رهيا.
اَنِ اغْدُوْا عَلٰى حَرْثِكُمْ اِنْ كُنْتُمْ صٰرِمِیْنَ۲۲
ته پنهنجي پوک تي ساجھر سوير هلو جيڪڏهن اوهان کي ميوا پَــٽڻا آهن.
فَانْطَلَقُوْا وَ هُمْ یَتَخَافَتُوْنَۙ۲۳
پوءِ هليا ۽ اُهي هڪ ٻئي کي هوريان چوندي پي ويا.
اَنْ لَّا یَدْخُلَنَّهَا الْیَوْمَ عَلَیْكُمْ مِّسْكِیْنٌۙ۲۴
ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه مسڪين اندر نه اچي.
وَّ غَدَوْا عَلٰى حَرْدٍ قٰدِرِیْنَ۲۵
۽ صبح جو ساجھر هليا پنهنجي (ڪجھ نه ڏيڻ واري) ارادي تي سگھ سمجهندي.
فَلَمَّا رَاَوْهَا قَالُوْۤا اِنَّا لَضَآلُّوْنَۙ۲۶
پوءِ جڏهن ان (اجڙيل باغ) کي ڏٺائون ته چيائون: ”اسان پڪ سان رستو ڀُليل آهيون.
قَالَ اَوْسَطُهُمْ اَلَمْ اَقُلْ لَّكُمْ لَوْ لَا تُسَبِّحُوْنَ۲۸
انهن جي چڱي مڙس چيو: ”ڇا مون توهان کي نه چيو هيو ته توهان (الله) جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪيو“؟
قَالُوْا سُبْحٰنَ رَبِّنَاۤ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِیْنَ۲۹
(تڏهن) چيائون: ”اسان جو پالڻهار پاڪ آهي بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين“.
فَاَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلٰى بَعْضٍ یَّتَلَاوَمُوْنَ۳۰
پوءِ اُهي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي (هڪ ٻئي کي) ملامت ڪرڻ لڳا.
قَالُوْا یٰوَیْلَنَاۤ اِنَّا كُنَّا طٰغِیْنَ۳۱
چيائون: ”هاءِ اسان تي افسوس! بيشڪ اسان سرڪش هئاسين.
عَسٰى رَبُّنَاۤ اَنْ یُّبْدِلَنَا خَیْرًا مِّنْهَاۤ اِنَّاۤ اِلٰى رَبِّنَا رٰغِبُوْنَ۳۲
اميد آهي اسان جو پالڻهار اسان کي ان جي عيوض ان کان بهتر (باغ) ڏيندو بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار ۾ اميدوار آهيون“.
كَذٰلِكَ الْعَذَابُ١ؕ وَ لَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَكْبَرُ١ۘ لَوْ كَانُوْا یَعْلَمُوْنَ۠۳۳
عذاب ائين هوندو آهي! ۽ آخرت جو عذاب (اڃا) وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن ها.
اِنَّ لِلْمُتَّقِیْنَ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتِ النَّعِیْمِ۳۴
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سندن پالڻهار وٽ نعمتن وارا باغ آهن.
اَفَنَجْعَلُ الْمُسْلِمِیْنَ كَالْمُجْرِمِیْنَؕ۳۵
ڇا اسان فرمانبردارن جو ڏوهارين جهڙو حال ڪنداسين؟
اَمْ لَكُمْ كِتٰبٌ فِیْهِ تَدْرُسُوْنَۙ۳۷
ڇا اوهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنهن ۾ (اهو) پڙهو ٿا؟
اِنَّ لَكُمْ فِیْهِ لَمَا تَخَیَّرُوْنَۚ۳۸
جو توهان جي لاءِ ان ۾ اهو ڪجھ آهي جو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪيو ٿا.
اَمْ لَكُمْ اَیْمَانٌ عَلَیْنَا بَالِغَةٌ اِلٰى یَوْمِ الْقِیٰمَةِ١ۙ اِنَّ لَكُمْ لَمَا تَحْكُمُوْنَۚ۳۹
ڇا توهان جا اسان جي ذمي ڪي پڪا پختا انجام آهن؟ جيڪي قيامت واري ڏينهن تائين هلندا جو توهان جي لاءِ اهو ڪجھ هوندو جنهن جو توهان (پنهنجي لاءِ) فيصلو ڪندؤ!
سَلْهُمْ اَیُّهُمْ بِذٰلِكَ زَعِیْمٌۚۛ۴۰
انهن کان پڇ ته انهن مان ڪير ان (بيهودي ڳالھ) جو ضامن آهي ..
اَمْ لَهُمْ شُرَكَآءُ١ۛۚ فَلْیَاْتُوْا بِشُرَكَآىِٕهِمْ اِنْ كَانُوْا صٰدِقِیْنَ۴۱
يا ته انهن جا ڪي شريڪ آهن .. ته پوءِ ڀلي پنهنجي شريڪن کي وٺي اچن جي اهي سچا آهن.
یَوْمَ یُكْشَفُ عَنْ سَاقٍ وَّ یُدْعَوْنَ اِلَى السُّجُوْدِ فَلَا یَسْتَطِیْعُوْنَۙ۴۲
جنهن ڏينهن هڪ پِني (يعني قيامت جي هيبتناڪ منظر) تان پردو کنيو ويندو ۽ انهن (نافرمانن) کي سجدي ڏانهن سڏيو ويندو پوءِ سجدو ڪري نه سگهندا.
خَاشِعَةً اَبْصَارُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ١ؕ وَ قَدْ كَانُوْا یُدْعَوْنَ اِلَى السُّجُوْدِ وَ هُمْ سٰلِمُوْنَ۴۳
انهن جون اکيون جُهڪيل هونديون انهن کي خواري ويڙهي وئي هوندي. حالانڪه اُهي (دنيا ۾ به) سجدي لاءِ سڏيا ويندا هئا ۽ اُهي (ان وقت) تندرست هئا (پر سجدو نه ڪندا هئا).
فَذَرْنِیْ وَ مَنْ یُّكَذِّبُ بِهٰذَا الْحَدِیْثِ١ؕ سَنَسْتَدْرِجُهُمْ مِّنْ حَیْثُ لَا یَعْلَمُوْنَۙ۴۴
پوءِ مون کي ۽ ان ماڻهو کي ڇڏي ڏي جيڪو هن ڳالھ جو انڪار ڪري ٿو. جلد ئي اسان انهن کي آهستي آهستي ڪري پڪڙينداسين جتان کين خبر به نه پوندي.
وَ اُمْلِیْ لَهُمْ١ؕ اِنَّ كَیْدِیْ مَتِیْنٌ۴۵
۽ آءٌ انهن کي مهلت ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي تدبير ڏاڍي مضبوط آهي.
اَمْ تَسْـَٔلُهُمْ اَجْرًا فَهُمْ مِّنْ مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُوْنَۚ۴۶
ڇا تون انهن کان (تبليغ جو) ڪو معاوضو گهرين ٿو؟ جو اُهي چَٽِيءَ جي بار ۾ دٻجي ويا آهن؟
اَمْ عِنْدَهُمُ الْغَیْبُ فَهُمْ یَكْتُبُوْنَ۴۷
ڇا انهن وٽ غيب جو علم آهي؟ جو اُهي لکن ٿا.
فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَ لَا تَكُنْ كَصَاحِبِ الْحُوْتِ١ۘ اِذْ نَادٰى وَ هُوَ مَكْظُوْمٌؕ۴۸
سو تون پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي انتظار ۾ صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (نبي يونس) وانگر نه ٿيءُ. جنهن وقت ان (الله کي) پڪاريو ۽ اهو (قوم جي بي فرمانن مٿان) غم ۽ غصي ۾ ڀريل هيو.
لَوْ لَاۤ اَنْ تَدٰرَكَهٗ نِعْمَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ لَنُبِذَ بِالْعَرَآءِ وَ هُوَ مَذْمُوْمٌ۴۹
جيڪڏهن ان کي سندس پالڻهار پاران رحمت نه پهچي ها ته ان کي رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي هاءِ اهو ملامت زده هجي ها.
فَاجْتَبٰىهُ رَبُّهٗ فَجَعَلَهٗ مِنَ الصّٰلِحِیْنَ۵۰
پوءِ ان کي سندس پالڻهار چونڊيو پوءِ ان کي نيڪوڪارن مان ڪيائين.
وَ اِنْ یَّكَادُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَیُزْلِقُوْنَكَ بِاَبْصَارِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا الذِّكْرَ وَ یَقُوْلُوْنَ اِنَّهٗ لَمَجْنُوْنٌۘ۵۱
۽ قريب آهي جو ڪافر توکي پنهنجي تيز نگاهن سان ڪيرائي وجهن جڏهن اُهي قرآن ٻڌن ٿا ۽ چون ٿا ته: ”هي ضرور عقل کان خالي آهي“.
وَ مَا هُوَ اِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِیْنَ۠۵۲
حالانڪه هي (قرآن) ته سڀ جهانن جي لاءِ نصيحت آهي.
كَذَّبَتْ ثَمُوْدُ وَ عَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ۴
ثمود ۽ عاد (جي قومن) ان سخت صدمو ڏيندڙ (قيامت) کي ڪوڙو سمجھيو.
فَاَمَّا ثَمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِیَةِ۵
پوءِ ثمود وارا بي حد خوفناڪ آواز جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.
وَ اَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِیْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِیَةٍۙ۶
۽ پر عاد وارا بيحد سخت تيز هوا جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.
سَخَّرَهَا عَلَیْهِمْ سَبْعَ لَیَالٍ وَّ ثَمٰنِیَةَ اَیَّامٍ١ۙ حُسُوْمًا١ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِیْهَا صَرْعٰى١ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِیَةٍۚ۷
ان (تيز هوا) کي الله انهن تي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقرر ڪيو، پوءِ تون انهن ماڻهن کي (ان دوران ڏسين ها ته) ائين مُئل پيو ڏسين ها، ڄڻڪ اُهي کجيءَ جا کوکلا ٿُـــڙَ ڪريل آهن.
وَ جَآءَ فِرْعَوْنُ وَ مَنْ قَبْلَهٗ وَ الْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِۚ۹
۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ (قومِ لوط جي) اونڌي ڪيل ڳوٺن وارا (به اهڙا ئي) گناھ کڻي آيا.
فَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِیَةً۱۰
پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله انهن جي زور سخت پڪڙ ڪئي.
اِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَآءُ حَمَلْنٰكُمْ فِی الْجَارِیَةِۙ۱۱
جڏهن (نوح واري طوفان ۾) پاڻي حد کان ٽپي ويو تڏهن اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو.
لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّ تَعِیَهَاۤ اُذُنٌ وَّاعِیَةٌ۱۲
هن لاءِ ته اسان ان (واقعي) کي توهان لاءِ نصيحت بنايون ۽ محفوظ رکڻ وارا ڪن ان کي ياد رکن.
فَاِذَا نُفِخَ فِی الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌۙ۱۳
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڀيرو ڦوڪ ڏني ويندي.
وَّ حُمِلَتِ الْاَرْضُ وَ الْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةًۙ۱۴
۽ زمين ۽ جبلَ (پنهنجي جاءِ کان) مٿي کنيا ويندا ۽ هڪ ئي ڌڪ ۾ ذرا ذرا ڪيا ويندا.
فَیَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُۙ۱۵
پوءِ ان ڏينهن واقع ٿيڻ واري (قيامت) واقعي ٿي پوندي.
وَ انْشَقَّتِ السَّمَآءُ فَهِیَ یَوْمَىِٕذٍ وَّاهِیَةٌۙ۱۶
۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڪمزور ڦاٽل هوندو.
وَّ الْمَلَكُ عَلٰۤى اَرْجَآىِٕهَا١ؕ وَ یَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ یَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِیَةٌؕ۱۷
۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار جي عرش کي اٺ ملائڪ پنهنجي مٿان کڻندا.
یَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِیَةٌ۱۸
ان ڏينهن توهان (الله اڳيان) پيش ڪيا ويندا توهان جو ڪو راز ڳجهو نه رهندو.
فَاَمَّا مَنْ اُوْتِیَ كِتٰبَهٗ بِیَمِیْنِهٖ١ۙ فَیَقُوْلُ هَآؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِیَهْۚ۱۹
پوءِ جنهن ماڻهو کي سندس اعمال نامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اُهو (خوشيءَ ۾) چوندو: ”اچو منهنجو هي اعمال نامو پڙهو.
اِنِّیْ ظَنَنْتُ اَنِّیْ مُلٰقٍ حِسَابِیَهْۚ۲۰
بيشڪ مون کي يقين هيو ته مون کي پنهنجو حساب ملڻو آهي“.
كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓـًٔۢا بِمَاۤ اَسْلَفْتُمْ فِی الْاَیَّامِ الْخَالِیَةِ۲۴
(کين چيو ويندو) مزي سان کائو ۽ پيئو پنهنجي انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان گذريل (زندگي جي) ڏينهن ۾ اڳتي موڪليا هئا.
وَ اَمَّا مَنْ اُوْتِیَ كِتٰبَهٗ بِشِمَالِهٖ١ۙ۬ فَیَقُوْلُ یٰلَیْتَنِیْ لَمْ اُوْتَ كِتٰبِیَهْۚ۲۵
۽ پر اُهو ماڻهو جنهن جو اعمال نامو ان جي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو پوءِ اُهو چوندو: ”هائو جي مون کي منهنجو اعمال نامو نه ڏنو وڃي ها.
یٰلَیْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِیَةَۚ۲۷
ڪاش! جي اهو (موت منهنجو) ڪم ئي پورو ڪري ڇڏي ها.
ثُمَّ فِیْ سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُوْنَ ذِرَاعًا فَاسْلُكُوْهُؕ۳۲
پوءِ هڪ زنجير ۾ جنهن جي ڊيگھ ستر گز آهي پوءِ ان ۾ کيس ٻڌو.
اِنَّهٗ كَانَ لَا یُؤْمِنُ بِاللّٰهِ الْعَظِیْمِۙ۳۳
بيشڪ اهو وڏي عظمت واري الله تي ايمان نه رکندو هيو.
وَ لَا یَحُضُّ عَلٰى طَعَامِ الْمِسْكِیْنِؕ۳۴
۽ نه محتاج کي ماني کارائڻ جي رغبت ڏياريندو هيو.
فَلَیْسَ لَهُ الْیَوْمَ هٰهُنَا حَمِیْمٌۙ۳۵
پوءِ ان جي لاءِ اڄ ڏينهن هتي ڪوبه دلي دوست ناهي.
وَّ لَا طَعَامٌ اِلَّا مِنْ غِسْلِیْنٍۙ۳۶
۽ نه ان جي لاءِ ڪو کاڌو آهي سواءِ ڦَٽن جي پُونءِ جي.
لَّا یَاْكُلُهٗۤ اِلَّا الْخَاطِـُٔوْنَ۠۳۷
جنهن کي گنهگارن کان سواءِ ڪوبه ڪونه کائيندو“.
فَلَاۤ اُقْسِمُ بِمَا تُبْصِرُوْنَۙ۳۸
سو مون کي قسم آهي انهن شين جو جن کي توهان ڏسو ٿا.
اِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِیْمٍۚۙ۴۰
ته بيشڪ اهو (قرآن) ڪرم واري رسول جو قول آهي.
وَّ مَا هُوَ بِقَوْلِ شَاعِرٍ١ؕ قَلِیْلًا مَّا تُؤْمِنُوْنَۙ۴۱
۽ هي ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. توهان ٿورڙو يقين ڪيو ٿا.
وَ لَا بِقَوْلِ كَاهِنٍ١ؕ قَلِیْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَؕ۴۲
۽ نه هي ڪنهن اڳ ڪٿي ڪندڙ (ڀوپي) جو ڪلام آهي. اوهان تمام ٿورڙي نصيحت پرايو ٿا.
وَ لَوْ تَقَوَّلَ عَلَیْنَا بَعْضَ الْاَقَاوِیْلِۙ۴۴
۽ جيڪڏهن اهو (نبي ڪريم) ڪي ڳالهيون پاڻ گهڙي اسان تي هڻي ها.
فَمَا مِنْكُمْ مِّنْ اَحَدٍ عَنْهُ حٰجِزِیْنَ۴۷
پوءِ توهان مان ڪوبه (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه هجي ها.
وَ اِنَّهٗ لَتَذْكِرَةٌ لِّلْمُتَّقِیْنَ۴۸
۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.
وَ اِنَّا لَنَعْلَمُ اَنَّ مِنْكُمْ مُّكَذِّبِیْنَ۴۹
۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته توهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو چوڻ وارا آهن.
وَ اِنَّهٗ لَحَسْرَةٌ عَلَى الْكٰفِرِیْنَ۵۰
۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي.
فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِیْمِ۠۵۲
پوءِ پنهنجي عظمتن واري پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
سَاَلَ سَآىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍۙ۱
هڪ گھرڻ واري گھريو آهي اهڙو عذاب جيڪو واقع ٿيڻ وارو آهي.
لِّلْكٰفِرِیْنَ لَیْسَ لَهٗ دَافِعٌۙ۲
ڪافرن جي لاءِ آهي جنهن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونهي.
مِّنَ اللّٰهِ ذِی الْمَعَارِجِؕ۳
(اُهو) الله جي طرفان (ايندو) جيڪو (بلندين جي) ڏاڪڻين جو مالڪ آهي.
تَعْرُجُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ وَ الرُّوْحُ اِلَیْهِ فِیْ یَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِیْنَ اَلْفَ سَنَةٍۚ۴
جنهن ڏانهن ملائڪ ۽ روح چڙهندا اهڙي ڏينهن ۾، جنهن جو مقدار پنجاھ هزار سالن جو آهي.
فَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِیْلًا۵
پوءِ تون صبر ڪر زور سهڻو صبر (جيڪو هر شڪايت کان پاڪ هجي).
یَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَآءُ كَالْمُهْلِۙ۸
جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿي پوندو.
وَ لَا یَسْـَٔلُ حَمِیْمٌ حَمِیْمًاۚۖ۱۰
۽ ڪو جگري دوستُ ڪنهن جگري دوست کي نه پڇندو.
یُّبَصَّرُوْنَهُمْ١ؕ یَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ یَفْتَدِیْ مِنْ عَذَابِ یَوْمِىِٕذٍۭ بِبَنِیْهِۙ۱۱
(جيتوڻيڪ) اُهي هڪ ٻئي کي ڏيکاريا به ويندا. ڏوهاري ماڻهو خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب کان (نجات) جي بدلي ۾ پنهنجا پُٽَ ڏئي ڇڏي.
وَ مَنْ فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا١ۙ ثُمَّ یُنْجِیْهِۙ۱۴
۽ جيترا به ماڻهو زمين ۾ آهن سڀ جو سڀ (پنهنجي پاران بدلو ڏئي) پوءِ اهو ان کي (عذاب کان) بچائي.
تَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَ تَوَلّٰىۙ۱۷
اُها ان ماڻهو کي سڏيندي جنهن پُٺِ ڦيرِي ۽ مُنهن موڙيو.
وَّ اِذَا مَسَّهُ الْخَیْرُ مَنُوْعًاۙ۲۱
۽ جڏهن ان کي ڀلائي پهچي ٿي ته ڪنجوس ٿي پوي ٿو.
الَّذِیْنَ هُمْ عَلٰى صَلَاتِهِمْ دَآىِٕمُوْنَ۪ۙ۲۳
جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشگي ڪرڻ وارا آهن.
وَ الَّذِیْنَ فِیْۤ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ مَّعْلُوْمٌ۪ۙ۲۴
۽ اُهي ماڻهو جن جي مالن ۾ حصو مقرر آهي.
وَ الَّذِیْنَ یُصَدِّقُوْنَ بِیَوْمِ الدِّیْنِ۪ۙ۲۶
۽ اُهي ماڻهو جيڪي بدلي واري ڏينهن جي تصديق ڪن ٿا.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ مِّنْ عَذَابِ رَبِّهِمْ مُّشْفِقُوْنَۚ۲۷
۽ اُهي جيڪي پنهنجي پالڻهار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آهن.
اِنَّ عَذَابَ رَبِّهِمْ غَیْرُ مَاْمُوْنٍ۲۸
بيشڪ انهن جي رب جو عذاب بي خوف ٿيڻ جي شيءِ نه آهي.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ لِفُرُوْجِهِمْ حٰفِظُوْنَۙ۲۹
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهن.
اِلَّا عَلٰۤى اَزْوَاجِهِمْ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَیْمَانُهُمْ فَاِنَّهُمْ غَیْرُ مَلُوْمِیْنَۚ۳۰
سواءِ پنهنجي گهروارين جي يا پنهنجي مِلڪ ۾ آيل ڪنيزن جي پوءِ بيشڪ اُهي (ان ۾) ملامت ڪيل نه آهن.
فَمَنِ ابْتَغٰى وَرَآءَ ذٰلِكَ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْعٰدُوْنَۚ۳۱
پوءِ جيڪو انهن کان سواءِ طلب ڪري ته پوءِ اُهي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ لِاَمٰنٰتِهِمْ وَ عَهْدِهِمْ رٰعُوْنَ۪ۙ۳۲
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ پنهنجن انجامن جي سنڀال ڪندڙ آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ بِشَهٰدٰتِهِمْ قَآىِٕمُوْنَ۪ۙ۳۳
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شاهديُن تي قائم رهندا آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ عَلٰى صَلَاتِهِمْ یُحَافِظُوْنَؕ۳۴
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا آهن.
فَمَالِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا قِبَلَكَ مُهْطِعِیْنَۙ۳۶
پوءِ ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو توڏي ڀڳا اچن ٿا.
عَنِ الْیَمِیْنِ وَ عَنِ الشِّمَالِ عِزِیْنَ۳۷
ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ڪري.
اَیَطْمَعُ كُلُّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ اَنْ یُّدْخَلَ جَنَّةَ نَعِیْمٍۙ۳۸
ڇا انهن مان هر ماڻهو اها آس رکي ٿو ته ان کي نعمتن واري جنت ۾ داخل ڪيو وڃي! (بنا ايمان ۽ عمل جي)
كَلَّا١ؕ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّمَّا یَعْلَمُوْنَ۳۹
هرگز نه! بيشڪ اسان انهن کي جنهن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي اُهي (به) ڄاڻن ٿا.
فَلَاۤ اُقْسِمُ بِرَبِّ الْمَشٰرِقِ وَ الْمَغٰرِبِ اِنَّا لَقٰدِرُوْنَۙ۴۰
پوءِ آءٌ اوڀرن ۽ اولهن جي مالڪ جو قسم کڻان ٿو ته يقيناً اسان سگھ رکڻ وارا آهيون.
عَلٰۤى اَنْ نُّبَدِّلَ خَیْرًا مِّنْهُمْ١ۙ وَ مَا نَحْنُ بِمَسْبُوْقِیْنَ۴۱
ان تي ته اسان انهن جي بدلي انهن کان چڱا ماڻهو آڻيون ۽ اسان عاجز ٿيڻ وارا نه آهيون.
فَذَرْهُمْ یَخُوْضُوْا وَ یَلْعَبُوْا حَتّٰى یُلٰقُوْا یَوْمَهُمُ الَّذِیْ یُوْعَدُوْنَۙ۴۲
پوءِ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۽ راندين ۾ پيا رهن ايستائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.
یَوْمَ یَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ سِرَاعًا كَاَنَّهُمْ اِلٰى نُصُبٍ یُّوْفِضُوْنَۙ۴۳
جنهن ڏينهن قبرن مان ائين ڊوڙندا نڪرندا ڄڻڪ اُهي ڪنهن کُتل نشان طرف ڊوڙندا ٿا وڃن.
خَاشِعَةً اَبْصَارُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ١ؕ ذٰلِكَ الْیَوْمُ الَّذِیْ كَانُوْا یُوْعَدُوْنَ۠۴۴
انهن جون اکيون جهُڪيل هونديون انهن کي ذلت وڪوڙي ويندي. اِهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو ويندو هيو.
اِنَّاۤ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖۤ اَنْ اَنْذِرْ قَوْمَكَ مِنْ قَبْلِ اَنْ یَّاْتِیَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۱
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ جو انهن کي دردناڪ عذاب اچي پهچي.
قَالَ یٰقَوْمِ اِنِّیْ لَكُمْ نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌۙ۲
(نوح) چيو: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (نبي) آهيان.
اَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَ اتَّقُوْهُ وَ اَطِیْعُوْنِۙ۳
ته توهان الله جي عبادت ڪيو، ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.
یَغْفِرْ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَ یُؤَخِّرْكُمْ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى١ؕ اِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ اِذَا جَآءَ لَا یُؤَخَّرُ١ۘ لَوْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۴
ته اُهو توهان جا گناھ بخشي ڇڏيندو ۽ توهان کي مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏيندو. بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن اچي ٿو ته پوئتي نه ٿو ڪيو وڃي، هائو جي توهان ڄاڻو ها“.
قَالَ رَبِّ اِنِّیْ دَعَوْتُ قَوْمِیْ لَیْلًا وَّ نَهَارًاۙ۵
(نوح) چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو.
فَلَمْ یَزِدْهُمْ دُعَآءِیْۤ اِلَّا فِرَارًا۶
پر منهنجي سڏڻ انهن جي لاءِ سواءِ ڀڄڻ جي ٻيو ڪجھ نه وڌايو.
وَ اِنِّیْ كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوْۤا اَصَابِعَهُمْ فِیْۤ اٰذَانِهِمْ وَ اسْتَغْشَوْا ثِیَابَهُمْ وَ اَصَرُّوْا وَ اسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًاۚ۷
۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن جي بخشش ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا پنهنجي مٿان ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) ضد ڪيائون ۽ زور وڏي وڏائي ڪيائون.
ثُمَّ اِنِّیْۤ اَعْلَنْتُ لَهُمْ وَ اَسْرَرْتُ لَهُمْ اِسْرَارًاۙ۹
وري بيشڪ مون انهن کي ظاهر ظهور چيو ۽ انهن کي ڳجهي طرح رازدارانه انداز ۾ سمجهايم.
فَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ١ؕ اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًاۙ۱۰
پوءِ مون کين چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو. بيشڪ اُهو معافي ڏيندڙ آهي.
وَّ یُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّ بَنِیْنَ وَ یَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّ یَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًاؕ۱۲
۽ مالن ۽ پُٽن جي ذريعي اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان لاءِ باغ بنائيندو ۽ اوهان لاءِ نهرون وهائيندو.
مَا لَكُمْ لَا تَرْجُوْنَ لِلّٰهِ وَقَارًاۚ۱۳
توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله جي عظمت جو ويساھ نه ٿا رکو.
اَلَمْ تَرَوْا كَیْفَ خَلَقَ اللّٰهُ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًاۙ۱۵
ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته الله ڪيئن ست آسمانن کي طبق در طبق پيدا ڪيو آهي.
وَّ جَعَلَ الْقَمَرَ فِیْهِنَّ نُوْرًا وَّ جَعَلَ الشَّمْسَ سِرَاجًا۱۶
۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي روشن (ٻرندڙ) ڏيئو بنايائين.
وَ اللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًاۙ۱۷
۽ الله توهان کي زمين مان (هڪ خاص انداز سان) ڄمايو آهي.
ثُمَّ یُعِیْدُكُمْ فِیْهَا وَ یُخْرِجُكُمْ اِخْرَاجًا۱۸
پوءِ توهان کي ان ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي (ان مان دوبارو) ٻاهر ڪڍندو.
وَ اللّٰهُ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ بِسَاطًاۙ۱۹
۽ الله توهان لاءِ زمين کي پکڙيل وڇاڻو بنايو آهي.
قَالَ نُوْحٌ رَّبِّ اِنَّهُمْ عَصَوْنِیْ وَ اتَّبَعُوْا مَنْ لَّمْ یَزِدْهُ مَالُهٗ وَ وَلَدُهٗۤ اِلَّا خَسَارًاۚ۲۱
۽ نوح عرض ڪيو: ”اي منهنجا مالڪ! بيشڪ انهن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ انهن جي پيروي ڪندا رهيا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه وڌايو.
وَ قَالُوْا لَا تَذَرُنَّ اٰلِهَتَكُمْ وَ لَا تَذَرُنَّ وَدًّا وَّ لَا سُوَاعًا١ۙ۬ وَّ لَا یَغُوْثَ وَ یَعُوْقَ وَ نَسْرًاۚ۲۳
۽ چيائون ته پنهنجي معبودن کي اصل نه ڇڏيو ۽ نه ڪي وَد کي ڇڏجو ۽ نه سُواع کي ۽ نه يغوث کي ۽ نه يعوق ۽ نَسر (نالي بتن) کي (ڇڏجو).
وَ قَدْ اَضَلُّوْا كَثِیْرًا١ۚ۬ وَ لَا تَزِدِ الظّٰلِمِیْنَ اِلَّا ضَلٰلًا۲۴
۽ بيشڪ انهن گهڻن ماڻهن کي گمراھ ڪيو ۽ (پوءِ اي منهنجا مالڪ) ظالمن لاءِ گمراهي کان سواءِ ٻيو ڪنهن شيءِ ۾ ترقي نه ڏي“.
مِمَّا خَطِیْٓـٰٔتِهِمْ اُغْرِقُوْا فَاُدْخِلُوْا نَارًا١ۙ۬ فَلَمْ یَجِدُوْا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَنْصَارًا۲۵
(نيٺانيٺ) اُهي پنهنجي گناهن سبب ٻوڙيا ويا پوءِ باھ ۾ وِڌا ويا، پوءِ انهن پنهنجي لاءِ الله کان بچائڻ وارو ڪو مددگار نه لڌو.
وَ قَالَ نُوْحٌ رَّبِّ لَا تَذَرْ عَلَى الْاَرْضِ مِنَ الْكٰفِرِیْنَ دَیَّارًا۲۶
۽ نوح چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار ڪافرن مان ڪوبه رهندڙُ زمين تي نه ڇڏ.
اِنَّكَ اِنْ تَذَرْهُمْ یُضِلُّوْا عِبَادَكَ وَ لَا یَلِدُوْۤا اِلَّا فَاجِرًا كَفَّارًا۲۷
بلاشڪ اگر تون انهن کي (جيئرو) ڇڏيندين ته اُهي تنهنجي ٻانهن کي گمراھ ڪندا ۽ رڳو بدڪار ڪافر ئي ڄڻيندا.
رَبِّ اغْفِرْ لِیْ وَ لِوَالِدَیَّ وَ لِمَنْ دَخَلَ بَیْتِیَ مُؤْمِنًا وَّ لِلْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ١ؕ وَ لَا تَزِدِ الظّٰلِمِیْنَ اِلَّا تَبَارًا۠۲۸
اي منهنجا پالڻهار! مون کي بخش ۽ منهنجي والدين کي ۽ هر ان شخص کي جيڪو مؤمن بنجي منهنجي گهر ۾ (پناھ وٺڻ لاءِ) داخل ٿيو ۽ (سڀ) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي (به بخش). ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌاءِ“.
قُلْ اُوْحِیَ اِلَیَّ اَنَّهُ اسْتَمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْۤا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًاۙ۱
(اي نبي!) چؤ ته: مون ڏي وحي ڪئي وئي آهي ته جنن جي هڪ جماعت (منهنجي تلاوت کي) ٻڌو پوءِ (پنهنجي قوم کي) چيائون: ”بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.
یَّهْدِیْۤ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ١ؕ وَ لَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَاۤ اَحَدًاۙ۲
جيڪو هدايت جي واٽ ڏيکاري ٿو سو اسان ان تي ايمان آندو آهي. ۽ اسان پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ ڪونه ڪنداسين“.
وَّ اَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّ لَا وَلَدًاۙ۳
۽ هي ته: ”اسان جي پالڻهار جو شان بلند آهي نه ان ڪنهن کي (پنهنجي) زال بنايو آهي نه اولاد“.
وَّ اَنَّهٗ كَانَ یَقُوْلُ سَفِیْهُنَا عَلَى اللّٰهِ شَطَطًاۙ۴
۽ هي ته: ”اسان مان ڪو بيوقوف الله جي باري ۾ خلافِ حق ڳالهيون ڪندو هيو“.
وَّ اَنَّا ظَنَنَّاۤ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَ الْجِنُّ عَلَى اللّٰهِ كَذِبًاۙ۵
۽ هي ته ”اسان سمجهيو هيو ته ناممڪن آهي جو ڪو انسان ۽ ڪو جِنُ الله جي باري ۾ ڪوڙي ڳالھ چوي“.
وَّ اَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ یَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًاۙ۶
۽ هي ته: ”انسانن مان ڪجھ ماڻهو جِنن مان ڪن فردن جي پناھ وٺندا هئا پوءِ انهن ماڻهن انهن جنن جي سرڪشي وڌائي ڇڏي“.
وَّ اَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ یَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًاۙ۷
۽ (”اي جنو!) انهن (انسانن به) اهو خيال ڪيو هيو جيئن اوهان (جنن) خيال ڪيو آهي ته الله ڪنهن کي رسول بنائي نه موڪليندو“.
وَّ اَنَّا لَمَسْنَا السَّمَآءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِیْدًا وَّ شُهُبًاۙ۸
۽ هي ته: ”اسان آسمان کي ڇُهيو پوءِ اسان ان کي سخت پهريدارن ۽ سخت شعلن سان ڀريل لڌو“.
وَّ اَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ١ؕ فَمَنْ یَّسْتَمِعِ الْاٰنَ یَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًاۙ۹
۽ هي ته: ”اڳي اسان (آسماني غيبي) خبرن ٻڌڻ لاءِ ڪن جاين تي وڃي ويهندا هئاسين مگر هاڻي جو به ڪَنُ لڳائي ٿو ته اهو هڪ شعلي کي پنهنجي تاڙ ۾ لهي ٿو“.
وَّ اَنَّا لَا نَدْرِیْۤ اَشَرٌّ اُرِیْدَ بِمَنْ فِی الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًاۙ۱۰
۽ هي ته: ”اسان نه ٿا ڄاڻون ته (اسان کي روڪڻ سان) جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن تن سان ڪنهن برائي جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن سان ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي“.
وَّ اَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَ مِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ١ؕ كُنَّا طَرَآىِٕقَ قِدَدًاۙ۱۱
۽ هي ته: ”اسان مان ڪي نيڪوڪار آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا آهن. ڇو ته اسان مختلف طريقن تي آهيون“.
وَّ اَنَّا ظَنَنَّاۤ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِی الْاَرْضِ وَ لَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًاۙ۱۲
۽ هي ته: ”اسان هي يقين ڪيو آهي ته اسان زمين ۾ (رهي ڪري) ڪڏهن به الله کي عاجز ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه ئي (زمين کان) ڀڄي ان کي عاجز ڪري سگهون ٿا“.
وَّ اَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰۤى اٰمَنَّا بِهٖ١ؕ فَمَنْ یُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا یَخَافُ بَخْسًا وَّ لَا رَهَقًاۙ۱۳
۽ هي ته: ”اسان جڏهن هدايت جي ڳالھ ٻڌي ته اسان ان تي ايمان آندو. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان خوفزده ٿيندو“.
وَّ اَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَ مِنَّا الْقٰسِطُوْنَ١ؕ فَمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰٓىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا۱۴
۽ هي ته: ”اسان مان ڪي فرمانبردار آهن ته اسان مان ڪي ظالم آهن. پوءِ جيڪو فرمانبردار ٿيو انهن سڌو رستو ڳولي ورتو“.
وَ اَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًاۙ۱۵
۽ جيڪي ظالم آهن سي جهنم جو ٻارڻ ٿيندا.
وَّ اَنْ لَّوِ اسْتَقَامُوْا عَلَى الطَّرِیْقَةِ لَاَسْقَیْنٰهُمْ مَّآءً غَدَقًاۙ۱۶
۽ (اي نبي چؤ مون تي وحي ڪئي وئي آهي ته) جيڪڏهن ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسان انهن کي گهڻي پاڻي سان سيراب ڪيون ها.
لِّنَفْتِنَهُمْ فِیْهِ١ؕ وَ مَنْ یُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ یَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًاۙ۱۷
هن لاءِ ته ان (نعمت) ۾ اسان انهن جو امتحان ڪيون. ۽ جيڪو به پنهنجي پالڻهار جي ذڪر کان مُنهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ مبتلا ڪندو.
وَّ اَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًاۙ۱۸
۽ هي ته بيشڪ مسجدون الله جي (عبادت) لاءِ آهن پوءِ توهان الله سان گڏ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو.
وَّ اَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ یَدْعُوْهُ كَادُوْا یَكُوْنُوْنَ عَلَیْهِ لِبَدًا٢ؕ۠۱۹
۽ جڏهن الله جو ٻانهو (محمد ڪريم ﷺ) ان جي عبادت ڪرڻ بيٺو پوءِ قريب هو جو اُهي (جن ۽ انسان) ان تي انبوھ ڪري مِڙي وڃن.
قُلْ اِنَّمَاۤ اَدْعُوْا رَبِّیْ وَ لَاۤ اُشْرِكُ بِهٖۤ اَحَدًا۲۰
چؤ ته: ”آءٌ صرف پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيان ٿو ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪيان“.
قُلْ اِنِّیْ لَاۤ اَمْلِكُ لَكُمْ ضَرًّا وَّ لَا رَشَدًا۲۱
چؤ ته: ”آءٌ اوهان جي لاءِ نه ته نقصان جو مالڪ آهيان ۽ نه ڀلائي جو“.
قُلْ اِنِّیْ لَنْ یُّجِیْرَنِیْ مِنَ اللّٰهِ اَحَدٌ١ۙ۬ وَّ لَنْ اَجِدَ مِنْ دُوْنِهٖ مُلْتَحَدًاۙ۲۲
چؤ ته: ”بيشڪ مون کي الله کان ڪوبه نه بچائي سگھندو ۽ نه آءٌ ان کان سواءِ ڪا پناھ جي جاءِ لهندس.
اِلَّا بَلٰغًا مِّنَ اللّٰهِ وَ رِسٰلٰتِهٖ١ؕ وَ مَنْ یَّعْصِ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ فَاِنَّ لَهٗ نَارَ جَهَنَّمَ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًاؕ۲۳
منهنجو ڪم ان کان سواءِ ڪجھ نه آهي الله جي ڳالھ ۽ ان جا احڪام پهچايان. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي بي فرماني ڪندو پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم جي باھ آهي ۽ اُهي ان ۾ سدائين رهندا“.
حَتّٰۤى اِذَا رَاَوْا مَا یُوْعَدُوْنَ فَسَیَعْلَمُوْنَ مَنْ اَضْعَفُ نَاصِرًا وَّ اَقَلُّ عَدَدًا۲۴
(اهي باز نه ايندا) ايستائين جو جڏهن اُهو (عذابِ الاهي) ڏسندا جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو پيو وڃي پوءِ جلدي ڄاڻي وٺندا ڪنهن جا مددگار ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جي جماعت گهٽ آهي.
قُلْ اِنْ اَدْرِیْۤ اَقَرِیْبٌ مَّا تُوْعَدُوْنَ اَمْ یَجْعَلُ لَهٗ رَبِّیْۤ اَمَدًا۲۵
چؤ: ”آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنهن (قيامت) جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي اُها ويجهڙي آهي يا ان جي لاءِ منهنجي پالڻهار ڊگهو عرصو مقرر ڪيو آهي.
عٰلِمُ الْغَیْبِ فَلَا یُظْهِرُ عَلٰى غَیْبِهٖۤ اَحَدًاۙ۲۶
ڳجھ جو ڄاڻڻ وارو (الله) آهي پوءِ اُهو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي واقف نه ٿو ڪري.
اِلَّا مَنِ ارْتَضٰى مِنْ رَّسُوْلٍ فَاِنَّهٗ یَسْلُكُ مِنْۢ بَیْنِ یَدَیْهِ وَ مِنْ خَلْفِهٖ رَصَدًاۙ۲۷
سواءِ ان رسول جي جنهن کي ان (غيب جي علم ڏيڻ لاءِ) پسند ڪيو. پوءِ بيشڪ اهو ان (رسول) جي اڳيان ۽ پويان پهريدار مقرر ڪري ٿو.
لِّیَعْلَمَ اَنْ قَدْ اَبْلَغُوْا رِسٰلٰتِ رَبِّهِمْ وَ اَحَاطَ بِمَا لَدَیْهِمْ وَ اَحْصٰى كُلَّ شَیْءٍ عَدَدًا۠۲۸
هن لاءِ ته اهو ڄاڻي جو انهن پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيا آهن ان جي علم ۾ آهي جو ڪجھ به انهن وٽ آهي ۽ ان هر شيءِ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو آهي.
قُمِ الَّیْلَ اِلَّا قَلِیْلًاۙ۲
رات جو (تهجد نماز لاءِ) بيھ مگر ٿوري دير. (آرام به ڪر)
اَوْ زِدْ عَلَیْهِ وَ رَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِیْلًاؕ۴
يا ان کان ڪجھ زياده ڪر ۽ قرآن کي ٺاهي ٺاهي پڙھ.
اِنَّا سَنُلْقِیْ عَلَیْكَ قَوْلًا ثَقِیْلًا۵
بيشڪ اسان جلد تو تي هڪ ڳرو فرمان نازل ڪنداسين.
اِنَّ نَاشِئَةَ الَّیْلِ هِیَ اَشَدُّ وَطْاً وَّ اَقْوَمُ قِیْلًاؕ۶
بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) قابو ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ ڳالھ وڌيڪ سڌي ڪرڻ وارو آهي.
اِنَّ لَكَ فِی النَّهَارِ سَبْحًا طَوِیْلًاؕ۷
بيشڪ تو لاءِ ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي.
وَ اذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَ تَبَتَّلْ اِلَیْهِ تَبْتِیْلًاؕ۸
۽ پنهنجي پالڻهار جي نالي جو ذڪر ڪر ۽ سڀني کان ڇڄي صرف ان جو ٿي وڃ.
رَبُّ الْمَشْرِقِ وَ الْمَغْرِبِ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ فَاتَّخِذْهُ وَكِیْلًا۹
اهو اوڀر ۽ اولھ جو مالڪ آهي ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ تون ان کي ڪارساز بناءِ.
وَ اصْبِرْ عَلٰى مَا یَقُوْلُوْنَ وَ اهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِیْلًا۱۰
۽ صبر ڪر ان (مِهڻن) مٿان جيڪي اُهي (ڪافر) چون ٿا ۽ کين سهڻي نموني ڇڏي ڏي.
وَ ذَرْنِیْ وَ الْمُكَذِّبِیْنَ اُولِی النَّعْمَةِ وَ مَهِّلْهُمْ قَلِیْلًا۱۱
۽ ڪوڙو چوندڙ مالدارن کي پُڄَڻَ لاءِ مون کي ڇڏي ڏي ۽ کين ٿورڙي مهلت ڏي.
اِنَّ لَدَیْنَاۤ اَنْكَالًا وَّ جَحِیْمًاۙ۱۲
بيشڪ اسان وٽ وزني (ڏنڊا) ٻيڙيون آهن ۽ ڀڙڪندڙ باھ آهي.
وَّ طَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَّ عَذَابًا اَلِیْمًاۗ۱۳
۽ نِڙِيءَ ۾ اَٽِڪندڙُ کاڌو ۽ دردناڪ عذاب آهي.
یَوْمَ تَرْجُفُ الْاَرْضُ وَ الْجِبَالُ وَ كَانَتِ الْجِبَالُ كَثِیْبًا مَّهِیْلًا۱۴
(اهو سڀ تڏهن ٿيندو) جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل لرزندا ۽ جبل هاريل واريءَ جي دڙي وانگر ٿي پوندا.
اِنَّاۤ اَرْسَلْنَاۤ اِلَیْكُمْ رَسُوْلًا١ۙ۬ شَاهِدًا عَلَیْكُمْ كَمَاۤ اَرْسَلْنَاۤ اِلٰى فِرْعَوْنَ رَسُوْلًاؕ۱۵
بيشڪ اسان اوهان ڏانهن هڪ رسول (محمد ڪريم ﷺ) اوهان مٿان شاهدي ڏيڻ وارو بنائي (اهڙي طرح) موڪليو آهي جيئن اسان فرعون ڏانهن هڪ رسول (موسيٰ) موڪليو هيو.
فَعَصٰى فِرْعَوْنُ الرَّسُوْلَ فَاَخَذْنٰهُ اَخْذًا وَّبِیْلًا۱۶
پوءِ فرعون ان رسول جي نافرمان ڪئي پوءِ اسان ان جي پڪڙ ڪئي سخت پڪڙ.
فَكَیْفَ تَتَّقُوْنَ اِنْ كَفَرْتُمْ یَوْمًا یَّجْعَلُ الْوِلْدَانَ شِیْبَاۗۖ۱۷
اگر توهان ڪفر ڪندا رهيا ته پوءِ ان ڏينهن (جي عذاب) کان ڪيئن بچي سگهندا جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪري ڇڏيندو.
اِ۟لسَّمَآءُ مُنْفَطِرٌۢ بِهٖ١ؕ كَانَ وَعْدُهٗ مَفْعُوْلًا۱۸
آسمان ڦاٽي پوندو ان (ڏينهن جي صدمي) کان. الله جو وعدو پورو ٿي رهندو.
اِنَّ هٰذِهٖ تَذْكِرَةٌ١ۚ فَمَنْ شَآءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ سَبِیْلًا۠۱۹
بيشڪ هي (قرآن) نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي پنهنجي پالڻهار ڏانهن پهچڻ جو رستو وٺي.
اِنَّ رَبَّكَ یَعْلَمُ اَنَّكَ تَقُوْمُ اَدْنٰى مِنْ ثُلُثَیِ الَّیْلِ وَ نِصْفَهٗ وَ ثُلُثَهٗ وَ طَآىِٕفَةٌ مِّنَ الَّذِیْنَ مَعَكَ١ؕ وَ اللّٰهُ یُقَدِّرُ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ١ؕ عَلِمَ اَنْ لَّنْ تُحْصُوْهُ فَتَابَ عَلَیْكُمْ فَاقْرَءُوْا مَا تَیَسَّرَ مِنَ الْقُرْاٰنِ١ؕ عَلِمَ اَنْ سَیَكُوْنُ مِنْكُمْ مَّرْضٰى١ۙ وَ اٰخَرُوْنَ یَضْرِبُوْنَ فِی الْاَرْضِ یَبْتَغُوْنَ مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ١ۙ وَ اٰخَرُوْنَ یُقَاتِلُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١ۖ٘ فَاقْرَءُوْا مَا تَیَسَّرَ مِنْهُ١ۙ وَ اَقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ وَ اَقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا١ؕ وَ مَا تُقَدِّمُوْا لِاَنْفُسِكُمْ مِّنْ خَیْرٍ تَجِدُوْهُ عِنْدَ اللّٰهِ هُوَ خَیْرًا وَّ اَعْظَمَ اَجْرًا١ؕ وَ اسْتَغْفِرُوا اللّٰهَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۠۲۰
بيشڪ تنهنجو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته تون رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو (تهجد نماز ۾) بيهين ٿو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽين پتي ۽ انهن ماڻهن جي جماعت جيڪي تو سان گڏ آهن (سا به تو سان گڏ قيام ڪري ٿي). ۽ الله ئي رات ۽ ڏينهن (جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ) جو اندازو ڪري ٿو. ان ڄاتو ته اوهان وقتن جو صحيح ڳاڻيٽو ڪري نه سگهندؤ سو ان توهان تي مهرباني فرمائي، پوءِ جيترو سهولت سان ٿي سگهي اوترو قرآن پڙهو. اُهو ڄاڻي ٿو ته اوهان (مان ڪي) بيمار ٿي پوندا ۽ ٻيا زمين ۾ سفر ڪندا هن لاءِ ته الله جو فضل (حلال روزگار) تلاش ڪن، ۽ ٻيا الله جي راھ ۾ جنگ ڪندا. سو جيترو سهولت سان ٿي سگهي اوترو (قرآن) مان پڙهو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ الله کي قرض ڏيو سهڻو قرض. ۽ جيڪا ڀلائي توهان پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليندا ان کي الله وٽ بهتر ۽ اجر ۾ وڏو لهندؤ. ۽ الله کان معافي گهرو. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
ذَرْنِیْ وَ مَنْ خَلَقْتُ وَحِیْدًاۙ۱۱
مون کي ۽ ان ماڻهو کي ڇڏي ڏي جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو آهي.
كَلَّا١ؕ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰیٰتِنَا عَنِیْدًاؕ۱۶
ائين نه ٿيندو. بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو شديد مخالف آهي.
فَقَالَ اِنْ هٰذَاۤ اِلَّا سِحْرٌ یُّؤْثَرُۙ۲۴
پوءِ چيائين ته: ”هي (قرآن) رڳو جادو آهي جيڪو (اڳين جادوگرن کان) هلندو اچي ٿو.
وَ مَا جَعَلْنَاۤ اَصْحٰبَ النَّارِ اِلَّا مَلٰٓىِٕكَةً١۪ وَّ مَا جَعَلْنَا عِدَّتَهُمْ اِلَّا فِتْنَةً لِّلَّذِیْنَ كَفَرُوْا١ۙ لِیَسْتَیْقِنَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَ یَزْدَادَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِیْمَانًا وَّ لَا یَرْتَابَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَ الْمُؤْمِنُوْنَ١ۙ وَ لِیَقُوْلَ الَّذِیْنَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ وَّ الْكٰفِرُوْنَ مَا ذَاۤ اَرَادَ اللّٰهُ بِهٰذَا مَثَلًا١ؕ كَذٰلِكَ یُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ یَّشَآءُ وَ یَهْدِیْ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ مَا یَعْلَمُ جُنُوْدَ رَبِّكَ اِلَّا هُوَ١ؕ وَ مَا هِیَ اِلَّا ذِكْرٰى لِلْبَشَرِ۠۳۱
۽ اسان باھ وارا (داروغا) صرف ملائڪ مقرر ڪيا آهن ۽ اسان انهن جي ڳاڻيٽي کي صرف ڪافرن لاءِ آزمائش بنايو آهي هن لاءِ ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ هن لاءِ ته جن جي دلين ۾ (نفاق) جي بيماري آهي ۽ ڪافر چون ته هن مثال مان الله جي ڇا مراد آهي؟ اهڙي طرح الله جنهن کي چاهي گمراھ ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت عطا ڪري ٿو. ۽ تنهنجي پالڻهار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪونه ٿو ڄاڻي. هيءَ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت ئي آهي.
لِمَنْ شَآءَ مِنْكُمْ اَنْ یَّتَقَدَّمَ اَوْ یَتَاَخَّرَؕ۳۷
(يعني) ان ماڻهو لاءِ جيڪو توهان مان اڳتي وڌڻ چاهي يا پوئتي هٽڻ چاهي.
كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِیْنَةٌۙ۳۸
هر شخص پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي گروي پيل آهي.
قَالُوْا لَمْ نَكُ مِنَ الْمُصَلِّیْنَۙ۴۳
اُهي چوندا: ”اسان نماز پڙهڻ وارن مان نه هئاسين.
وَ كُنَّا نَخُوْضُ مَعَ الْخَآىِٕضِیْنَۙ۴۵
۽ بيهودن ڪمن وارن سان گڏجي اسان به بيهودا ڪم ڪندا هئاسين.
وَ كُنَّا نُكَذِّبُ بِیَوْمِ الدِّیْنِۙ۴۶
۽ اسان حساب واري ڏينهن کي ڪوڙو سمجھندا هئاسين.
فَمَا تَنْفَعُهُمْ شَفَاعَةُ الشّٰفِعِیْنَؕ۴۸
پوءِ انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش نفعو نه ڏيندي.
فَمَا لَهُمْ عَنِ التَّذْكِرَةِ مُعْرِضِیْنَۙ۴۹
پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت (قرآن) کان منهن موڙيندڙ آهن؟
بَلْ یُرِیْدُ كُلُّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ اَنْ یُّؤْتٰى صُحُفًا مُّنَشَّرَةًۙ۵۲
بلڪه انهن مان هر ماڻهو چاهي ٿو ته ان کي کليل (آسماني) صحيفا ڏنا وڃن.
كَلَّا١ؕ بَلْ لَّا یَخَافُوْنَ الْاٰخِرَةَؕ۵۳
ائين نه ٿيندو. بلڪه اُهي آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
وَ مَا یَذْكُرُوْنَ اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ١ؕ هُوَ اَهْلُ التَّقْوٰى وَ اَهْلُ الْمَغْفِرَةِ۠۵۶
۽ اُهي ياد نه رکندا مگر جڏهن الله گهري. اُهو ئي حقدار آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو ئي بخشش جو مالڪ آهي.
وَ لَاۤ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِؕ۲
۽ آءٌ قسم کڻان ٿو ملامت ڪرڻ واري نفس جو. (ته قيامت ضرور ايندي)
اَیَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗؕ۳
ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسان ان جون هڏيون گڏ نه ڪري سگھنداسين؟
بَلٰى قٰدِرِیْنَ عَلٰۤى اَنْ نُّسَوِّیَ بَنَانَهٗ۴
ڇو نه! اسان ته ان تي به قادر آهيون جو ان جي آڱرين جي جوڙن ۽ پورن کي (نئين سِر) برابر ڪيون.
بَلْ یُرِیْدُ الْاِنْسَانُ لِیَفْجُرَ اَمَامَهٗۚ۵
بلڪه انسان چاهي ٿو ته پنهنجي آئنده (واري زندگيءَ) ۾ به گناھ ڪندو رهي.
یَقُوْلُ الْاِنْسَانُ یَوْمَىِٕذٍ اَیْنَ الْمَفَرُّۚ۱۰
ان ڏينهن انسان چوندو ته: ”ڀڄڻ جي جاءِ ڪهڙي آهي“؟
اِلٰى رَبِّكَ یَوْمَىِٕذِ اِ۟لْمُسْتَقَرُّؕ۱۲
ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار وٽ ئي قرار گاھ هوندي.
یُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ یَوْمَىِٕذٍۭ بِمَا قَدَّمَ وَ اَخَّرَؕ۱۳
ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳتي موڪليائين ۽ (جيڪي آثار) پُٺتي ڇڏيائين.
بَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰى نَفْسِهٖ بَصِیْرَةٌۙ۱۴
بلڪه انسان پاڻ ئي پنهنجي حال کي ڏسندڙ آهي.
لَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖؕ۱۶
(اي نبي!) تون ياد ڪرڻ جي جلدي ۾ قرآن سان گڏ پنهنجي زبان نه چور.
اِنَّ عَلَیْنَا جَمْعَهٗ وَ قُرْاٰنَهٗۚۖ۱۷
بيشڪ ان جو (تنهنجي سيني ۾) گڏ ڪرڻ ۽ (تنهنجي زبان تي) پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي.
فَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِعْ قُرْاٰنَهٗۚ۱۸
پوءِ جڏهن اسان ان کي (جبريل جي زباني) پڙهي رهيا هجون ته پوءِ تون ان پڙهيل جي پيروي ڪر.
ثُمَّ اِنَّ عَلَیْنَا بَیَانَهٗؕ۱۹
پوءِ بيشڪ ان (جي اسرارن) کي کولي بيان ڪرڻ اسان جي ذمي آهي.
كَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَۙ۲۰
ائين نه آهي، بلڪه توهان جلد ملڻ واري شيءِ (دنيا) پسند ڪيو ٿا.
تَظُنُّ اَنْ یُّفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌؕ۲۵
سمجهندا هوندا ته انهن سان چيلھ ڀڃي ڇڏڻ وارو (سخت) معاملو ڪيو ويندو.
فَلَا صَدَّقَ وَ لَا صَلّٰىۙ۳۱
پوءِ نه ته (دين کي) سچو سمجهيائين ۽ نه نماز پڙهيائين.
اَیَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَنْ یُّتْرَكَ سُدًىؕ۳۶
ڇا انسان هي سمجهي ٿو ته ان کي بي ڪار (بنا حساب ڪتاب جي) ڇڏي ڏنو ويندو؟
اَلَمْ یَكُ نُطْفَةً مِّنْ مَّنِیٍّ یُّمْنٰىۙ۳۷
ڇا اُهو منيءَ جو قطرو نه هيو جيڪو (عورت جي رحم ۾) ٽپڪايو وڃي ٿو؟
ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّٰىۙ۳۸
پوءِ رت جو دِڳُ هيو پوءِ (ان کي) خلقيائين پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
فَجَعَلَ مِنْهُ الزَّوْجَیْنِ الذَّكَرَ وَ الْاُنْثٰىؕ۳۹
پوءِ ان مان ٻه جنسون نر ۽ مادي بنايائين.
اَلَیْسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلٰۤى اَنْ یُّحْیَِۧ الْمَوْتٰى۠۴۰
ڇا اُهو ان تي طاقت نه ٿو رکي جو مُئلن کي وري جيئرو ڪري؟
هَلْ اَتٰى عَلَى الْاِنْسَانِ حِیْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ یَكُنْ شَیْـًٔا مَّذْكُوْرًا۱
بيشڪ انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت گذريو آهي جو اهو ڪابه قابلِ ذڪر شيءِ نه هيو.
اِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ١ۖۗ نَّبْتَلِیْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِیْعًۢا بَصِیْرًا۲
بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) مِليل مَنيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ بنايو. (ته جيئن آزمائش جي قابل هجي)
اِنَّا هَدَیْنٰهُ السَّبِیْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّ اِمَّا كَفُوْرًا۳
بيشڪ اسان ان کي رستو ٻڌايو (هاڻي) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪر بنجي.
اِنَّاۤ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِیْنَ سَلٰسِلَاۡ وَ اَغْلٰلًا وَّ سَعِیْرًا۴
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳَٽَ ۽ ڀڙڪندڙ باھ تيار ڪري رکي آهي.
اِنَّ الْاَبْرَارَ یَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًاۚ۵
بيشڪ نيڪوڪار (پاڪ شراب جا) اُهي پيالا پيئندا جن ۾ ڪافور مليل هوندو.
عَیْنًا یَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ یُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِیْرًا۶
(ڪافور) جنت جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا جتي چاهيندا ان کي ننڍين نهرن جي شڪل ۾ وهائي ويندا.
یُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَ یَخَافُوْنَ یَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْتَطِیْرًا۷
جيڪي (دنيا) باس پوري ڪن ٿا ۽ ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي پکڙيل هوندي.
وَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰى حُبِّهٖ مِسْكِیْنًا وَّ یَتِیْمًا وَّ اَسِیْرًا۸
۽ الله جي محبت ۾ کاڌو کارائن ٿا مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي.
اِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِیْدُ مِنْكُمْ جَزَآءً وَّ لَا شُكُوْرًا۹
(۽ چون ٿا ته) ”اسان صرف الله جي رضا لاءِ اوهان کي کاڌو کارايون ٿا نه اوهان کان بدلو گهرون ٿا ۽ نه ڪا شڪر گذاري چاهيون ٿا.
اِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا یَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِیْرًا۱۰
اسان کي پنهنجي پالڻهار کان ان ڏينهن جو خوف رهندو آهي جيڪو سخت اداسي جو ڊگھو ڏينهن هوندو“.
فَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْیَوْمِ وَ لَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّ سُرُوْرًاۚ۱۱
پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي سختي کان بچائيندو ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچائيندو.
وَ جَزٰىهُمْ بِمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّ حَرِیْرًاۙ۱۲
۽ انهن کي سندن صبر جي بدلي بهشت ۽ ريشمي لباس عطا ڪندو.
مُّتَّكِـِٕیْنَ فِیْهَا عَلَى الْاَرَآىِٕكِ١ۚ لَا یَرَوْنَ فِیْهَا شَمْسًا وَّ لَا زَمْهَرِیْرًاۚ۱۳
اُهي ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا، نه اتي اُسَ جي گرمي ڏسندا ۽ نه سردي جي شدت.
وَ دَانِیَةً عَلَیْهِمْ ظِلٰلُهَا وَ ذُلِّلَتْ قُطُوْفُهَا تَذْلِیْلًا۱۴
۽ ان باغ جون ڇائون انهن مٿان جھُڪندڙ هونديون ۽ ان جي ميون جا ڇُڳا پوري طرح انهن جي وس ۾ هوندا.
وَ یُطَافُ عَلَیْهِمْ بِاٰنِیَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّ اَكْوَابٍ كَانَتْ قَؔوَارِیْرَاۡۙ۱۵
۽ انهن تي چاندي جي ٿانوَن ۽ انهن پيالن جا دور هلايا ويندا جيڪي شيشي جا هوندا.
قَؔوَارِیْرَاۡ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِیْرًا۱۶
شيشا به اهي جيڪي چانديءَ جي قسم مان هوندا، جن کي انهن (پيارڻ وارن) ٺيڪ ٺيڪ انداز سان ڀريو هوندو.
وَ یُسْقَوْنَ فِیْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِیْلًاۚ۱۷
۽ انهن کي اتي اُهي پيالا پياريا ويندا جن ۾ زنجبيل (يعني سُنڍ) ملايل هوندي.
عَیْنًا فِیْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِیْلًا۱۸
ان (جنت) ۾ (زنجبيل) هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي.
وَ یَطُوْفُ عَلَیْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ١ۚ اِذَا رَاَیْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا۱۹
۽ انهن جي چوڌاري اُهي نوعمر ڇوڪرا گهمندڙ هوندا جيڪي هميشه ان حال ۾ رهڻ وارا هوندا، جڏهن تون انهن کي ڏسندين ته انهن کي پکڙيل سچا موتي سمجهندين.
وَ اِذَا رَاَیْتَ ثَمَّ رَاَیْتَ نَعِیْمًا وَّ مُلْكًا كَبِیْرًا۲۰
۽ جڏهن ۽ جيڏانهن به تون نهاريندين ته سراسر نعمتون ۽ عظيم الشان بادشاهي ڏسندين.
عٰلِیَهُمْ ثِیَابُ سُنْدُسٍ خُضْرٌ وَّ اِسْتَبْرَقٌ١٘ وَّ حُلُّوْۤا اَسَاوِرَ مِنْ فِضَّةٍ١ۚ وَ سَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُوْرًا۲۱
انهن جي جسمن تي سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ٿُلهي ريشم جا ڪپڙا هوندا ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ زيور طور پارايا ويندا ۽ سندن پالڻهار کين پاڪيزه شراب پياريندو.
اِنَّ هٰذَا كَانَ لَكُمْ جَزَآءً وَّ كَانَ سَعْیُكُمْ مَّشْكُوْرًا۠۲۲
(چيو ويندو) ”بيشڪ هي توهان جو صلو آهي ۽ توهان جي محنت قبول ٿي چُڪي آهي.
اِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا عَلَیْكَ الْقُرْاٰنَ تَنْزِیْلًاۚ۲۳
بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي.
فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَ لَا تُطِعْ مِنْهُمْ اٰثِمًا اَوْ كَفُوْرًاۚ۲۴
پوءِ تون صبر ڪر پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي خاطر ۽ انهن مان ڪنهن به بدڪار يا ڪافر جو چيو نه مڃ.
وَ اذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًاۖۚ۲۵
پنهنجي پالڻهار جي نالي کي صبح ۽ شام ياد ڪر.
وَ مِنَ الَّیْلِ فَاسْجُدْ لَهٗ وَ سَبِّحْهُ لَیْلًا طَوِیْلًا۲۶
۽ رات جو ڪجھ وقت ان جي سامهون سجدا ڪر، ۽ رات جي ڊگهي حصي ۾ ان جي پاڪائي بيان ڪندو رھ.
اِنَّ هٰۤؤُلَآءِ یُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ وَ یَذَرُوْنَ وَرَآءَهُمْ یَوْمًا ثَقِیْلًا۲۷
بيشڪ اهي جلدي ملڻ واري (دنيا) کي چاهن ٿا ۽ پنهنجي پويان هڪ وڏي ڳري ڏينهن کي ڇڏي ڏين ٿا.
نَحْنُ خَلَقْنٰهُمْ وَ شَدَدْنَاۤ اَسْرَهُمْ١ۚ وَ اِذَا شِئْنَا بَدَّلْنَاۤ اَمْثَالَهُمْ تَبْدِیْلًا۲۸
اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جي سَنڌ سَنڌ کي مضبوط ڪيو آهي، ۽ اسان جڏهن به گهرنداسين ته انهن جون شڪليون بدلائي ڇڏينداسين.
اِنَّ هٰذِهٖ تَذْكِرَةٌ١ۚ فَمَنْ شَآءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ سَبِیْلًا۲۹
بيشڪ هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي پنهنجي پالڻهار طرف رستو اختيار ڪري.
وَ مَا تَشَآءُوْنَ اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِیْمًا حَكِیْمًاۗۖ۳۰
۽ توهان جي چاهڻ سان ڪجھ نه ٿو ٿئي سواءِ ان جي جيڪي الله چاهي. بيشڪ الله ڄاڻڻ وارو حڪمت وارو آهي.
یُّدْخِلُ مَنْ یَّشَآءُ فِیْ رَحْمَتِهٖ١ؕ وَ الظّٰلِمِیْنَ اَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا اَلِیْمًا۠۳۱
اُهو جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
وَ الْمُرْسَلٰتِ عُرْفًاۙ۱
قسم آهي (نرم ۽ خوشگوار) هڪ ٻئي پٺيان گُهلندڙ (هوائن) جو.
اِنَّمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِعٌؕ۷
ته جنهن (قيامت) جو توهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي.
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا یَوْمُ الْفَصْلِؕ۱۴
تو کي ڪنهن ٻڌايو ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟
وَیْلٌ یَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِیْنَ۱۵
ان ڏينهن (نبين کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.
وَیْلٌ یَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِیْنَ۱۹
ان ڏينهن (حق کي) ڪوڙو سمجھڻ وارن لاءِ تباهي آهي.
اَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّآءٍ مَّهِیْنٍۙ۲۰
ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻي مان نه پيدا ڪيو آهي؟
فَجَعَلْنٰهُ فِیْ قَرَارٍ مَّكِیْنٍۙ۲۱
پوءِ اسان ان کي محفوظ جاءِ (عورت جي رِحِم) ۾ رکيو.
فَقَدَرْنَا١ۖۗ فَنِعْمَ الْقٰدِرُوْنَ۲۳
پوءِ اسان اندازو مقرر ڪيو، پوءِ اسان ڪهڙا نه ڀلا اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون.
وَّ جَعَلْنَا فِیْهَا رَوَاسِیَ شٰمِخٰتٍ وَّ اَسْقَیْنٰكُمْ مَّآءً فُرَاتًاؕ۲۷
اسان ان ۾ بلند ۽ ڳرا جبل بنايا ۽ اوهان کي اڃ لاهڻ وارو مٺو پاڻي پياريو.
وَیْلٌ یَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِیْنَ۲۸
ان ڏينهن (جنت ۽ جهنم کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.
اِنْطَلِقُوْۤا اِلٰى مَا كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَۚ۲۹
(کين چيو ويندو) هلو ان (جهنم) ڏانهن جنهن کي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا.
لَّا ظَلِیْلٍ وَّ لَا یُغْنِیْ مِنَ اللَّهَبِؕ۳۱
جيڪو نه ته ڇانوَ ڏيڻ وارو آهي نه باھ جي ڄِـــڀِي کان بچائي ٿو.
اِنَّهَا تَرْمِیْ بِشَرَرٍ كَالْقَصْرِۚ۳۲
بيشڪ اُها (دوزخ) ماڙيءَ جهڙيون چڻگون اٿاري ٿي.
وَیْلٌ یَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِیْنَ۳۴
ان ڏينهن (نبين کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.
وَ لَا یُؤْذَنُ لَهُمْ فَیَعْتَذِرُوْنَ۳۶
نه ئي کين اجازت ڏني ويندي ته ڪو عذر پيش ڪن.
هٰذَا یَوْمُ الْفَصْلِ١ۚ جَمَعْنٰكُمْ وَ الْاَوَّلِیْنَ۳۸
هي فيصلي جو ڏينهن آهي (جنهن ۾) اسان اوهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيو آهي.
فَاِنْ كَانَ لَكُمْ كَیْدٌ فَكِیْدُوْنِ۳۹
پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا سازش آهي ته پوءِ مون سان سازش هلائي ڏسو.
اِنَّ الْمُتَّقِیْنَ فِیْ ظِلٰلٍ وَّ عُیُوْنٍۙ۴۱
بيشڪ پرهيزگار (ٿَڌِيُن) ڇَائُن ۾ چشمن ۾ هوندا.
كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓـًٔۢا بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۴۳
(چيو ويندو) مزي سان کائو ۽ پيئو انهن عملن جي عيوض جيڪي توهان ڪندا هئا.
اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِی الْمُحْسِنِیْنَ۴۴
بيشڪ اسان اهڙي طرح نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون.
وَیْلٌ یَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِیْنَ۴۵
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي هوندي.
كُلُوْا وَ تَمَتَّعُوْا قَلِیْلًا اِنَّكُمْ مُّجْرِمُوْنَ۴۶
(اي نافرمانو!) توهان ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو يقينًا اوهان ڏوهاري آهيو.
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُمُ ارْكَعُوْا لَا یَرْكَعُوْنَ۴۸
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان (الله اڳيان) جهڪو ته نه ٿا جهُڪن.
فَبِاَیِّ حَدِیْثٍۭ بَعْدَهٗ یُؤْمِنُوْنَ۠۵۰
پوءِ اُهي هن (قرآن) کان پوءِ ڪهڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا!