قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 28 with translation
Juz 28 starts at Surah Al-Mujadila ayah 1 and ends at Surah 66 ayah 12. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
بيشڪ الله ان عورت جي ڳالھ ٻڌي جيڪا تو سان پنهنجي مڙس جي باري ۾ تڪرار ڪري رهي هئي ۽ الله اڳيان فرياد ڪري رهي هئي ۽ الله توهان ٻنهين جا هڪ ٻئي ۾ سوال وجواب ٻڌي رهيو آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
پوءِ جيڪو (ٻانهو يا ٻانهي) نه لهي ته پوءِ ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻ (ان جي ذمي) آهن ان کان اڳ جو هڪ ٻئي کي هٿ لائن، پوءِ جيڪو ان جي (به) سگھ نه رکي ته سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ (لازم) آهي. هي (حڪم) ان لاءِ آهي ته توهان الله ۽ ان جي رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن. ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو پوءِ انهن کي خبر ڏيندو جيڪي انهن عمل ڪيا. الله انهن (جي عملن) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ هنن ان کي وساري ڇڏيو آهي. ۽ الله هر شيءِ مٿان گواھ آهي.
ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڄاڻي ٿو (تن سڀ شين کي) جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالھ نه ٿي ٿئي مگر الله انهن جو چوٿون هوندو آهي ۽ نه پنجن جي مگر انهن جو ڇهون اُهو هوندو آهي ۽ نه ان کان گهٽ ۽ نه (ان کان) وڌ پر اُهو انهن سان گڏ هوندو آهي، اُهي جتي به هجن، پوءِ الله انهن کي قيامت واري ڏينهن انهن ڪمن جي خبر ڏيندو جيڪي انهن ڪيا. بلاشڪ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڳُجهي طرح سرگوشي ڪرڻ کان روڪيو ويو هيو وري به اُهو ئي ڪن ٿا جنهن کان رويا ويا هئا، ۽ اهي پاڻ ۾ گناھ ۽ زيادتي ۽ رسول جي بي فرماني جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ جڏهن تو وٽ حاضر ٿين ٿا ته تو کي انهن لفظن ۾ سلام ڪن ٿا جن لفظن ۾ الله توتي سلام نه ڪيو آهي، ۽ پنهنجي دلين ۾ چون ٿا ته: ”جيڪي اسان چئون ٿا ان ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نه ٿو ڪري“؟ انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي. ان ۾ داخل ٿيندا، پوءِ اها بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان پاڻ ۾ ڳجهي طرح ڳالھ ڪيو ته پوءِگناھ ۽ زيادتي ۽ رسول جي بي فرماني لاءِ ڳجهي طرح سرگوشي نه ڪيو، ۽ توهان نيڪي ۽ پرهيزگاري لاءِ ڀلي سرگوشي ڪيو. ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن جي حضور اوهان کي حشر ۾ پيش ٿيڻو آهي.
ڳجهي طرح (بري ڳالھ جي) سرگوشي ڪرڻ ته صرف شيطان جي طرفان ئي هوندي آهي هن لاءِ ته ايمان وارن کي پريشان ڪري ۽ اُهو کين ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه ٿو سگهي سواءِ الله جي اذن جي. ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.
ڇا توهان پنهنجي سرگوشي ڪرڻ کان اڳ صدقو خيرات ڪرڻ کان گهٻرائجي ويا؟ پوءِ جڏهن اوهان ائين نه ڪيو ۽ الله اوهان کي معاف ڪيو (يعني اُهو حڪم کڻائي ورتو) پوءِ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو. ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ الله خبروار آهي ان کان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن اهڙي قوم سان دوستي رکي آهي جن تي الله ڏمريو آهي؟ اُهي (منافق) نه ته اوهان مان آهن نه وري انهن مان آهن، ۽ اُهي ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڳالھ جو قسم کڻن ٿا.
جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو پوءِ اُهي ان جي اڳيان به ائين قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اُهي ڪنهن چڱي حالت ۾ آهن. خبردار بيشڪ اُهي ئي ڪوڙا آهن.
اهي ماڻهو جيڪي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا تون انهن کي هرگز ائين نه لهندين جو اهي انهن ماڻهن سان دوستي رکن جن الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪئي آهي توڙي جو اُهي سندن ابا ڏاڏا هجن يا سندن پُٽ پوٽا هجن يا سندن ڀائر هجن يا انهن جا ڪٽنب وارا هجن. هي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان چِٽي طرح لکي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي روح سان انهن جي تائيد ڪئي آهي. ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هونديون اهي ان ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله کان راضي ٿي ويا. اهي الله جي جماعت آهن. خبردار بيشڪ الله جي جماعت وارا ئي ڪامياب آهن.
اُهو ئي آهي جنهن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪرڻ وارن (قبيله بَنُو نُضير) کي سندن گهرن مان ڪڍيو پهرئين ئي جلاوطني جي وقت. توهان کي اُهو گمان (به) نه هيو ته اُهي ڪو نڪرندا! ۽ انهن کي هي گمان هيو ته انهن جا (مضبوط) قلعا کين الله (جي پڪڙ) کان بچائيندا، پوءِ الله (جو عذاب) انهن تي اتان پهتو جتان انهن کي گمان به نه هيو، ۽ (الله) انهن جي دلين ۾ دهشت وڌي جو پنهنجي هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجي گهرن کي ويران ڪري رهيا هئا. پوءِ عبرت حاصل ڪيو اي ڏسڻ واري اک رکڻ وارؤ!
۽ جو مال الله انهن جي قبضي مان ڪڍي پنهنجي رسول ڏانهن موٽايو (يعني مال فئي جيڪو بنا جنگ جي غنيمت ۾ مليو) جو توهان نه ته ان جي (حاصل ڪرڻ) لاءِ گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ ۽ پر الله پنهنجي رسولن کي جنهن تي چاهي غلبو عطا فرمائي ٿو. ۽ الله هر شيءِ تي طاقت رکڻ وارو آهي.
ڳوٺن وارن جو جيڪو (مال) الله (جنگ کان سواءِ) پنهنجي رسول ڏانهن پلٽايو سو الله لاءِ ۽ رسول جي لاءِ آهي ۽ (رسول جي) قرابت دارن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، (اِهو نظام ان لاءِ) ته مال توهان جي دولتمندن جي هٿن ۾ ئي گردش نه ڪندو رهي. ۽ جو ڪجھ رسول (ﷺ) توهان کي ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته رڪجي وڃو، ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
(فيء جو مال) ان هجرت ڪندڙ مسڪينن لاءِ (به) آهي جيڪي پنهنجي گهرن ۽ مال کان ڪڍيا ويا آهن اُهي الله جو فضل ۽ ان جي رضا چاهن ٿا ۽ الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي مدد ڪن ٿا. اُهي ئي سچار آهن.
۽ (اُهو مال انهن انصارن لاءِ به آهي) جي مهاجرن جي اچڻ کان اڳ ايمان آڻي دار (الهجرت يعني مدينه) ۾ رهيل آهن، اُهي ان سان محبت رکن ٿا جنهن انهن ڏانهن هجرت ڪئي ۽ مهاجرن کي جو ڪجھ ڏنو وڃي ان سان اُهي پنهنجي دلين ۾ ڪا تنگي نه ٿا رکن ۽ پنهنجو پاڻ تي انهن کي ترجيح ڏين ٿا توڙي جو خود انهن کي سخت ضرورت هجي. ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي نفس جي بخل کان بچايو ويو پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.
۽ اُهي ماڻهو جيڪي انهن (مهاجرن ۽ انصارن) کان پوءِ آيا عرض ڪن ٿا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي بخش ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به بخش جي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳتي وڌي ويا ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن لاءِ ڪا کوٽ نه وِجُھ، اي اسان جا پالڻهار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ وڏي باجھ وارو آهين“.
ڇا تو انهن منافقن کي ڏٺو جيڪي پنهنجي انهن ڀائرن کي چون ٿا جن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪيو ته، ”اگر اوهان جلا وطن ڪيا ويا ته ضرور اسان اوهان سان گڏ نڪرنداسين، ۽ توهان جي باري ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي ڳالھ نه مڃنداسين ۽ اگر توهان سان جنگ ڪئي وئي ته اسان ضرور توهان جي مدد ڪنداسين“. ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته اُهي يقيناً ڪوڙا آهن.
اگر اُهي (اهلِ ڪتاب ڪافر) جلا وطن ڪيا ويا ته اُهي (منافق) انهن سان گڏ ڪونه نڪرندا اگر انهن سان جنگ ڪئي وئي ته هي انهن جي مدد ڪونه ڪندا، ۽ اگر انهن سندن مدد ڪئي به ته ضرور پٺي ڦيري ڀڄندا، پوءِ سندن مدد نه ٿيندي.
اهي ڪڏهن به گڏجي (کُلي ميدان ۾) اوهان جو مقابلو نه ڪندا، سواءِ قلعي بند شهر جي يا ديوارن جي آڙ ۾. انهن جي پاڻ ۾ به سخت ويڙھ آهي. تون کين گڏ سمجهين ٿو حالانڪه انهن جون دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري جو اُهي بي عقل قوم آهن.
انهن جو مثال شيطان وانگر آهي جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن اُهو ڪفر ڪري ٿو ته چوي ٿو ته آءٌ تو کان بيزار آهيان بيشڪ آءٌ الله کان ڊڄان ٿو جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص ڏسي ته ان سڀاڻي (يعني قيامت) جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي؟ ۽ توهان الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله انهن ڪمن کان با خبر آهي جيڪي توهان ڪيو ٿا.
جيڪڏهن اسان هي قرآن ڪنهن جبل تي نازل ڪيون ها ته تون ان کي ڏسين ها ته اُهو الله جي خوف کان جهُڪي پوي ها، ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوي ها. ۽ اُهي مثال اسان ماڻهن لاءِ بيان ڪيون ٿا تان جو اُهي غور و فڪر ڪن.
اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي، اهو بادشاھ آهي، هر عيب کان پاڪ آهي، هر نقص کان سلامت آهي، امن ڏيڻ وارو آهي، حفاظت فرمائڻ وارو آهي، عزت وارو آهي، خودمختار آهي، وڏائيءَ وارو آهي. الله هر ان شيءِ کان پاڪ آهي جنهن کي ان جو شريڪ بنائن ٿا.
قيامت واري ڏينهن اوهان کي نفعو نه ڏينديون نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد، (الله) اوهان جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.
بيشڪ اوهان جي لاءِ ابراهيم ۽ ان جي ساٿين ۾ بهترين نمونو آهي، جڏهن انهن پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اسان اوهان کان ۽ جن (بتن) جي اوهين الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا بلڪل بيزار آهيون. اسان اوهان جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ دشمني وير هميشه لاءِ پڌرو ٿي چڪو ايستائين جو اوهان هڪ الله تي ايمان آڻيو“، پر ابراهيم (عليه السلام) جو پنهنجي (پالڻ واري) پيءُ کي چوڻ ته: ”آءٌ ضرور تو لاءِ معافي گهرندس، توڙي جو آءٌ تو لاءِ الله جي طرفان ڪنهن به شيءِ جو اختيار نه ٿو رکان“. (ابراهيم ۽ سندس ساٿين دعا گھري) ”اي اسان جا پالڻهار اسان تو تي ڀروسو ڪيو ۽ اسان تو ڏانهن موٽيا آهيون ۽ تو ڏانهن ئي موٽڻ آهي.
الله اوهان کي انهن کان نه ٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي اوهان جي گهرن مان ڪڍيائون جو اوهان انهن سان ڀلائي جو سلوڪ ڪيو ۽ انهن سان انصاف جو برتاءُ ڪيو. بيشڪ الله انصاف وارن سان محبت رکي ٿو.
الله رڳو اوهان کي انهن سان دوستي رکڻ کان روڪي ٿو، جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ توهان کي پنهنجي گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪيائون ۽ جيڪو انهن سان دوستي رکندو پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.
اي نبي! جڏهن تو وٽ ايمان واريون عورتون اچي هن ڳالھ تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه بدڪاري ڪنديون ۽ نه پنهنجي اولاد کي قتل ڪنديون ۽ نه ڪو اهڙو بهتان ٻَڌنديون جيڪو پنهنجي هٿن پيرن جي سامهون گهڙي وٺن ۽ ڪنهن چڱي ڳالھ ۾ تنهنجي نافرماني نه ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر ۽ انهن لاءِ الله کان معافي گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
۽ (ياد ڪر) موسيٰ جي اها ڳالھ جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”اي منهنجي قوم مون کي ڇو ٿا ڏکويو؟ حالانڪه توهان پڪ سان ڄاڻو ٿا ته بلاشڪ آءٌ اوهان ڏانهن الله جو موڪليل رسول آهيان“. پوءِ جڏهن اُهي ٽيڙا ٿيا ته الله به انهن جي دلين کي ٽيڙو ڪري ڇڏيو. ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.
(اُهو هي آهي جو) اوهان الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيو ۽ الله جي راھ ۾ جهاد ڪيو پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان. اِهو توهان لاءِ تمام ڀلو آهي جي توهان ڄاڻو.
انهن ماڻهن جو مثال جن کي تورات کڻايو ويو هيو پوءِ انهن ان تي عمل نه ڪيو ان گڏھ وانگر آهي جيڪو پٺيءَ تي وڏا ڪتاب کڻي ٿو. بڇڙو مثال آهي انهن ماڻهن جو جن الله جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو. ۽ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.
(اي نبي!) جڏهن منافق تو وٽ اچن ٿا چَوَن ٿا ته: ”اسان شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين.“ ۽ (هائو) الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ضرور ان جو رسول آهين. ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بلاشڪ منافق ڪوڙا آهن.
انهن (منافقن) جي حق ۾ برابر آهي ته تون انهن جي لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين. الله انهن کي اصلي معاف نه ڪندو. بيشڪ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.
هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته جيڪي (فقراء) الله جي رسول (ﷺ) وٽ آهن انهن تي خرچ نه ڪيو ته اُهي ٽڙي پکڙي وڃن. حالانڪه آسمانن ۽ زمين جا سڀ خزانا الله جا آهن ۽ پر منافق نه ٿا سمجهن.
چون ٿا ته اگر اسان مديني واپس ٿياسين ته (اسان) عزت وارا ماڻهو اتان کان ذليل ماڻهن (يعني مسلمانن) کي ضرور ڪڍي ٻاهر ڪنداسين. حالانڪه عزت الله لاءِ آهي ۽ ان جي رسول لاءِ ۽ ايمان وارن لاءِ آهي ۽ پر منافق نه ٿا ڄاڻن.
۽ خرچ ڪيو ان مان جيڪو اسان اوهان کي رزق ڏنو آهي، ان کان اڳ جو اوهان مان ڪنهن هڪ کي موت اچي وڃي پوءِ چوي ته: ”اي منهنجا پالڻهار تو مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڇونه ڏني جو آءٌ صدقو ڪيان ها ۽ صالح ماڻهن مان ٿيان ها“.
ڪافرن هي گمان ڪيو ته اُهي (مرڻ بعد) هرگز نه اٿاريا ويندا. چؤ: ”ڇونه؟ مون کي منهنجي پالڻهار جو قسم ته توهان ضروري اٿاريا ويندا پوءِ توهان کي خبر ڏني ويندي جيڪي توهان عمل ڪيا، ۽ اُهو الله تي آسان آهي“.
اي نبي! (پنهنجي امت کي فرماءِ ته) ”جيڪڏهن توهان (پنهنجي) زالن کي طلاق ڏيڻ چاهيو ته انهن کي سندن عدت (يعني پاڪائي وارن ڏينهن بنا صحبت جي) ۾ طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو، ۽ الله کان ڊڄو جيڪو توهان جو پالڻهار آهي، ۽ (عدت دوران) انهن کي سندن گهرن کان ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اُهي خود ٻاهر نڪرن سواءِ هن جي جو اُهي کُلي بي حيائي ڪري ويهن. ۽ هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله جون حدون اورانگهيندو ته بيشڪ ان پنهنجي جان سان ظلم ڪيو. (اي مخاطب!) تون نه ٿو ڄاڻين ته شايد الله ان جي (طلاق ڏيڻ) بعد (موافقت جي) ڪا نئين صورت پيدا ڪري.
پوءِ جڏهن اُهي عورتون پنهنجي عدت (جي مُدت) جي خاتمي تي پهچن ته پوءِ انهن کي ڀلي طريقي سان (پنهنجي نڪاح ۾) روڪي رکو يا انهن کي ڀلي طريقي سان جدا ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجن مان ٻه عادل مردن کي شاهد بنايو ۽ (اي شاهد بنجڻ وارئو) شاهدي الله جي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ادا ڪيو. هي ڳالهيون آهن جن سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي هر ان ماڻهو کي جيڪو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکي ٿو. ۽ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو ته الله ان لاءِ (مشڪلاتن مان) نڪرڻ جو رستو پيدا فرمائي ٿو.
۽ ان کي اهڙي جاءِ تان روزي ڏئي ٿو جتي ان جو گمان به نه ويندو هجي. ۽ جو ماڻهو الله تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ الله ان جي لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ وارو آهي. بيشڪ الله هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي عورتون حيض کان مايوس ٿي چڪيون آهن (انهن جي عدت بابت) اگر توهان کي شڪ هجي ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي. ۽ اُهي عورتون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا آهي) ۽ حمل وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو.
اهو الله جو امر آهي جيڪو ان توهان جي طرف نازل ڪيو آهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي گناهن کي ميٽي ڇڏي ٿو ۽ ثواب کي ان لاءِ وڌائي وڏو ڪري ڇڏي ٿو.
ڪشادگي وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن تي ان جي رزق ۾ تنگي ڪئي وئي هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن ماڻهو کي تڪليف نه ٿو ڏئي مگر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنائين. جلد ئي الله تنگيءَ کان پوءِ آساني پيدا ڪندو.
(يعني اهو) رسول (موڪليو آهي) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون تن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن آڻي. ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ صالح عمل ڪري ٿو ان کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن، اُهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. بيشڪ الله انهن جي لاءِ سهڻو رزق (تيار ڪري) رکيو آهي.
الله ئي آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهيءَ جي برابر زمينون به بنايون. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي هن لاءِ ته توهان ڄاڻو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي ۽ هي ته الله هر شيءِ جو پنهنجي علم سان گهيرو ڪري رکيو آهي.
جيڪڏهن اوهان ٻئي الله اڳيان توبه ڪيو (ته بهتر آهي) ڇو جو توهان ٻنهين جون دليون (هڪ ئي ڳالھ ڏانهن) جهُڪي ويون آهن ۽ اگر اوهان ٻئي ان ڳالھ تي هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته پوءِ بيشڪ الله ان جو مددگار آهي ۽ جبريل ۽ صالح ايمان وارا به ۽ ان کان پوءِ ملائڪ به (سندس) مددگار آهن.
اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجي گهرڀاتين کي ان باھ کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن، ان تي سخت طبيعت طاقتور ملائڪ (مقرر) آهن، جيڪي الله جي نا فرماني نه ٿا ڪن ان ۾ جيڪي به انهن کي امر ڪري ٿو ۽ ائين ئي ڪن ٿا جيئن کين حڪم ڏنو وڃي ٿو.
اي ايمان وارؤ! توهان الله ڏانهن توبه ڪيو سچي ۽ خالص توبه. پڪ آهي ته توهان جو پالڻهار توهان کان توهان جون خطائون ميٽي ڇڏيندو ۽ توهان کي بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون جنهن ڏينهن الله نبي کي ۽ انهن ايمان وارن کي جيڪي ساڻس گڏ آهن تن کي شرمندھ نه ڪندو. سندن نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو ۽ اُهي عرض پيا ڪندا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان جي لاءِ اسان جي نور کي مڪمل ڪر ۽ اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهين.
الله مثال ڏنو آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ڪفر ڪيو نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو. اُهي ٻئي اسان جي ٻانهن مان ٻن صالح ٻانهن جي گهرن ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهين انهن سان خيانت ڪئي، پوءِ اُهي الله جي (عذاب) اڳيان انهن جي ڪنهن ڪم نه آيا، ۽ انهن کي چيو ويو ته اوهان ٻئي زالون باھ ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏجي داخل ٿيو.
۽ الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ جاءِ جوڙاءِ ۽ مون کي فرعون ۽ ان جي ڪردار کان بچاءِ ۽ مون کي ظالم قوم کان نجات عطا ڪر“.
۽ عمران جي ڌيءَ مريم (جو به مثال بيان ڪيو آهي) جنهن پنهنجي ناموس جي حفاظت ڪئي، پوءِ اسان پنهنجي طرفان ان ۾ پنهنجو روح ڦُوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ ان جي ڪتابن جي تصديق ڪئي ۽ اها تابعدارن مان هئي.