قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ اَیُّهَا الْمُرْسَلُوْنَ۳۱
(ابراهيم) چيو ته: ”پوءِ اي الله جا موڪليل (ملائڪو!) توهان جو ڇا مقصد آهي“؟
قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 27 starts at Surah Adh-Dhariyat ayah 31 and ends at Surah 57 ayah 29. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ اَیُّهَا الْمُرْسَلُوْنَ۳۱
(ابراهيم) چيو ته: ”پوءِ اي الله جا موڪليل (ملائڪو!) توهان جو ڇا مقصد آهي“؟
قَالُوْۤا اِنَّاۤ اُرْسِلْنَاۤ اِلٰى قَوْمٍ مُّجْرِمِیْنَۙ۳۲
چيائون: ”بيشڪ اسان ڏوهاري قوم (يعني لوط جي قوم) ڏانهن موڪليا ويا آهيون.
لِنُرْسِلَ عَلَیْهِمْ حِجَارَةً مِّنْ طِیْنٍۙ۳۳
هن لاءِ ته انهن تي مٽيءَ جا پٿريلا کڙا وسايون.
مُّسَوَّمَةً عِنْدَ رَبِّكَ لِلْمُسْرِفِیْنَ۳۴
جيڪي تنهنجي پالڻهار پاران نشان ڪيل آهن جيڪي حد کان گذرندڙ قوم لاءِ آهن“.
فَاَخْرَجْنَا مَنْ كَانَ فِیْهَا مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَۚ۳۵
پوءِ اسان هر ان ماڻهو کي (بستي مان) ٻاهر ڪڍيو جيڪو به انهن ۾ ايمان وارن مان هيو.
فَمَا وَجَدْنَا فِیْهَا غَیْرَ بَیْتٍ مِّنَ الْمُسْلِمِیْنَۚ۳۶
پوءِ اسان ان (بستي) ۾ هڪ گھر کان سواءِ مسلمانن جو (ٻيو) ڪو به گهر نه لڌو.
وَ تَرَكْنَا فِیْهَاۤ اٰیَةً لِّلَّذِیْنَ یَخَافُوْنَ الْعَذَابَ الْاَلِیْمَؕ۳۷
پوءِ اسان اتي هڪ نشاني ڇڏي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا.
وَ فِیْ مُوْسٰۤى اِذْ اَرْسَلْنٰهُ اِلٰى فِرْعَوْنَ بِسُلْطٰنٍ مُّبِیْنٍ۳۸
۽ موسيٰ (جي قصي) ۾ (به نشانيون آهن) جڏهن اسان کيس پڌرو دليل ڏئي فرعون ڏانهن موڪليو.
فَتَوَلّٰى بِرُكْنِهٖ وَ قَالَ سٰحِرٌ اَوْ مَجْنُوْنٌ۳۹
پوءِ پنهنجي طاقت (لشڪر) جي زور تي (حق کان) منهن موڙي ڇڏيائين ۽ چيائين (هي) جادوگر آهي يا مجنون.
فَاَخَذْنٰهُ وَ جُنُوْدَهٗ فَنَبَذْنٰهُمْ فِی الْیَمِّ وَ هُوَ مُلِیْمٌؕ۴۰
پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو پوءِ انهن کي سمنڊ ۾ اڇليوسين ۽ اهو (پنهنجو پاڻ تي) ملامت ڪندڙ بنجي پيو.
وَ فِیْ عَادٍ اِذْ اَرْسَلْنَا عَلَیْهِمُ الرِّیْحَ الْعَقِیْمَۚ۴۱
۽ عاد (جي قصي) ۾ (به نشاني آهي) جڏهن اسان انهن تي خير و برڪت کان خالي (زوردار) هوا موڪلي.
مَا تَذَرُ مِنْ شَیْءٍ اَتَتْ عَلَیْهِ اِلَّا جَعَلَتْهُ كَالرَّمِیْمِؕ۴۲
اها ڪنهن به شيءِ کي نه پئي ڇڏي جنهن تان به گذري پئي مگر ان کي ڳريل هڏيءَ جهڙو ڪري ٿي ڇڏيائين.
وَ فِیْ ثَمُوْدَ اِذْ قِیْلَ لَهُمْ تَمَتَّعُوْا حَتّٰى حِیْنٍ۴۳
۽ ثمود (جي قوم جي هلاڪت) ۾ به نشاني آهي جڏهن کين چيو ويو ته هڪ وقت تائين مزا ماڻي وٺو.
فَعَتَوْا عَنْ اَمْرِ رَبِّهِمْ فَاَخَذَتْهُمُ الصّٰعِقَةُ وَ هُمْ یَنْظُرُوْنَ۴۴
پوءِ پنهنجي پالڻهار جي حڪم مڃڻ کان سرڪشي ڪيائون پوءِ انهن کي ڪڙڪيدار (عذاب) پڪڙيو ۽ اُهي ڏسندا رهيا.
فَمَا اسْتَطَاعُوْا مِنْ قِیَامٍ وَّ مَا كَانُوْا مُنْتَصِرِیْنَۙ۴۵
پوءِ نه انهن ۾ اٿڻ جي سگھ رهي ۽ نه اُهي پنهنجو بچاءُ ڪري سگھيا.
وَ قَوْمَ نُوْحٍ مِّنْ قَبْلُ١ؕ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِیْنَ۠۴۶
۽ ان کان اڳ نوح جي قوم (کي اسان تباھ ڪيو). بيشڪ اُهي نافرمان قوم هئا.
وَ السَّمَآءَ بَنَیْنٰهَا بِاَیْىدٍ وَّ اِنَّا لَمُوْسِعُوْنَ۴۷
۽ آسمان کي اسان طاقت سان بنايو آهي ۽ بيشڪ اسان (ڪائنات ۾) ڪشادگي ڪندڙ آهيون.
وَ الْاَرْضَ فَرَشْنٰهَا فَنِعْمَ الْمٰهِدُوْنَ۴۸
۽ زمين کي اسان پکيڙي وڇاڻو بنايو پوءِ اسان ڪهڙا نه چڱا وڇائيندڙ آهيون.
وَ مِنْ كُلِّ شَیْءٍ خَلَقْنَا زَوْجَیْنِ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ۴۹
۽ هر شيءِ مان اسان جوڙا خلقيا آهن هن لاءِ ته توهان نصيحت حاصل ڪيو.
فَفِرُّوْۤا اِلَى اللّٰهِ١ؕ اِنِّیْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌۚ۵۰
پوءِ توهان الله ڏانهن ڊوڙو. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.
وَ لَا تَجْعَلُوْا مَعَ اللّٰهِ اِلٰهًا اٰخَرَ١ؕ اِنِّیْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌۚ۵۱
۽ الله سان گڏ ٻيو ڪو معبود نه بنايو. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.
كَذٰلِكَ مَاۤ اَتَى الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا قَالُوْا سَاحِرٌ اَوْ مَجْنُوْنٌۚ۵۲
ائين ئي ٿيندو رهيو آهي جو انهن کان اڳين وٽ ڪو به رسول نه آيو جنهن کي انهن هيئن نه چيو ته هي جادوگر آهي يا چريو آهي.
اَتَوَاصَوْا بِهٖ١ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُوْنَۚ۵۳
ڇا ان ڳالھ جي هڪ ٻئي کي وصيت ڪيائون، بلڪه اهي حد کان لنگهندڙ قوم آهن.
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَاۤ اَنْتَ بِمَلُوْمٍ٢ۗ٘۵۴
پوءِ تون انهن کان مُنهن موڙ پوءِ تو تي ڪا ملامت ڪانهي.
وَّ ذَكِّرْ فَاِنَّ الذِّكْرٰى تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِیْنَ۵۵
۽ نصيحت ڪر پوءِ بيشڪ نصيحت مؤمنن کي نفعو ڏئي ٿي.
وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ۵۶
۽ مون جِنن ۽ انسانن کي صرف هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته اهي منهنجي عبادت ڪن.
مَاۤ اُرِیْدُ مِنْهُمْ مِّنْ رِّزْقٍ وَّ مَاۤ اُرِیْدُ اَنْ یُّطْعِمُوْنِ۵۷
آءٌ انهن کان ڪا روزي نه ٿو گهران ۽ نه آءٌ انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائن.
اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّةِ الْمَتِیْنُ۵۸
بيشڪ الله خود ئي روزي ڏيڻ وارو آهي وڏي قوت وارو مضبوط آهي.
فَاِنَّ لِلَّذِیْنَ ظَلَمُوْا ذَنُوْبًا مِّثْلَ ذَنُوْبِ اَصْحٰبِهِمْ فَلَا یَسْتَعْجِلُوْنِ۵۹
پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو انهن کي به انهن جي ساٿين جي حصي جي مثل حصو ملندو پوءِ (عذاب جي) مون کان جلد گهُرَ نه ڪن.
فَوَیْلٌ لِّلَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ یَّوْمِهِمُ الَّذِیْ یُوْعَدُوْنَ۠۶۰
پوءِ ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ تباهي آهي جنهن کان انهن کي ڌمڪايو پيو وڃي.
فَوَیْلٌ یَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِیْنَۙ۱۱
پوءِ ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ وڏي تباهي آهي.
یَوْمَ یُدَعُّوْنَ اِلٰى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّاؕ۱۳
جنهن ڏينهن جهنم ڏانهن ڌڪا ڏئي هڪليا ويندا.
هٰذِهِ النَّارُ الَّتِیْ كُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ۱۴
(چيو ويندو) ”هيءَ آهي اُها جهنم جي باھ جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.
اَفَسِحْرٌ هٰذَاۤ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَۚ۱۵
(ٻڌايو) ڇا پوءِ هي جادو آهي؟ يا توهان ڏسو نه ٿا.
اِصْلَوْهَا فَاصْبِرُوْۤا اَوْ لَا تَصْبِرُوْا١ۚ سَوَآءٌ عَلَیْكُمْ١ؕ اِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۱۶
ان ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان صبر ڪيو يا نه ڪيو اوهان لاءِ برابر آهي. توهان کي اهڙو ئي بدلو ڏنو ويندو جهڙا اوهان ڪم ڪندا هئا“.
فٰكِهِیْنَ بِمَاۤ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ١ۚ وَ وَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْجَحِیْمِ۱۸
مزا ماڻيندا انهن (نعمتن) مان جيڪي سندن پالڻهار کين ڏنيون ۽ سندن پالڻهار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو.
كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓـًٔۢا بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَۙ۱۹
(چيو ويندو) ”کائو ۽ پيئو مزي سان انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا هئا“.
مُتَّكِـِٕیْنَ عَلٰى سُرُرٍ مَّصْفُوْفَةٍ١ۚ وَ زَوَّجْنٰهُمْ بِحُوْرٍ عِیْنٍ۲۰
اُهي قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا ۽ اسان انهن کي دلڪش اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسين.
وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ اتَّبَعَتْهُمْ ذُرِّیَّتُهُمْ بِاِیْمَانٍ اَلْحَقْنَا بِهِمْ ذُرِّیَّتَهُمْ وَ مَاۤ اَلَتْنٰهُمْ مِّنْ عَمَلِهِمْ مِّنْ شَیْءٍ١ؕ كُلُّ امْرِئٍۭ بِمَا كَسَبَ رَهِیْنٌ۲۱
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سندن اولادَ ايمان ۾ سندن پيروي ڪئي ته اسان سندن اولاد کي (درجات ۾) انهن تائين پهچائينداسين ۽ اسان انهن (صالح آباء و اجداد) جي ثوابِ اعمال ۾ به ڪا ڪمي ڪونه ڪنداسين. (انهن کان سواءِ) هر ماڻهو پنهنجي عمل سبب گروي هوندو.
وَ اَمْدَدْنٰهُمْ بِفَاكِهَةٍ وَّ لَحْمٍ مِّمَّا یَشْتَهُوْنَ۲۲
۽ اسان کين ميوا ۽ گوشت ۽ جيڪو ڪجھ چاهيندا وڌ کان وڌ ڏيندا رهنداسين.
یَتَنَازَعُوْنَ فِیْهَا كَاْسًا لَّا لَغْوٌ فِیْهَا وَ لَا تَاْثِیْمٌ۲۳
اتي هڪ ٻئي کان (پاڪ شراب جا) پيالا پيا وٺندا ان (شرابِ طهور) ۾ نه ڪو بيهودو بَڪَڻُ هوندو ۽ نه گناھ هوندو.
وَ یَطُوْفُ عَلَیْهِمْ غِلْمَانٌ لَّهُمْ كَاَنَّهُمْ لُؤْلُؤٌ مَّكْنُوْنٌ۲۴
۽ انهن جي چوڌاري نو عمر ڇوڪرا هلي گهمي رهيا هوندا جيڪي ڄڻ ته (سِپُن جي اندر) ڍڪيل موتي آهن.
وَ اَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلٰى بَعْضٍ یَّتَسَآءَلُوْنَ۲۵
۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن متوجھ ٿي (دنيا ۾ گذريل احوال بابت) سوال ڪندا.
قَالُوْۤا اِنَّا كُنَّا قَبْلُ فِیْۤ اَهْلِنَا مُشْفِقِیْنَ۲۶
چوندا: ”بيشڪ اسان هن کان اڳ پنهنجي گهرن ۾ (الله جي ڏمر کان) ڊڄندا رهندا هئاسين.
فَمَنَّ اللّٰهُ عَلَیْنَا وَ وَقٰىنَا عَذَابَ السَّمُوْمِ۲۷
پوءِ الله اسان تي احسان فرمايو ۽ اسان کي گرم هوائن جي عذاب کان بچايائين.
اِنَّا كُنَّا مِنْ قَبْلُ نَدْعُوْهُ١ؕ اِنَّهٗ هُوَ الْبَرُّ الرَّحِیْمُ۠۲۸
بيشڪ اسان پوئين زندگي ۾ ان کان دعائون گھرندا هئاسين. بيشڪ اُهو ئي ڀلائي ڪندڙ ٻاجهارو آهي“.
فَذَكِّرْ فَمَاۤ اَنْتَ بِنِعْمَتِ رَبِّكَ بِكَاهِنٍ وَّ لَا مَجْنُوْنٍؕ۲۹
سو تون نصيحت ڪندو رھ پوءِ پنهنجي پالڻهار جي نعمت سان نه ته تون اڳڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه مجنون.
اَمْ یَقُوْلُوْنَ شَاعِرٌ نَّتَرَبَّصُ بِهٖ رَیْبَ الْمَنُوْنِ۳۰
ڇا (ڪافر) چون ٿا ته تون شاعر آهين! اسان هن تي زماني جي حادثن (يعني موت) جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
قُلْ تَرَبَّصُوْا فَاِنِّیْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُتَرَبِّصِیْنَؕ۳۱
چؤ توهان انتظار ڪيو پوءِ آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارو آهيان.
اَمْ تَاْمُرُهُمْ اَحْلَامُهُمْ بِهٰذَاۤ اَمْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُوْنَۚ۳۲
ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالھ چوڻ سيکارن ٿا يا اهي سرڪش ماڻهو آهن.
اَمْ یَقُوْلُوْنَ تَقَوَّلَهٗ١ۚ بَلْ لَّا یُؤْمِنُوْنَۚ۳۳
ڇا اهي (هيئن) چون ٿا ته ان هي (قرآن) پاڻ ٺاهيو آهي (ائين ناهي) بلڪه اهي (خود) ايمان نه ٿا آڻن.
فَلْیَاْتُوْا بِحَدِیْثٍ مِّثْلِهٖۤ اِنْ كَانُوْا صٰدِقِیْنَؕ۳۴
(ڀلا!) ان جهڙو ڪو ڪلام آڻي ته ڏيکارن جي اهي سچا آهن.
اَمْ خُلِقُوْا مِنْ غَیْرِ شَیْءٍ اَمْ هُمُ الْخٰلِقُوْنَؕ۳۵
ڇا اُهي ڪنهن پيدا ڪرڻ واري بغير پيدا ڪيا ويا آهن يا اُهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن.
اَمْ خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ١ۚ بَلْ لَّا یُوْقِنُوْنَؕ۳۶
ڇا آسمانن ۽ زمين کي انهن پاڻ پيدا ڪيو آهي (ائين ناهي)، بلڪه اُهي يقين نه ٿا رکن.
اَمْ عِنْدَهُمْ خَزَآىِٕنُ رَبِّكَ اَمْ هُمُ الْمُصَۜیْطِرُوْنَؕ۳۷
ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جا خزانا آهن يا ته اُهي ئي داروغا آهن.
اَمْ لَهُمْ سُلَّمٌ یَّسْتَمِعُوْنَ فِیْهِ١ۚ فَلْیَاْتِ مُسْتَمِعُهُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِیْنٍؕ۳۸
ڇا انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي ان ۾ (چڙهي آسماني ڳالهيون) ٻڌي وٺن ٿا، پوءِ جو انهن ۾ ٻڌڻ وارو آهي سو ڪو پڌرو دليل آڻي.
اَمْ لَهُ الْبَنٰتُ وَ لَكُمُ الْبَنُوْنَؕ۳۹
ڇا ان (الله) لاءِ نياڻيون آهن ۽ اوهان لاءِ پُٽ آهن!
اَمْ تَسْـَٔلُهُمْ اَجْرًا فَهُمْ مِّنْ مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُوْنَؕ۴۰
ڇا تون انهن کان ڪا اُجرت گهرين ٿو؟ جو هو چَٽِيءَ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن.
اَمْ عِنْدَهُمُ الْغَیْبُ فَهُمْ یَكْتُبُوْنَؕ۴۱
ڇا انهن وٽ ڳُجھ (جو علم) آهي جو اُهي لکي وٺن ٿا.
اَمْ یُرِیْدُوْنَ كَیْدًا١ؕ فَالَّذِیْنَ كَفَرُوْا هُمُ الْمَكِیْدُوْنَؕ۴۲
ڇا هُو ڪا بري سازش سِٽِڻُ چاهن ٿا (اگر ائين آهي ته). پوءِ ڪافرن تي ئي سندن سازش الٽي پوندي آهي.
اَمْ لَهُمْ اِلٰهٌ غَیْرُ اللّٰهِ١ؕ سُبْحٰنَ اللّٰهِ عَمَّا یُشْرِكُوْنَ۴۳
ڇا الله کان سواءِ انهن جو ڪو ٻيو معبود آهي؟ الله انهن کان پاڪ آهي جن کي شريڪ بنائن ٿا.
وَ اِنْ یَّرَوْا كِسْفًا مِّنَ السَّمَآءِ سَاقِطًا یَّقُوْلُوْا سَحَابٌ مَّرْكُوْمٌ۴۴
۽ جيڪڏهن اهي آسمانن مان ڪو ٽڪرو (پاڻ تي) ڪِرندي ڏسندا ته به چوندا ته هي گهاٽو ڪڪر آهي.
فَذَرْهُمْ حَتّٰى یُلٰقُوْا یَوْمَهُمُ الَّذِیْ فِیْهِ یُصْعَقُوْنَۙ۴۵
پوءِ تون کين ڇڏي ڏي جيستائين اهي پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن ۾ اهي غَشُ کائي ڪِري پوندا.
یَوْمَ لَا یُغْنِیْ عَنْهُمْ كَیْدُهُمْ شَیْـًٔا وَّ لَا هُمْ یُنْصَرُوْنَؕ۴۶
جنهن ڏينهن انهن جي ڪا سازش انهن جي ڪنهن ڪم ڪونه ايندي ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.
وَ اِنَّ لِلَّذِیْنَ ظَلَمُوْا عَذَابًا دُوْنَ ذٰلِكَ وَ لٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا یَعْلَمُوْنَ۴۷
۽ بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو اُن عذاب کان سواءِ به هڪ عذاب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.
وَ اصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَاِنَّكَ بِاَعْیُنِنَا وَ سَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ حِیْنَ تَقُوْمُۙ۴۸
۽ پنهنجي پالڻهار جي فيصلي اچڻ تائين صبر ڪر پوءِ بيشڪ تون اسان جي نگاھ ۾ آهين ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر جڏهن به تون اٿين.
وَ مِنَ الَّیْلِ فَسَبِّحْهُ وَ اِدْبَارَ النُّجُوْمِ۠۴۹
۽ ڪجھ رات ۾ سندس ساراھ بيان ڪر ۽ تارن جي پٺيري ٿيڻ مهل به.
مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَ مَا غَوٰىۚ۲
توهان جو ساٿي نه (ڪڏهن) ڀُليو آهي ۽ نه (ڪڏهن) واٽ ڇڏي هليو آهي.
فَكَانَ قَابَ قَوْسَیْنِ اَوْ اَدْنٰىۚ۹
پوءِ هيو مفاصلو ٻن ڪمانن جيترو يا اڃا به ويجهو.
فَاَوْحٰۤى اِلٰى عَبْدِهٖ مَاۤ اَوْحٰىؕ۱۰
پوءِ وحي ڪيائين پنهنجي ٻانهي ڏانهن جا وحي ڪيائين.
اَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰى مَا یَرٰى۱۲
ڇا پوءِ اوهان ان سان ان تي جهڳڙو ڪيو ٿا جيڪو (جلوو) ان اکين سان ڏٺو.
اِذْ یَغْشَى السِّدْرَةَ مَا یَغْشٰىۙ۱۶
جڏهن سدره (جي وڻ) کي ڍڪيو پئي ان شيءِ جا ان کي ڍڪي رهي هئي.
لَقَدْ رَاٰى مِنْ اٰیٰتِ رَبِّهِ الْكُبْرٰى۱۸
بيشڪ ان پنهنجي پالڻهار جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون.
اَفَرَءَیْتُمُ اللّٰتَ وَ الْعُزّٰىۙ۱۹
ڇا پوءِ توهان لات ۽ عُزيٰ (بتن) تي غور ڪيو آهي؟
اَلَكُمُ الذَّكَرُ وَ لَهُ الْاُنْثٰى۲۱
ڇا پٽ اوهان لاءِ آهن ۽ ڌيئر اُن (الله) لاءِ آهن.
اِنْ هِیَ اِلَّاۤ اَسْمَآءٌ سَمَّیْتُمُوْهَاۤ اَنْتُمْ وَ اٰبَآؤُكُمْ مَّاۤ اَنْزَلَ اللّٰهُ بِهَا مِنْ سُلْطٰنٍ١ؕ اِنْ یَّتَّبِعُوْنَ اِلَّا الظَّنَّ وَ مَا تَهْوَى الْاَنْفُسُ١ۚ وَ لَقَدْ جَآءَهُمْ مِّنْ رَّبِّهِمُ الْهُدٰىؕ۲۳
اِهي (بت) ڪجھ ناهن بس رڳو ڪجھ نالا آهن جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله انهن لاءِ ڪوبه دليل نازل نه ڪيو آهي. اهي رڳو گمان تي ۽ جيڪي سندن نفس خواهش ڪن ٿا تن جي پيروي ڪري رهيا آهن ۽ بيشڪ انهن وٽ انهن جي پالڻهار کان هدايت اچي چڪي آهي.
اَمْ لِلْاِنْسَانِ مَا تَمَنّٰى٘ۖ۲۴
ڇا انسان جي لاءِ اهو (سڀ ڪجھ) ميسر آهي جنهن جي اهو تمنا ڪري ٿو؟
وَ كَمْ مِّنْ مَّلَكٍ فِی السَّمٰوٰتِ لَا تُغْنِیْ شَفَاعَتُهُمْ شَیْـًٔا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اَنْ یَّاْذَنَ اللّٰهُ لِمَنْ یَّشَآءُ وَ یَرْضٰى۲۶
۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آهن جن جي سفارش ڪجھ به ڪم نه ٿي اچي مگر ان کان پوءِ جو الله شفاعت جو اذن ڏئي جنهن لاءِ چاهي ۽ (جنهن تي) راضي ٿئي
اِنَّ الَّذِیْنَ لَا یُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ لَیُسَمُّوْنَ الْمَلٰٓىِٕكَةَ تَسْمِیَةَ الْاُنْثٰى۲۷
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي ملائڪن تي ماديُن (ديوِيُن) جا نالا رکن ٿا.
وَ مَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ١ؕ اِنْ یَّتَّبِعُوْنَ اِلَّا الظَّنَّ١ۚ وَ اِنَّ الظَّنَّ لَا یُغْنِیْ مِنَ الْحَقِّ شَیْـًٔاۚ۲۸
حالانڪه کين ان جو ڪجھ علم به نه آهي. اُهي صرف گمان جي پويان هلن ٿا ۽ بيشڪ گمان يقين جي مقابلي ۾ ڪجھ به ڪم نه ٿو اچي.
فَاَعْرِضْ عَنْ مَّنْ تَوَلّٰى١ۙ۬ عَنْ ذِكْرِنَا وَ لَمْ یُرِدْ اِلَّا الْحَیٰوةَ الدُّنْیَاؕ۲۹
پوءِ تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد کان منهن موڙيو آهي ۽ سواءِ دنياوي زندگي جي ٻيو ڪو مقصد نه ٿو رکي.
ذٰلِكَ مَبْلَغُهُمْ مِّنَ الْعِلْمِ١ؕ اِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِیْلِهٖ١ۙ وَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اهْتَدٰى۳۰
انهن جي علم جي اها ئي رسائي آهي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو سندس رستي کان ڀٽڪي ويو ۽ اهو ان کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو جو هدايت وارو ٿي ويو.
وَ لِلّٰهِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ۙ لِیَجْزِیَ الَّذِیْنَ اَسَآءُوْا بِمَا عَمِلُوْا وَ یَجْزِیَ الَّذِیْنَ اَحْسَنُوْا بِالْحُسْنٰىۚ۳۱
۽ الله جي لاءِ آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي هن لاءِ ته جن ماڻهن برايون ڪيون تن کي سندن عملن جو بدلو ڏئي ۽ جن ماڻهن نيڪيون ڪيون تن کي تمام سهڻو اجر عطا فرمائي.
اَلَّذِیْنَ یَجْتَنِبُوْنَ كَبٰٓىِٕرَ الْاِثْمِ وَ الْفَوَاحِشَ اِلَّا اللَّمَمَ١ؕ اِنَّ رَبَّكَ وَاسِعُ الْمَغْفِرَةِ١ؕ هُوَ اَعْلَمُ بِكُمْ اِذْ اَنْشَاَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ وَ اِذْ اَنْتُمْ اَجِنَّةٌ فِیْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ١ۚ فَلَا تُزَكُّوْۤا اَنْفُسَكُمْ١ؕ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقٰى۠۳۲
جيڪي ماڻهو وڏن گناهن ۽ کُلي بي حيائي جي ڪمن کان بچن ٿا مگر ڪجھ ننڍا گناھ انهن کان ٿي پون ٿا. ته بيشڪ تنهنجو پالڻهار ڪشادي بخشش وارو آهي. اهو اوهان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جڏهن ان اوهان کي زمين (يعني مٽيءَ) مان پيدا ڪيو هيو ۽ جنهن مهل توهان مائرن جي پيٽن ۾ ڪچا ٻار هئا، پوءِ توهان پنهنجي نفسن جي پاڪائي جي دعويٰ نه ڪيو. اهو بهتر ڄاڻي ٿو ته پرهيزگار ڪير آهي؟
اَعِنْدَهٗ عِلْمُ الْغَیْبِ فَهُوَ یَرٰى۳۵
ڇا ان وٽ غيب جو علم آهي جو اهو (حقيقت) ڏسي رهيو آهي؟
اَمْ لَمْ یُنَبَّاْ بِمَا فِیْ صُحُفِ مُوْسٰىۙ۳۶
ڇا ان کي خبر نه ڏني وئي آهي جيڪو موسيٰ جي صحيفن ۾ آهي.
اَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰىۙ۳۸
ته ڪوبه بار کڻڻ وارو ٻئي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو.
وَ اَنْ لَّیْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰىۙ۳۹
۽ هي ته انسان لاءِ ٻيو ڪجھ نه آهي سواءِ ان جي جيڪا ڪوشش ڪيائين.
وَ اَنَّ سَعْیَهٗ سَوْفَ یُرٰى۪۴۰
۽ هي ته ان کي سندس ڪوشش جو نتيجو جلدي نظر اچي ويندو.
ثُمَّ یُجْزٰىهُ الْجَزَآءَ الْاَوْفٰىۙ۴۱
پوءِ ان کي ان (جي هر ڪوشش) جو پورو بدلو ڏنو ويندو.
وَ اَنَّهٗ خَلَقَ الزَّوْجَیْنِ الذَّكَرَ وَ الْاُنْثٰىۙ۴۵
۽ هي ته ان ئي پيدا ڪيا ٻئي قسم نر ۽ مادي.
مِنْ نُّطْفَةٍ اِذَا تُمْنٰى۪۴۶
منيءَ جي ڦڙي مان جڏهن (عورت جي رِحِمَ ۾) هاريو وڃي ٿو.
وَ اَنَّ عَلَیْهِ النَّشْاَةَ الْاُخْرٰىۙ۴۷
۽ هي ته ان تي (مرڻ بعد) ٻئي ڀيري پيدا ڪرڻ آهي.
وَ اَنَّهٗ هُوَ رَبُّ الشِّعْرٰىۙ۴۹
۽ هي ته اُهو ئي شعريٰ (ستاري) جو مالڪ آهي (جنهن جي جاهل پوڄا ڪندا هئا)
وَ اَنَّهٗۤ اَهْلَكَ عَادَا اِ۟لْاُوْلٰىۙ۵۰
۽ هي ته ان ئي عاد جي پهرئين قوم کي برباد ڪيو.
وَ ثَمُوْدَاۡ فَمَاۤ اَبْقٰىۙ۵۱
۽ ثمود (جي قوم) کي به پوءِ (انهن مان ڪنهن کي به) باقي نه ڇڏيائين.
وَ قَوْمَ نُوْحٍ مِّنْ قَبْلُ١ؕ اِنَّهُمْ كَانُوْا هُمْ اَظْلَمَ وَ اَطْغٰىؕ۵۲
۽ انهن کان اڳ نوح جي قوم کي به (برباد ڪيائين). ڇو ته اُهي وڏا ظالم ۽ وڏا سرڪش هئا.
وَ الْمُؤْتَفِكَةَ اَهْوٰىۙ۵۳
۽ اونڌي ٿيل (لوط جي قوم جي ڳوٺن) کي ان (مٿان ڪري) هيٺ اڇلايو.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارٰى۵۵
پوءِ (اي آدمي!) تون پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن ۾ شڪ ڪندين.
هٰذَا نَذِیْرٌ مِّنَ النُّذُرِ الْاُوْلٰى۵۶
هي (رسولِ عربي ﷺ به) هڪ ڊيڄاريندڙ آهي اڳين ڊيڄارڻ وارن مان.
لَیْسَ لَهَا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ كَاشِفَةٌؕ۵۸
ان کي الله کان سواءِ ڪو هٽائڻ وارو نه آهي.
فَاسْجُدُوْا لِلّٰهِ وَ اعْبُدُوْا۠۩۶۲
پوءِ توهان الله جي لاءِ سجدو ڪيو ۽ (ان جي) عبادت ڪيو.
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَ انْشَقَّ الْقَمَرُ۱
قيامت جي گھڙي ويجهو اچي وئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.
وَ اِنْ یَّرَوْا اٰیَةً یُّعْرِضُوْا وَ یَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ۲
۽ جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪا نشاني ڏسن ٿا ته مُنهن ڦيرن ٿا ۽ چون ٿا ته (هي) هميشه کان هليو ايندڙ جادو آهي.
وَ كَذَّبُوْا وَ اتَّبَعُوْۤا اَهْوَآءَهُمْ وَ كُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ۳
۽ انهن ڪوڙ سمجهيو ۽ پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪيائون ۽ هر ڪم جو هڪ انجام آهي.
وَ لَقَدْ جَآءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَآءِ مَا فِیْهِ مُزْدَجَرٌۙ۴
۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳين قومن جون) اهڙيون خبرون پهتيون آهن جن ۾ دڙڪو (۽ سامانِ عبرت) آهي.
حِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَمَا تُغْنِ النُّذُرُۙ۵
حڪمتِ ڪامله آهي پوءِ به اهڙيون ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون (انهن کي) ڪو فائدو نه ٿيون ڏين؟
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ١ۘ یَوْمَ یَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَیْءٍ نُّكُرٍۙ۶
پوءِ تون انهن کان منهن موڙ. جنهن ڏينهن سڏڻ وارو (ملائڪ) سخت ناگوار شيءِ (قيامت) ڏانهن سڏيندو.
خُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ یَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌۙ۷
(ان ڏينهن ماڻهو) جُهڪيل اکين سان قبرن مان نڪرندا ڄڻڪ اِهي پکڙيل مَاڪَڙِ آهن.
مُّهْطِعِیْنَ اِلَى الدَّاعِ١ؕ یَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ هٰذَا یَوْمٌ عَسِرٌ۸
سڏيندڙ ڏانهن ڊوڙندا ويندا. ڪافر چوندا ته هي ڏاڍو سخت ڏينهن آهي.
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَ قَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّ ازْدُجِرَ۹
انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو سمجهيو هيو جو اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو سمجهيائون ۽ چيائون عقل کان خالي آهي ۽ ان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون.
فَدَعَا رَبَّهٗۤ اَنِّیْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ۱۰
سو پنهنجي پالڻهار کان دعا گهريائين ته ”آءٌ عاجز آهيان پوءِ تون (منهنجو) بدلو وٺ“.
فَفَتَحْنَاۤ اَبْوَابَ السَّمَآءِ بِمَآءٍ مُّنْهَمِرٍ٘ۖ۱۱
پوءِ اسان وڏ ڦڙي مينهن سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.
وَّ فَجَّرْنَا الْاَرْضَ عُیُوْنًا فَالْتَقَى الْمَآءُ عَلٰۤى اَمْرٍ قَدْ قُدِرَۚ۱۲
۽ اسان زمين جا چشما وهائي ڇڏيا پوءِ پاڻي ان ڪم (يعني انهن جي هلاڪت) لاءِ گڏ ٿيو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هيو.
وَ حَمَلْنٰهُ عَلٰى ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّ دُسُرٍۙ۱۳
۽ اسان ان (نوح) کي تختن ۽ ميخن واري (ٻيڙي) تي سوار ڪيو.
تَجْرِیْ بِاَعْیُنِنَا١ۚ جَزَآءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ۱۴
جا اسان جي نگراني ۾ پي هلي، هي ان شخص (يعني نوح) جي خاطر بدلو وٺڻ هيو جنهن جي بي قدري ڪئي وئي.
وَ لَقَدْ تَّرَكْنٰهَاۤ اٰیَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۱۵
۽ بيشڪ اسان ان (سزا) کي هڪ نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۱۷
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
كَذَّبَتْ عَادٌ فَكَیْفَ كَانَ عَذَابِیْ وَ نُذُرِ۱۸
عاد جي قوم ڪوڙو سمجهيو پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هيو.
اِنَّاۤ اَرْسَلْنَا عَلَیْهِمْ رِیْحًا صَرْصَرًا فِیْ یَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّۙ۱۹
بيشڪ اسان انهن تي سخت آواز واري تيز هوا (انهن جي حق ۾) هميشه واري نحوست واري ڏينهن ۾ موڪلي.
تَنْزِعُ النَّاسَ١ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ۲۰
ماڻهن کي کڻي اهڙي طرح پئي اڇلايائين ڄڻڪ اُهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا پَورا ٿُــڙَ آهن.
فَكَیْفَ كَانَ عَذَابِیْ وَ نُذُرِ۲۱
پوءِ ڪيئن هيو منهنجو عذاب ۽ (ڪيئن هيو) منهنجو ڊيڄارڻ.
وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۠۲۲
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو!!
فَقَالُوْۤا اَبَشَرًا مِّنَّا وَاحِدًا نَّتَّبِعُهٗۤ١ۙ اِنَّاۤ اِذًا لَّفِیْ ضَلٰلٍ وَّ سُعُرٍ۲۴
پوءِ چيائون ته: ”ڇا اسان پاڻ مان هڪڙي بشر جي پيروي ڪيون تڏهن ته اسان پڪ سان گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسين.
ءَاُلْقِیَ الذِّكْرُ عَلَیْهِ مِنْۢ بَیْنِنَا بَلْ هُوَ كَذَّابٌ اَشِرٌ۲۵
ڇا اسان سڀني جي وچ ۾ اهوئي هيو جنهن تي نصيحت لاٿي وئي؟ بلڪه اهو ڪوڙو خود پسند آهي.
سَیَعْلَمُوْنَ غَدًا مَّنِ الْكَذَّابُ الْاَشِرُ۲۶
(اسان چيو) ”سڀاڻي ئي کين معلوم ٿي ويندو ته ڪير ڪوڙو خود پسند آهي؟
اِنَّا مُرْسِلُوا النَّاقَةِ فِتْنَةً لَّهُمْ فَارْتَقِبْهُمْ وَ اصْطَبِرْ٘۲۷
بيشڪ اسان انهن جي آزمائش لاءِ ڏاچي کي موڪلڻ وارا آهيون پوءِ تون (اي صالح!) انهن (جي انجام) جو انتظار ڪر ۽ صبر ڪر.
وَ نَبِّئْهُمْ اَنَّ الْمَآءَ قِسْمَةٌۢ بَیْنَهُمْ١ۚ كُلُّ شِرْبٍ مُّحْتَضَرٌ۲۸
۽ انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته انهن جي وچ ۾ پاڻي ورهايل آهي. هر ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي“.
فَنَادَوْا صَاحِبَهُمْ فَتَعَاطٰى فَعَقَرَ۲۹
پوءِ انهن پنهنجي ساٿي کي سڏ ڪيو پوءِ ان (ڏاچيءَ تي) وار ڪري ان جا پير وڍي وڌا.
اِنَّاۤ اَرْسَلْنَا عَلَیْهِمْ صَیْحَةً وَّاحِدَةً فَكَانُوْا كَهَشِیْمِ الْمُحْتَظِرِ۳۱
بيشڪ اسان مٿن هڪ خوفناڪ آواز موڪليو پوءِ اُهي لوڙهي لڳائڻ واري جي لتاڙيل گاھ وانگر ٿي پيا.
وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۳۲
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟
كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوْطٍۭ بِالنُّذُرِ۳۳
لوط جي قوم (به) ڊيڄارڻ وارن (رسولن) کي ڪوڙو سمجهيو.
اِنَّاۤ اَرْسَلْنَا عَلَیْهِمْ حَاصِبًا اِلَّاۤ اٰلَ لُوْطٍ١ؕ نَجَّیْنٰهُمْ بِسَحَرٍۙ۳۴
بيشڪ اسان انهن تي پٿر وسائڻ واري جهَڪَ موڪلي سواءِ لوط جي گهروارن جي. اسان انهن کي اسر مهل (عذاب کان) بچايو.
نِّعْمَةً مِّنْ عِنْدِنَا١ؕ كَذٰلِكَ نَجْزِیْ مَنْ شَكَرَ۳۵
پنهنجي طرفان مهرباني سان. اهڙي طرح اسان ان کي بدلو ڏيندا آهيون جو شڪر ڪندو آهي.
وَ لَقَدْ اَنْذَرَهُمْ بَطْشَتَنَا فَتَمَارَوْا بِالنُّذُرِ۳۶
۽ بيشڪ ان (لوط) کين اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو هيو پوءِ اهي جھڳڙو ڪرڻ لڳا ان جي ڊيڄارڻ ۾.
وَ لَقَدْ رَاوَدُوْهُ عَنْ ضَیْفِهٖ فَطَمَسْنَاۤ اَعْیُنَهُمْ فَذُوْقُوْا عَذَابِیْ وَ نُذُرِ۳۷
۽ بيشڪ انهن (لوط) کان سندس مهمان ڦُرڻ جو ارادو ڪيو پوءِ اسان انهن جي اکين کي ميٽائي (بي نور بنائي) ڇڏيو پوءِ (چيو سين) ”منهنجي عذاب ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو“.
وَ لَقَدْ صَبَّحَهُمْ بُكْرَةً عَذَابٌ مُّسْتَقِرٌّۚ۳۸
۽ بيشڪ انهن تي صبح سوير ئي هڪ اٽل عذاب آيو.
وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۠۴۰
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟
وَ لَقَدْ جَآءَ اٰلَ فِرْعَوْنَ النُّذُرُۚ۴۱
۽ بيشڪ فرعون وارن وٽ (به) ڊيڄارڻ وارا آيا.
كَذَّبُوْا بِاٰیٰتِنَا كُلِّهَا فَاَخَذْنٰهُمْ اَخْذَ عَزِیْزٍ مُّقْتَدِرٍ۴۲
انهن اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو سمجهيو پوءِ اسان انهن کي ائين پڪڙيو جيئن ڪو وڏو غالب وڏي طاقت وارو پڪڙيندو آهي.
اَكُفَّارُكُمْ خَیْرٌ مِّنْ اُولٰٓىِٕكُمْ اَمْ لَكُمْ بَرَآءَةٌ فِی الزُّبُرِۚ۴۳
ڇا توهان جا ڪافر انهن کان ڀلا آهن؟ يا توهان جي لاءِ (آسماني) ڪتابن ۾ ڪو ڇوٽڪارو لکيل آهي.
اَمْ یَقُوْلُوْنَ نَحْنُ جَمِیْعٌ مُّنْتَصِرٌ۴۴
يا اُهي چون ٿا ته: ”اسان هڪ مضبوط جٿو آهيون سڀ ملي بچاءُ ڪرڻ وارا آهيون“.
سَیُهْزَمُ الْجَمْعُ وَ یُوَلُّوْنَ الدُّبُرَ۴۵
سگهو ئي اها جماعت شڪست کائيندي ۽ اهي پٺي ڦيرائي ڀڄندا.
بَلِ السَّاعَةُ مَوْعِدُهُمْ وَ السَّاعَةُ اَدْهٰى وَ اَمَرُّ۴۶
بلڪه کين (عذاب لاء اصل) ڏنل وقت ته قيامت جو ڏينهن آهي ۽ قيامت وڏي آفت ۽ ڏاڍي ڪَڙِي آهي.
اِنَّ الْمُجْرِمِیْنَ فِیْ ضَلٰلٍ وَّ سُعُرٍۘ۴۷
بيشڪ ڏوهاري گمراهي ۽ چريائپ ۾ مبتلا آهن.
یَوْمَ یُسْحَبُوْنَ فِی النَّارِ عَلٰى وُجُوْهِهِمْ١ؕ ذُوْقُوْا مَسَّ سَقَرَ۴۸
جنهن ڏينهن باھ ۾ ٻوٿن ڀر گهليا ويندا. (چيو ويندو) ”باھ ۾ سڙڻ جو مزو چکو“.
اِنَّا كُلَّ شَیْءٍ خَلَقْنٰهُ بِقَدَرٍ۴۹
بيشڪ اسان هر شيءِ کي هڪ مقرر اندازي سان بنايو آهي.
وَ مَاۤ اَمْرُنَاۤ اِلَّا وَاحِدَةٌ كَلَمْحٍۭ بِالْبَصَرِ۵۰
۽ اسان جو حڪم ته رڳو هڪ لحظي ۾ واقع ٿئي ٿو جيئن اک ڇنڀڻ.
وَ لَقَدْ اَهْلَكْنَاۤ اَشْیَاعَكُمْ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۵۱
۽ بيشڪ اسان توهان جهڙين (ڪيترين ئي) جماعتن کي برباد ڪري ڇڏيو پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو!!
وَ كُلُّ شَیْءٍ فَعَلُوْهُ فِی الزُّبُرِ۵۲
۽ جو ڪجھ انهن ڪيو سو سمورو اعمال نامن ۾ (لکيل) آهي.
اِنَّ الْمُتَّقِیْنَ فِیْ جَنّٰتٍ وَّ نَهَرٍۙ۵۴
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو بهشتن ۽ نهرن ۾ (مزا ماڻيندڙ) هوندا.
فِیْ مَقْعَدِ صِدْقٍ عِنْدَ مَلِیْكٍ مُّقْتَدِرٍ۠۵۵
سچي عزت جي جاءِ ۾ طاقت واري بادشاھ جي بارگاھ ۾.
وَّ النَّجْمُ وَ الشَّجَرُ یَسْجُدٰنِ۶
۽ زمين تي پکڙيل وَلِيون ۽ وڻ سڀئي (کيس) سجدو ڪن ٿا.
وَ السَّمَآءَ رَفَعَهَا وَ وَضَعَ الْمِیْزَانَۙ۷
۽ ان آسمان کي بلند ڪيو ۽ ان (عدل لاءِ) تارازي رکي.
وَ اَقِیْمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَ لَا تُخْسِرُوا الْمِیْزَانَ۹
۽ انصاف سان تور برابر ڪيو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪيو.
فِیْهَا فَاكِهَةٌ١۪ۙ وَّ النَّخْلُ ذَاتُ الْاَكْمَامِۖ۱۱
ان ۾ ميوا آهن ۽ ڇُڳن وارين کجورن جا وڻ آهن.
وَ الْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَ الرَّیْحَانُۚ۱۲
۽ تُهن وارو اَنُ آهي ۽ خوشبوئدار ٻوٽا آهن.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۱۳
پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِۙ۱۴
ان انسان کي وڄندڙ مِٽيءَ مان پيدا ڪيو جا ٺڪريءَ وانگر هئي.
وَ خَلَقَ الْجَآنَّ مِنْ مَّارِجٍ مِّنْ نَّارٍۚ۱۵
۽ جِنن کي باھ جي شعلي مان پيدا ڪيائين.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۱۶
پوءِ توهان (جن ۽ انسان) ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!
رَبُّ الْمَشْرِقَیْنِ وَ رَبُّ الْمَغْرِبَیْنِۚ۱۷
اُهو مالڪ آهي ٻنهين اوڀرن جو ۽ مالڪ آهي ٻنهين اولهن جو.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۱۸
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي مالڪ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
بَیْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا یَبْغِیٰنِۚ۲۰
انهن ٻنهين جي وچ ۾ پردو آهي جو هڪ ٻئي ۾ رَل وچڙ نه ٿا ٿين.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۲۱
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندئو!
یَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَ الْمَرْجَانُۚ۲۲
انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۲۳
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ.
وَ لَهُ الْجَوَارِ الْمُنْشَـٰٔتُ فِی الْبَحْرِ كَالْاَعْلَامِۚ۲۴
۽ ان الله جا آهن سمنڊ ۾ سڙھ کنيل جهاز جيڪي جبلن جهڙا (اوچا) آهن.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۠۲۵
پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!
وَّ یَبْقٰى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِۚ۲۷
۽ باقي رهندي تنهنجي پالڻهار جي ذات جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۲۸
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!
یَسْـَٔلُهٗ مَنْ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ كُلَّ یَوْمٍ هُوَ فِیْ شَاْنٍۚ۲۹
سڀ (پنهنجون حاجتون) ان کان گهرن ٿا جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن. هر ڏينهن اهو هڪ شان سان آهي.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۳۰
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!
سَنَفْرُغُ لَكُمْ اَیُّهَ الثَّقَلٰنِۚ۳۱
اي ٻئي ڳريون جماعتون (انسانو ۽ جنو!) جلد اسان توهان (کان حساب ڪتاب وٺڻ) لاءِ متوجھ ٿينداسين.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۳۲
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙي ڪهڙي ڪمالات جو انڪار ڪندؤ.
یٰمَعْشَرَ الْجِنِّ وَ الْاِنْسِ اِنِ اسْتَطَعْتُمْ اَنْ تَنْفُذُوْا مِنْ اَقْطَارِ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ فَانْفُذُوْا١ؕ لَا تَنْفُذُوْنَ اِلَّا بِسُلْطٰنٍۚ۳۳
اي جِنَن ۽ انسانن جي جماعت جيڪڏهن توهان آسمانن ۽ زمين جي سرحدن کان ٻاهر نڪري سگهو ٿا ته پوءِ نڪري وڃو. نه ٿا نڪرو (ڪنهن جاءِ تي) مگر ان جي سلطنت ۾ هوندا.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۳۴
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
یُرْسَلُ عَلَیْكُمَا شُوَاظٌ مِّنْ نَّارٍ١ۙ۬ وَّ نُحَاسٌ فَلَا تَنْتَصِرٰنِۚ۳۵
(ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندئو ته) توهان ٻنهين تي خالص باھ جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو پوءِ توهان بچاءُ ڪري نه سگهندؤ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۳۶
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين انعامن جو انڪار ڪندؤ.
فَاِذَا انْشَقَّتِ السَّمَآءُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِۚ۳۷
پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ته پوءِ گلابي ٿي پوندو جيئن ڳاڙهو چَمُ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۳۸
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن ٿورن جو انڪار ڪندؤ.
فَیَوْمَىِٕذٍ لَّا یُسْـَٔلُ عَنْ ذَنْۢبِهٖۤ اِنْسٌ وَّ لَا جَآنٌّۚ۳۹
پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهن انسان کان سندس گناھ پڇڻ (جي ثابتي) جي ضرورت هوندي ۽ نه ڪنهن جِنَ کان.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۴۰
پوءِ (ڏٺو ويندو ته) توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ٿا ڪيو.
یُعْرَفُ الْمُجْرِمُوْنَ بِسِیْمٰىهُمْ فَیُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِیْ وَ الْاَقْدَامِۚ۴۱
ڏوهاري ماڻهو پنهنجي نشانين (يعني چهرن جي ڪاراڻ) سان سڃاتا ويندا پوءِ انهن کي پيشاني جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙي (گِــــهِليو) ويندو.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۴۲
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هٰذِهٖ جَهَنَّمُ الَّتِیْ یُكَذِّبُ بِهَا الْمُجْرِمُوْنَۘ۴۳
(چيو ويندو) هيءُ آهي دوزخ جنهن کي ڏوهاري ماڻهو ڪوڙو چوندا هئا.
یَطُوْفُوْنَ بَیْنَهَا وَ بَیْنَ حَمِیْمٍ اٰنٍۚ۴۴
اُهي ان (جهنم) ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۾ چڪر هڻندا رهندا.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۠۴۵
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين قدرتن جو انڪار ڪندؤ.
وَ لِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جَنَّتٰنِۚ۴۶
۽ ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ٻه باغ آهن.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۙ۴۷
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين چَڱَائِــيُن جو انڪار ڪندؤ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۴۹
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين ڀلائِـــيــُن جو انڪار ڪندؤ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۵۱
پوءِ توهان (اي جنو اي انسانو!) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِیْهِمَا مِنْ كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجٰنِۚ۵۲
انهن ٻنهين (باغن) ۾ هر ميوو ٻن ٻن قسمن جو آهي.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۵۳
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ.
مُتَّكِـِٕیْنَ عَلٰى فُرُشٍۭ بَطَآىِٕنُهَا مِنْ اِسْتَبْرَقٍ١ؕ وَ جَنَا الْجَنَّتَیْنِ دَانٍۚ۵۴
جنتي اهڙن بسترن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا. ۽ ٻنهين باغن جا ميوا (سندن) ويجهو جهڪيل هوندا.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۵۵
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ.
فِیْهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرْفِ١ۙ لَمْ یَطْمِثْهُنَّ اِنْسٌ قَبْلَهُمْ وَ لَا جَآنٌّۚ۵۶
انهن (باغن) ۾ جهُڪيل (شرميلي) نگاهن واريون حورون هونديون جن کي انهن کان اڳ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو هوندو نه ڪنهن جِنَ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۵۷
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو انڪار ڪندؤ.
كَاَنَّهُنَّ الْیَاقُوْتُ وَ الْمَرْجَانُۚ۵۸
اُهي (حورون) اهڙيون خوبصورت هونديون ڄڻڪ ياقوت ۽ مرجان آهن.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۵۹
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۶۱
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين سُهڻين صفتن جو انڪار ڪندؤ.
وَ مِنْ دُوْنِهِمَا جَنَّتٰنِۚ۶۲
۽ (انهن لاءِ) انهن ٻن کان سواءِ ٻه ٻيا باغ (به) آهن.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۙ۶۳
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۶۵
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۶۷
پوءِ توهان ٻئي (اي جِنو! اي انسانو) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فِیْهِمَا فَاكِهَةٌ وَّ نَخْلٌ وَّ رُمَّانٌۚ۶۸
انهن ٻنهين ۾ ميوات ۽ کجور ۽ ڏاڙهون آهن.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۶۹
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۷۱
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۷۳
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟
لَمْ یَطْمِثْهُنَّ اِنْسٌ قَبْلَهُمْ وَ لَا جَآنٌّۚ۷۴
انهن کي اڳ ۾ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو آهي ۽ نه ڪنهن جِنَ.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۷۵
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟
مُتَّكِـِٕیْنَ عَلٰى رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَّ عَبْقَرِیٍّ حِسَانٍۚ۷۶
(جنتي) سائي رنگ جي مَسندن ۽ خوبصورت چِٽِيَلَ چادرن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا.
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۷۷
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟
تَبٰرَكَ اسْمُ رَبِّكَ ذِی الْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِ۠۷۸
تنهنجي پالڻهار جو نالو وڏي برڪت وارو آهي جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي.
فَاَصْحٰبُ الْمَیْمَنَةِ١ۙ۬ مَاۤ اَصْحٰبُ الْمَیْمَنَةِؕ۸
پوءِ (پهريان) ساڄي پاسي وارا ڇا ته ساڄي پاسي وارا هوندا.
وَ اَصْحٰبُ الْمَشْـَٔمَةِ١ۙ۬ مَاۤ اَصْحٰبُ الْمَشْـَٔمَةِؕ۹
۽ (ٻيا) کاٻي پاسي وارا ڪهڙا نه (بڇڙا هوندا) کاٻي پاسي وارا.
وَ السّٰبِقُوْنَ السّٰبِقُوْنَۚۙ۱۰
۽ (ٽيان) اڳتي وڌي وڃڻ وارا (اُهي ته) اڳتي وڌي وڃڻ وارا آهن.
مُّتَّكِـِٕیْنَ عَلَیْهَا مُتَقٰبِلِیْنَ۱۶
انهن (تختن تي) ٽيڪ لڳائي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺل هوندا.
یَطُوْفُ عَلَیْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَۙ۱۷
انهن جي چؤ طرف ڳڀرُو ڇوڪرا ڦرندڙ هوندا جي هميشه (هڪ حال ۾) رهڻ وارا هوندا.
بِاَكْوَابٍ وَّ اَبَارِیْقَ١ۙ۬ وَ كَاْسٍ مِّنْ مَّعِیْنٍۙ۱۸
پيالن ۽ جڳن سان ۽ وهندڙ چشمي مان شراب جا ڀريل جام کڻي (بيٺل هوندا)
لَّا یُصَدَّعُوْنَ عَنْهَا وَ لَا یُنْزِفُوْنَۙ۱۹
ان سان نه انهن جو مٿو چڪرائيندو ۽ نه ئي انهن جي عقل ۾ فتور ايندو.
جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۲۴
(اهو) بدلو هوندو انهن (صالح) عملن جو جيڪي ڪندا هئا.
لَا یَسْمَعُوْنَ فِیْهَا لَغْوًا وَّ لَا تَاْثِیْمًاۙ۲۵
اُهي ان ۾ نه بيهودي ڳالھ ٻڌندا نه ڪا گناھ جي ڳالھ.
وَ اَصْحٰبُ الْیَمِیْنِ١ۙ۬ مَاۤ اَصْحٰبُ الْیَمِیْنِؕ۲۷
۽ ساڄي پاسي وارا ڇا ته (شان وارا) هوندا ساڄي پاسي وارا.
اِنَّاۤ اَنْشَاْنٰهُنَّ اِنْشَآءًۙ۳۵
بيشڪ اسان انهن (جي گھر واريُن حورن) کي خاص طرح سان بنايو آهي.
وَ اَصْحٰبُ الشِّمَالِ١ۙ۬ مَاۤ اَصْحٰبُ الشِّمَالِؕ۴۱
۽ کاٻي پاسي وارا ڪيڏا نه (بڇڙا) آهن کاٻي پاسي وارا.
اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُتْرَفِیْنَۚۖ۴۵
بيشڪ اُهي هن کان اڳ (دنيا ۾) خوشحال هئا.
وَ كَانُوْا یُصِرُّوْنَ عَلَى الْحِنْثِ الْعَظِیْمِۚ۴۶
۽ اهي زور وڏي گناھ (شرڪ) تي هميشگي ڪندڙ هئا.
وَ كَانُوْا یَقُوْلُوْنَ١ۙ۬ اَىِٕذَا مِتْنَا وَ كُنَّا تُرَابًا وَّ عِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَۙ۴۷
۽ چوندا هئا ته: ”ڇا جڏهن اسان مري وينداسين، ۽ اسان مٽي ۽ (ڳريل) هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان وري (زنده ڪري) اٿاريا وينداسين؟
لَمَجْمُوْعُوْنَ١ۙ۬ اِلٰى مِیْقَاتِ یَوْمٍ مَّعْلُوْمٍ۵۰
هڪ مقرر ڏينهن جي مقرر وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.
ثُمَّ اِنَّكُمْ اَیُّهَا الضَّآلُّوْنَ الْمُكَذِّبُوْنَۙ۵۱
پوءِ بيشڪ توهان اي گمراهو! ڪوڙو چوڻ وارؤ!
لَاٰكِلُوْنَ مِنْ شَجَرٍ مِّنْ زَقُّوْمٍۙ۵۲
توهان ضرور ڪنڊن واري ٿوهر جي وڻ مان کائيندؤ.
فَشٰرِبُوْنَ شُرْبَ الْهِیْمِؕ۵۵
پوءِ توهان سخت اڃاري اٺ جي پيئڻ وانگر پيئڻ وارا آهيو.
نَحْنُ خَلَقْنٰكُمْ فَلَوْ لَا تُصَدِّقُوْنَ۵۷
اسان توهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ڇو نه ٿا يقين ڪيو؟
اَفَرَءَیْتُمْ مَّا تُمْنُوْنَؕ۵۸
ڇا اوهان غور ڪيو آهي ته جيڪا مني اوهان (رحم ۾) ڪيرايو ٿا.
ءَاَنْتُمْ تَخْلُقُوْنَهٗۤ اَمْ نَحْنُ الْخٰلِقُوْنَ۵۹
ته ڇا ان (مان ماڻهو) کي توهان ٿا پيدا ڪيو يا اسان پيدا ڪرڻ وارا آهيون.
نَحْنُ قَدَّرْنَا بَیْنَكُمُ الْمَوْتَ وَ مَا نَحْنُ بِمَسْبُوْقِیْنَۙ۶۰
اسان ئي توهان جي وچ ۾ موت کي مقرر ڪيو آهي ۽ اسان ان کان عاجز نه ٿيا آهيون.
عَلٰۤى اَنْ نُّبَدِّلَ اَمْثَالَكُمْ وَ نُنْشِئَكُمْ فِیْ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ۶۱
جو توهان جي بدلي توهان جهڙا ٻيا پيدا ڪيون ۽ توهان کي نئين سِر اهڙي صورت ۾ پيدا ڪيون جنهن کي توهان ڄاڻو به نه ٿا.
وَ لَقَدْ عَلِمْتُمُ النَّشْاَةَ الْاُوْلٰى فَلَوْ لَا تَذَكَّرُوْنَ۶۲
توهان کي يقيني طرح پهرئين ڀيري جي پيدائش معلوم آهي پوءِ ڇو نه ٿا نصيحت پِرايو؟
ءَاَنْتُمْ تَزْرَعُوْنَهٗۤ اَمْ نَحْنُ الزّٰرِعُوْنَ۶۴
ڇا ان کي اوهان ٿا ڄمايو يا اسان ڄمائڻ وارا آهيون.
لَوْ نَشَآءُ لَجَعَلْنٰهُ حُطَامًا فَظَلْتُمْ تَفَكَّهُوْنَ۶۵
جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون پوءِ توهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو.
اَفَرَءَیْتُمُ الْمَآءَ الَّذِیْ تَشْرَبُوْنَؕ۶۸
ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪو پاڻي توهان پيئو ٿا.
ءَاَنْتُمْ اَنْزَلْتُمُوْهُ مِنَ الْمُزْنِ اَمْ نَحْنُ الْمُنْزِلُوْنَ۶۹
ڇا ان کي ڪڪرن مان توهان لاٿو آهي يا اسان لاهڻ وارا آهيون.
لَوْ نَشَآءُ جَعَلْنٰهُ اُجَاجًا فَلَوْ لَا تَشْكُرُوْنَ۷۰
جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ توهان ڇونه ٿا شڪر ادا ڪيو.
اَفَرَءَیْتُمُ النَّارَ الَّتِیْ تُوْرُوْنَؕ۷۱
ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪا باھ توهان ٻاريو ٿا.
ءَاَنْتُمْ اَنْشَاْتُمْ شَجَرَتَهَاۤ اَمْ نَحْنُ الْمُنْشِـُٔوْنَ۷۲
ڇا ان جي وڻ کي توهان پيدا ڪيو آهي يا اسان پيدا ڪرڻ وارا آهيون.
نَحْنُ جَعَلْنٰهَا تَذْكِرَةً وَّ مَتَاعًا لِّلْمُقْوِیْنَۚ۷۳
اسان ان باھ کي (جهنم جي باھ جي) ياد ڏيارڻ واري ۽ جهنگل جي مسافرن لاءِ فائدي جي شيءِ بنايو آهي.
فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِیْمِ۠۷۴
پوءِ تون پاڪائي بيان ڪر پنهنجي وڏي پالڻهار جي نالي جي.
وَ اِنَّهٗ لَقَسَمٌ لَّوْ تَعْلَمُوْنَ عَظِیْمٌۙ۷۶
۽ بيشڪ اهو وڏو زبردست قسم آهي اگر توهان ڄاڻو ته.
اَفَبِهٰذَا الْحَدِیْثِ اَنْتُمْ مُّدْهِنُوْنَۙ۸۱
ڇا پوءِ توهان هن ڪلام ۾ سستي ڪندڙ آهيو؟
وَ تَجْعَلُوْنَ رِزْقَكُمْ اَنَّكُمْ تُكَذِّبُوْنَ۸۲
۽ توهان پنهنجو حصو اهو ڪيو ٿا جو توهان ان کي ڪوڙو چوندا رهو.
فَلَوْ لَاۤ اِذَا بَلَغَتِ الْحُلْقُوْمَۙ۸۳
پوءِ ڇو نه (ٿا موٽايو روح کي) جنهن وقت نرگهٽ تائين پهچي ٿو.
وَ نَحْنُ اَقْرَبُ اِلَیْهِ مِنْكُمْ وَ لٰكِنْ لَّا تُبْصِرُوْنَ۸۵
۽ اسان ان (مرڻ واري کي) توهان کان گهڻو ويجها آهيون پر توهان نه ٿا ڏسو.
فَلَوْ لَاۤ اِنْ كُنْتُمْ غَیْرَ مَدِیْنِیْنَۙ۸۶
پوءِ ڇونه (ٿا ائين ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان ڪنهن جي زير فرمان نه آهيو.
تَرْجِعُوْنَهَاۤ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۸۷
جو ان (جي ساھ) کي واپس موٽايو جي توهان سچا آهيو.
فَاَمَّاۤ اِنْ كَانَ مِنَ الْمُقَرَّبِیْنَۙ۸۸
پوءِ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو) مقربن مان آهي.
فَرَوْحٌ وَّ رَیْحَانٌ١ۙ۬ وَّ جَنَّتُ نَعِیْمٍ۸۹
پوءِ (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار ٻوٽا نعمتن واري جنت آهي.
وَ اَمَّاۤ اِنْ كَانَ مِنْ اَصْحٰبِ الْیَمِیْنِۙ۹۰
۽ جيڪڏهن اهو ساڄي پاسي وارن مان آهي.
فَسَلٰمٌ لَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ الْیَمِیْنِؕ۹۱
پوءِ (چيو ويندو) تو لاءِ سلام آهي اي ساڄي پاسي وارن مان هجڻ وارا!
وَ اَمَّاۤ اِنْ كَانَ مِنَ الْمُكَذِّبِیْنَ الضَّآلِّیْنَۙ۹۲
۽ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو) ڪوڙو چوڻ وارن گمراهن مان آهي.
فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِیْمِ۠۹۶
پوءِ تون پاڪائي بيان ڪر پنهنجي وڏي پالڻهار جي نالي جي.
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ۚ وَ هُوَ الْعَزِیْزُ الْحَكِیْمُ۱
الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.
لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ۚ یُحْیٖ وَ یُمِیْتُ١ۚ وَ هُوَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۲
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان جي ئي آهي، اهو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
هُوَ الْاَوَّلُ وَ الْاٰخِرُ وَ الظَّاهِرُ وَ الْبَاطِنُ١ۚ وَ هُوَ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمٌ۳
اُهو ئي اول آهي ۽ آخر آهي ۽ پڌرو آهي ۽ ڳجهو آهي ۽ اُهو هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ فِیْ سِتَّةِ اَیَّامٍ ثُمَّ اسْتَوٰى عَلَى الْعَرْشِ١ؕ یَعْلَمُ مَا یَلِجُ فِی الْاَرْضِ وَ مَا یَخْرُجُ مِنْهَا وَ مَا یَنْزِلُ مِنَ السَّمَآءِ وَ مَا یَعْرُجُ فِیْهَا١ؕ وَ هُوَ مَعَكُمْ اَیْنَ مَا كُنْتُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِیْرٌ۴
اُهو ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش تي (پنهنجي شان مطابق) جلوه گر ٿيو. اُهو ڄاڻي ٿو جو ڪجھ زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جو ڪجھ ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو. ۽ اُهو اوهان سان گڏ آهي اوهان جتي به هجو. ۽ الله ڏسندڙ آهي انهن عملن کي جيڪي اوهان ڪري رهيا آهيو.
لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ اِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ۵
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت سندس آهي. ۽ سڀ معاملات (فيصلي لاءِ) الله ڏانهن ئي موٽايا وڃن ٿا.
یُوْلِجُ الَّیْلَ فِی النَّهَارِ وَ یُوْلِجُ النَّهَارَ فِی الَّیْلِ١ؕ وَ هُوَ عَلِیْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ۶
اُهو رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ اهو سينن جي (لڪل) رازن کي ڄاڻندڙ آهي.
اٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ اَنْفِقُوْا مِمَّا جَعَلَكُمْ مُّسْتَخْلَفِیْنَ فِیْهِ١ؕ فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَ اَنْفَقُوْا لَهُمْ اَجْرٌ كَبِیْرٌ۷
ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ ان (مال) مان خرچ ڪيو جنهن ۾ ان توهان کي (اڳين جو) نائب بنايو آهي. پوءِ توهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيائون انهن لاءِ وڏو اجر آهي.
وَ مَا لَكُمْ لَا تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ١ۚ وَ الرَّسُوْلُ یَدْعُوْكُمْ لِتُؤْمِنُوْا بِرَبِّكُمْ وَ قَدْ اَخَذَ مِیْثَاقَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ۸
۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪه رسول توهان کي سڏي رهيو آهي ته توهان پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ (الله) توهان کان پڪو عهد وٺي چڪو آهي، اگر اوهان مڃڻ وارا آهيو.
هُوَ الَّذِیْ یُنَزِّلُ عَلٰى عَبْدِهٖۤ اٰیٰتٍۭ بَیِّنٰتٍ لِّیُخْرِجَكُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ١ؕ وَ اِنَّ اللّٰهَ بِكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ۹
اُهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهي تي پڌريون نشانيون نازل ڪري ٿو هن لاءِ ته توهان کي اونداهين مان روشني طرف ڪڍي آڻي. ۽ بيشڪ الله توهان سان وڏي شفقت ڪندڙ ٻاجهارو آهي.
وَ مَا لَكُمْ اَلَّا تُنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ وَ لِلّٰهِ مِیْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ لَا یَسْتَوِیْ مِنْكُمْ مَّنْ اَنْفَقَ مِنْ قَبْلِ الْفَتْحِ وَ قٰتَلَ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ اَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ الَّذِیْنَ اَنْفَقُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَ قٰتَلُوْا١ؕ وَ كُلًّا وَّعَدَ اللّٰهُ الْحُسْنٰى١ؕ وَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِیْرٌ۠۱۰
۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪيو؟ حالانڪه آسمانن ۽ زمين جي سڀ ملڪيت الله جي ئي آهي. اوهان مان ڪو به ان سان برابر ٿي نه ٿو سگھي جنهن فتح (مڪه) کان اڳ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪئي. اُهي انهن ماڻهن کان درجي ۾ تمام وڏا آهن جن (فتح مڪي کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪيائون. ۽ سڀني سان الله چڱائي (يعني جنت) جو وعدو ڪيو آهي. ۽ الله خبروار آهي تنهن کان جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا.
مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَهٗ لَهٗ وَ لَهٗۤ اَجْرٌ كَرِیْمٌۚ۱۱
ڪير آهي؟ جيڪو الله کي قرضِ حسنه طور قرض ڏئي پوءِ (الله) ان جي لاءِ اهو (مال) ٻيڻو ڪندو ۽ ان جي لاءِ عزت وارو اجر آهي.
یَوْمَ تَرَى الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ یَسْعٰى نُوْرُهُمْ بَیْنَ اَیْدِیْهِمْ وَ بِاَیْمَانِهِمْ بُشْرٰىكُمُ الْیَوْمَ جَنّٰتٌ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا١ؕ ذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِیْمُۚ۱۲
ان ڏينهن تون ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته انهن جو نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو (چيو ويندو) ”اڄ اوهان کي خوشخبري آهي جنتن جي، جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون (توهان) انهن ۾ هميشه رهندؤ. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي“.
یَوْمَ یَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَ الْمُنٰفِقٰتُ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوا انْظُرُوْنَا نَقْتَبِسْ مِنْ نُّوْرِكُمْ١ۚ قِیْلَ ارْجِعُوْا وَرَآءَكُمْ فَالْتَمِسُوْا نُوْرًا١ؕ فَضُرِبَ بَیْنَهُمْ بِسُوْرٍ لَّهٗ بَابٌ١ؕ بَاطِنُهٗ فِیْهِ الرَّحْمَةُ وَ ظَاهِرُهٗ مِنْ قِبَلِهِ الْعَذَابُؕ۱۳
جنهن ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته: ”اسان ڏانهن نگاهِ (ڪرم) ڪيو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجھ (روشني) حاصل ڪيون“، چيو ويندو ته: ”توهان پوئتي موٽي وڃو (اتي وڃي) نور تلاش ڪيو“. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي جنهن ۾ هڪ دروازو هوندو. ان جي اندرئين پاسي واري جاءِ ۾ رحمت هوندي ۽ ٻاهرئين پاسي جي طرف کان عذاب هوندو.
یُنَادُوْنَهُمْ اَلَمْ نَكُنْ مَّعَكُمْ١ؕ قَالُوْا بَلٰى وَ لٰكِنَّكُمْ فَتَنْتُمْ اَنْفُسَكُمْ وَ تَرَبَّصْتُمْ وَ ارْتَبْتُمْ وَ غَرَّتْكُمُ الْاَمَانِیُّ حَتّٰى جَآءَ اَمْرُ اللّٰهِ وَ غَرَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ۱۴
اُهي (منافق) انهن مؤمنن کي سڏي چوندا ته: ”ڇا اسان توهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسين“؟ اُهي چوندا: ”هائو برابر! پر توهان پنهنجو پاڻ کي (نفاق جي) فتني ۾ وڌو ۽ توهان (اسان جي نقصان جو) انتظار ٿي ڪيو ۽ اوهان شڪ پئي ڪيو ۽ خواهشن اوهان کي دوکو ڏنو ايستائين جو الله جو حڪمِ (موت) اچي ويو ۽ توهان کي الله جي باري ۾ دوکيباز (شيطان) دوکو ڏنو.
فَالْیَوْمَ لَا یُؤْخَذُ مِنْكُمْ فِدْیَةٌ وَّ لَا مِنَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا١ؕ مَاْوٰىكُمُ النَّارُ١ؕ هِیَ مَوْلٰىكُمْ١ؕ وَ بِئْسَ الْمَصِیْرُ۱۵
سو (اي منافقو!) اڄ اوهان کان نه عيوض ورتو ويندو ۽ نه انهن ماڻهن کان جن ڪفر ڪيو. توهان (سڀني) جي جاءِ جهنم آهي. اها ئي توهان جي خبرگيري ڪندڙ آهي. ۽ ڏاڍي بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي“.
اَلَمْ یَاْنِ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ وَ مَا نَزَلَ مِنَ الْحَقِّ١ۙ وَ لَا یَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلُ فَطَالَ عَلَیْهِمُ الْاَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوْبُهُمْ١ؕ وَ كَثِیْرٌ مِّنْهُمْ فٰسِقُوْنَ۱۶
ڇا اڃا ايمان وارن لاءِ اُهو وقت نه آيو آهي؟ جو انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جُهڪي پون ۽ ان حق لاءِ (جُھڪن) جيڪو نازل ٿيو آهي. ۽ انهن ماڻهن وانگر نه بنجن جن کي اڳ ڪتاب ڏنو ويو هيو پوءِ انهن تي ڊگهو وقت گذري ويو سو سندن دليون سخت ٿي ويون. ۽ انهن مان گھڻا نافرمان آهن.
اِعْلَمُوْۤا اَنَّ اللّٰهَ یُحْیِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا١ؕ قَدْ بَیَّنَّا لَكُمُ الْاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ۱۷
اوهان ڄاڻو ته الله زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ زنده ڪري ٿو. بيشڪ اسان توهان جي لاءِ نشانيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن تان ته توهان عقل کان ڪم وٺو.
اِنَّ الْمُصَّدِّقِیْنَ وَ الْمُصَّدِّقٰتِ وَ اَقْرَضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا یُّضٰعَفُ لَهُمْ وَ لَهُمْ اَجْرٌ كَرِیْمٌ۱۸
بيشڪ صدقو ڏيندڙ مرد ۽ صدقو ڏيندڙ عورتون ۽ جن الله کي قرض حسنه جي طور قرض ڏنو تن کي ٻيڻو ڪري ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ عزت وارو اجر آهي.
وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَ رُسُلِهٖۤ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الصِّدِّیْقُوْنَ١ۖۗ وَ الشُّهَدَآءُ عِنْدَ رَبِّهِمْ١ؕ لَهُمْ اَجْرُهُمْ وَ نُوْرُهُمْ١ؕ وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ كَذَّبُوْا بِاٰیٰتِنَاۤ اُولٰٓىِٕكَ اَصْحٰبُ الْجَحِیْمِ۠۱۹
۽ جن ماڻهن الله تي ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو اُهي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ نهايت سچار ۽ ٻين تي شاهد آهن. انهن لاءِ انهن جو اجر ۽ انهن جو نور آهي. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي دوزخي آهن.
اِعْلَمُوْۤا اَنَّمَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَا لَعِبٌ وَّ لَهْوٌ وَّ زِیْنَةٌ وَّ تَفَاخُرٌۢ بَیْنَكُمْ وَ تَكَاثُرٌ فِی الْاَمْوَالِ وَ الْاَوْلَادِ١ؕ كَمَثَلِ غَیْثٍ اَعْجَبَ الْكُفَّارَ نَبَاتُهٗ ثُمَّ یَهِیْجُ فَتَرٰىهُ مُصْفَرًّا ثُمَّ یَكُوْنُ حُطَامًا١ؕ وَ فِی الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ شَدِیْدٌ١ۙ وَّ مَغْفِرَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَ رِضْوَانٌ١ؕ وَ مَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاۤ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ۲۰
اوهان ڄاڻو ته دنيا جي زندگي ته صرف راند ۽ تماشو ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ آهي. ۽ مالن ۽ اولادن ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي طلب آهي. ان جو مثال ان مينهن وانگر آهي جنهن جي ساوڪ هارين کي وڻي ٿي پوءِ اها سُڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين پوءِ اها ذرا ذرا ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (نافرمانن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (فرمانبردارن لاءِ) الله جي پاران بخشش ۽ (سندس) رضامندو آهي ۽ دنيا جي زندگي رڳي دوکي جو سامان ئي آهي.
سَابِقُوْۤا اِلٰى مَغْفِرَةٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَ جَنَّةٍ عَرْضُهَا كَعَرْضِ السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ١ۙ اُعِدَّتْ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَ رُسُلِهٖ١ؕ ذٰلِكَ فَضْلُ اللّٰهِ یُؤْتِیْهِ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ اللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِیْمِ۲۱
هڪ ٻئي کان اڳتي وڌو پنهنجي پالڻهار جي بخشش ڏانهن ۽ ان جنت ڏانهن جنهن جي ويڪر آسمان ۽ زمين جي پکيڙ جيتري آهي جيڪا انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جن الله تي ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو. اِهو الله جو فضل آهي، اُهو جنهن کي چاهي ٿو عطا ڪري ٿو. ۽ الله زبردست فضل وارو آهي.
مَاۤ اَصَابَ مِنْ مُّصِیْبَةٍ فِی الْاَرْضِ وَ لَا فِیْۤ اَنْفُسِكُمْ اِلَّا فِیْ كِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ اَنْ نَّبْرَاَهَا١ؕ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللّٰهِ یَسِیْرٌۚۖ۲۲
ڪابه مصيبت اهڙي نه آهي جا زمين ۾ پهچي ٿي ۽ نه توهان جي جانين کي پهچي ٿي مگر اسان ان کي پيدا ڪرڻ کان اڳ ئي هڪ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکي رکيو) آهي. بيشڪ اها ڳالھ الله وٽ آسان آهي.
لِّكَیْلَا تَاْسَوْا عَلٰى مَا فَاتَكُمْ وَ لَا تَفْرَحُوْا بِمَاۤ اٰتٰىكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ لَا یُحِبُّ كُلَّ مُخْتَالٍ فَخُوْرِۙ۲۳
هن لاءِ ته توهان ڏک نه ڪيو ان تي جا شيءِ توهان جي هٿان هلي وڃي ۽ فخر نه ڪيو ان تي جيڪي توهان کي ڏنائين. ۽ الله هر هٺيلي پاڻُ پَڏَائيندڙَ کي پسند نه ٿو ڪري.
اِ۟لَّذِیْنَ یَبْخَلُوْنَ وَ یَاْمُرُوْنَ النَّاسَ بِالْبُخْلِ١ؕ وَ مَنْ یَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِیُّ الْحَمِیْدُ۲۴
جيڪي ماڻهو (خود به) ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسي جو حڪم ڪن ٿا. ۽ جيڪو ماڻهو منهن موڙيندو ته پوءِ بيشڪ الله (به) بي پرواھ ساراهيل آهي.
لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنْزَلْنَا مَعَهُمُ الْكِتٰبَ وَ الْمِیْزَانَ لِیَقُوْمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ١ۚ وَ اَنْزَلْنَا الْحَدِیْدَ فِیْهِ بَاْسٌ شَدِیْدٌ وَّ مَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَ لِیَعْلَمَ اللّٰهُ مَنْ یَّنْصُرُهٗ وَ رُسُلَهٗ بِالْغَیْبِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ قَوِیٌّ عَزِیْزٌ۠۲۵
بيشڪ اسان پنهنجي رسولن کي چِٽين نشانين سان موڪليو ۽ اسان انهن سان گڏ ڪتاب ۽ (عدل جي) تارازي نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن ۽ اسان لوھ لاٿو جنهن ۾ وڏي طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ نفعا آهن، هن لاءِ ته الله ظاهر ڪري ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي اڻ ڏٺي مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله وڏي قوت وارو غالب آهي.
وَ لَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوْحًا وَّ اِبْرٰهِیْمَ وَ جَعَلْنَا فِیْ ذُرِّیَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَ الْكِتٰبَ فَمِنْهُمْ مُّهْتَدٍ١ۚ وَ كَثِیْرٌ مِّنْهُمْ فٰسِقُوْنَ۲۶
۽ بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ اسان انهن ٻنهين جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر فرمايو، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ انهن مان گهڻا نافرمان آهن.
ثُمَّ قَفَّیْنَا عَلٰۤى اٰثَارِهِمْ بِرُسُلِنَا وَ قَفَّیْنَا بِعِیْسَى ابْنِ مَرْیَمَ وَ اٰتَیْنٰهُ الْاِنْجِیْلَ١ۙ۬ وَ جَعَلْنَا فِیْ قُلُوْبِ الَّذِیْنَ اتَّبَعُوْهُ رَاْفَةً وَّ رَحْمَةً١ؕ وَ رَهْبَانِیَّةَ اِ۟بْتَدَعُوْهَا مَا كَتَبْنٰهَا عَلَیْهِمْ اِلَّا ابْتِغَآءَ رِضْوَانِ اللّٰهِ فَمَا رَعَوْهَا حَقَّ رِعَایَتِهَا١ۚ فَاٰتَیْنَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنْهُمْ اَجْرَهُمْ١ۚ وَ كَثِیْرٌ مِّنْهُمْ فٰسِقُوْنَ۲۷
پوءِ اسان انهن جي پُٺيان لڳاتار انهيءَ طريقي تي ٻيا رسول موڪليا، ۽ انهن جي پٺيان عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليوسين ۽ ان کي انجيل ڏنوسين ۽ اسان انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن سندس پيروي ڪئي هئي نرمي ۽ ٻاجھ رکي. ۽ گوشه نشيني (جي بدعت) انهن پاڻ ايجاد ڪئي هئي اها اسان انهن تي فرض نه ڪئي هئي، (اها بدعت) رڳو الله جي رضامندي (حاصل ڪرڻ) لاءِ بنايائون پوءِ ان کي نڀائي نه سگهيا جيئن نڀائڻ جو حق هيو، پوءِ جن ماڻهن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ اٰمِنُوْا بِرَسُوْلِهٖ یُؤْتِكُمْ كِفْلَیْنِ مِنْ رَّحْمَتِهٖ وَ یَجْعَلْ لَّكُمْ نُوْرًا تَمْشُوْنَ بِهٖ وَ یَغْفِرْ لَكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌۚۙ۲۸
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ته اهو اوهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه حصا عطا ڪندو ۽ توهان لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن ۾ توهان هلندؤ ۽ توهان جي بخشش ڪندو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
لِّئَلَّا یَعْلَمَ اَهْلُ الْكِتٰبِ اَلَّا یَقْدِرُوْنَ عَلٰى شَیْءٍ مِّنْ فَضْلِ اللّٰهِ وَ اَنَّ الْفَضْلَ بِیَدِ اللّٰهِ یُؤْتِیْهِ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ اللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِیْمِ۠۲۹
(هن لاءِ) ته ڪتاب وارا سمجهن ته اُهي الله جي فضل تي ڪابه قدرت نه ٿا رکن ۽ بيشڪ فضل الله جي هٿ ۾ آهي اهو جنهن کي چاهي عطا ڪري ٿو. ۽ الله زبردست فضل وارو آهي.