قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 26 starts at Surah Al-Ahqaf ayah 1 and ends at Surah 51 ayah 30. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْحَكِیْمِ۲
(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جو غالب حڪمت وارو آهي.
مَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَاۤ اِلَّا بِالْحَقِّ وَ اَجَلٍ مُّسَمًّى١ؕ وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا عَمَّاۤ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ۳
۽ اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀني) کي نه پيدا ڪيو آهي مگر حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي جنهن شيءِ کان ڊيڄاريو وڃي ٿو ان کان منهن موڙيندڙ آهن.
قُلْ اَرَءَیْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِیْ مَا ذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَهُمْ شِرْكٌ فِی السَّمٰوٰتِ١ؕ اِیْتُوْنِیْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ هٰذَاۤ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۴
چؤ: ”ڀلا ڪڏهن اوهان (اکيون کولي) ڏٺو به آهي ته توهان الله کي ڇڏي جن (بتن) کي پوڄيو ٿا مون کي ڏيکاريو ته سهي انهن ڪهڙي شيءِ زمين ۾ پيدا ڪئي آهي؟ يا آسمانن ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي؟ هن (قرآن) کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا ڪا علمي روايت (ئي) پيش ڪيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو“.
وَ مَنْ اَضَلُّ مِمَّنْ یَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا یَسْتَجِیْبُ لَهٗۤ اِلٰى یَوْمِ الْقِیٰمَةِ وَ هُمْ عَنْ دُعَآىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ۵
۽ ان کان وڌيڪ گمراھ ٻيو ڪير آهي؟ جيڪو الله کي ڇڏي اهڙن (بتن) کي سڏي ٿو جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين ان کي جواب نه ڏئي سگھن ۽ اُهي سندن سڏڻ کان ئي بي خبر آهن.
وَ اِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَآءً وَّ كَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِیْنَ۶
۽ جڏهن (بروزِ حشر) ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو تڏهن اُهي (ڪوڙا معبود) سندن دشمن ٿي پوندا ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ جو انڪار ڪندڙ هوندا.
وَ اِذَا تُتْلٰى عَلَیْهِمْ اٰیٰتُنَا بَیِّنٰتٍ قَالَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ١ۙ هٰذَا سِحْرٌ مُّبِیْنٌؕ۷
۽ جڏهن انهن تي اسان جون پڌريون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر حق جي ڳالھ کي جڏهن انهن وٽ پهچي ٿي ته چون ٿا هي کُلو جادو آهي.
اَمْ یَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ١ؕ قُلْ اِنِ افْتَرَیْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِیْ مِنَ اللّٰهِ شَیْـًٔا١ؕ هُوَ اَعْلَمُ بِمَا تُفِیْضُوْنَ فِیْهِ١ؕ كَفٰى بِهٖ شَهِیْدًۢا بَیْنِیْ وَ بَیْنَكُمْ١ؕ وَ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُ۸
ڇا اُهي چون ٿا ته هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو اٿس. چؤ: ”جيڪڏهن مون ان کي پاڻ ٺاهيو آهي ته توهان الله جي مقابلي ۾ مون لاءِ ڪجھ به ڪري نه ٿا سگهو. ۽ اُهو ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جن ڳالهين ۾ توهان مشغول آهيو. منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ اهو ئي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. ۽ اُهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
قُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَ مَاۤ اَدْرِیْ مَا یُفْعَلُ بِیْ وَ لَا بِكُمْ١ؕ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا یُوْحٰۤى اِلَیَّ وَ مَاۤ اَنَا اِلَّا نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌ۹
چؤ ته: ”آءٌ رسولن مان ڪو نئون رسول نه آهيان ۽ آءٌ (از خود) نه ٿو ڄاڻان ته مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ توهان سان ڇا ڪيو ويندو؟ آءٌ نه ٿو پيروي ڪيان سواءِ ان جي جيڪو مون ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءٌ ته صرف پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.
قُلْ اَرَءَیْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَ كَفَرْتُمْ بِهٖ وَ شَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ عَلٰى مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَ اسْتَكْبَرْتُمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ لَا یَهْدِی الْقَوْمَ الظّٰلِمِیْنَ۠۱۰
چؤ: ”ڀلا ٻڌايو ته سهي جيڪڏهن هي (قرآن) الله جي طرفان هجي ۽ توهان ان سان ڪفر ڪيو هجي، (ته اوهان جو انجام ڇا ٿيندو؟) ۽ بني اسرائيل مان هڪ شاهدُ اهڙي (ڪتاب) جي شاهدي به ڏئي چڪو هجي، پوءِ ان ايمان آندو ۽ توهان وڏائي ڪئي. بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.
وَ قَالَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَیْرًا مَّا سَبَقُوْنَاۤ اِلَیْهِ١ؕ وَ اِذْ لَمْ یَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَیَقُوْلُوْنَ هٰذَاۤ اِفْكٌ قَدِیْمٌ۱۱
۽ ڪافرن مؤمنن بابت چيو ته اگر اهو (دين) ڀلو هجي ها ته اُهي ان ڏانهن اسان کان اڳي نه پهچن ها (بلڪه اسان ئي اڳ ۾ قبول ڪيون ها). ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) ان سان هدايت نه پِرائي ته هاڻي چوندا ته هي پراڻو بهتان آهي.
وَ مِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰۤى اِمَامًا وَّ رَحْمَةً١ؕ وَ هٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِیًّا لِّیُنْذِرَ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا١ۖۗ وَ بُشْرٰى لِلْمُحْسِنِیْنَۚ۱۲
حالانڪه ان (قرآن) کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب (تورات) اڳواڻ ۽ رحمت بنجي اچي چڪو آهي. ۽ هي ڪتاب (ان جي) تصديق ڪندڙ آهي عربي زبان ۾ آهي، هن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري ۽ نيڪوڪارن لاءِ خوشخبري آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَۚ۱۳
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پالڻهار الله آهي پوءِ ان تي ڄمي بيٺا ته پوءِ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا.
اُولٰٓىِٕكَ اَصْحٰبُ الْجَنَّةِ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا١ۚ جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۱۴
اهي جنتي آهن ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن، هي انهن عملن جو بدلو آهي جيڪي اُهي ڪندا هئا.
وَ وَصَّیْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَیْهِ اِحْسٰنًا١ؕ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّ وَضَعَتْهُ كُرْهًا١ؕ وَ حَمْلُهٗ وَ فِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا١ؕ حَتّٰۤى اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَ بَلَغَ اَرْبَعِیْنَ سَنَةً١ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِیْۤ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِیْۤ اَنْعَمْتَ عَلَیَّ وَ عَلٰى وَالِدَیَّ وَ اَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَ اَصْلِحْ لِیْ فِیْ ذُرِّیَّتِیْ١ؕۚ اِنِّیْ تُبْتُ اِلَیْكَ وَ اِنِّیْ مِنَ الْمُسْلِمِیْنَ۱۵
۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو. سندس ماءُ ان کي تڪليف سان پيٽ ۾ کنيو آهي ۽ تڪليف سان ان کي ڄڻيو آهي. ۽ ان جو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ (جو عرصو) ٽيھ مهينا آهي. ايستائين جو جڏهن اُهو پنهنجي جواني کي پهچي ٿو ۽ چاليھ سالن کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: ”اي منهنجا پالڻهار مون کي توفيق ڏي ته آءٌ تنهنجي ان احسان جو شڪر ادا ڪيان جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيو آهي، ۽ هي ته آءٌ اهڙا صالح عمل ڪيان جن کان تون راضي ٿين ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪائي رک. بيشڪ آءٌ تو ڏانهن موٽان ٿو ۽ بيشڪ آءٌ فرمانبردارن مان آهيان“.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَمِلُوْا وَ نَتَجَاوَزُ عَنْ سَیِّاٰتِهِمْ فِیْۤ اَصْحٰبِ الْجَنَّةِ١ؕ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِیْ كَانُوْا یُوْعَدُوْنَ۱۶
اهي اهڙا (خوشنصيب) ماڻهو آهن جن جا نيڪ عمل اسان قبول ڪيون ٿا ۽ سندن ڪوتاهين کان درگذر ڪيون ٿا اُهي اهلِ بهشت ۾ (شامل ٿيندا). هي سچو وعدو آهي جيڪو ساڻن ڪيو پيو وڃي.
وَ الَّذِیْ قَالَ لِوَالِدَیْهِ اُفٍّ لَّكُمَاۤ اَتَعِدٰنِنِیْۤ اَنْ اُخْرَجَ وَ قَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِیْ١ۚ وَ هُمَا یَسْتَغِیْثٰنِ اللّٰهَ وَیْلَكَ اٰمِنْ١ۖۗ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ١ۖۚ فَیَقُوْلُ مَا هٰذَاۤ اِلَّاۤ اَسَاطِیْرُ الْاَوَّلِیْنَ۱۷
۽ جنهن ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو: ”اف اوهان مون کي تنگ ڪري ڇڏيو، ڇا اوهان مون کي خوف ڏياريو ٿا ته مون کي (قبر مان زنده ڪري) ڪڍيو ويندو حالانڪه مون کان اڳ گهڻيون امتون گذري چڪيون آهن (انهن مان ته ڪير اٿي نه آيو آهي) “ ۽ اُهي ٻئي (ماءُ ۽ پيءُ) الله کي فرياد ڪري (پُٽ کي چئي رهيا آهن) ”تون برباد ٿي وئين ايمان آڻ! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي“، مگر اُهو چوي ٿو ته: ”اهي رڳو اڳين ماڻهن جا (ڪوڙا) افسانا آهن“.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ حَقَّ عَلَیْهِمُ الْقَوْلُ فِیْۤ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَ الْاِنْسِ١ؕ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِیْنَ۱۸
اِهي (اهڙا بدبخت) ماڻهو آهن جن تي (سزا جو) فرمان ثابت ٿي چُڪو آهي، اهي اهڙن گروهن ۾ شامل هوندا جيڪي انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن مان گذري چڪا آهن. بيشڪ اهي نقصان وارا هئا.
وَ لِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّمَّا عَمِلُوْا١ۚ وَ لِیُوَفِّیَهُمْ اَعْمَالَهُمْ وَ هُمْ لَا یُظْلَمُوْنَ۱۹
۽ هر هڪ لاءِ انهن جي عملن آهر درجا آهن، ۽ هن لاءِ ته (الله) انهن کي سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏئي ۽ انهن تي ڪو ظلم ڪونه ڪيو ويندو.
وَ یَوْمَ یُعْرَضُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا عَلَى النَّارِ١ؕ اَذْهَبْتُمْ طَیِّبٰتِكُمْ فِیْ حَیَاتِكُمُ الدُّنْیَا وَ اسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا١ۚ فَالْیَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِمَا كُنْتُمْ تَسْتَكْبِرُوْنَ فِی الْاَرْضِ بِغَیْرِ الْحَقِّ وَ بِمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ۠۲۰
۽ جنهن ڏينهن ڪافر باھ اڳيان پيش ڪيا ويندا. (چيو ويندو) ”توهان پنهنجي حصي جون نعمتون پنهنجي دنياوي حياتي ۾ ختم ڪري چڪا آهيو ۽ انهن جا مزا ماڻي چُڪا آهيو، پوءِ اڄ ڏينهن توهان کي ذلت جي عذاب جي سزا ڏني ويندي ان ڪري جو توهان زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ هن ڪري (به) جو توهان نافرماني ڪندا هئا“.
وَ اذْكُرْ اَخَا عَادٍ١ؕ اِذْ اَنْذَرَ قَوْمَهٗ بِالْاَحْقَافِ وَ قَدْ خَلَتِ النُّذُرُ مِنْۢ بَیْنِ یَدَیْهِ وَ مِنْ خَلْفِهٖۤ اَلَّا تَعْبُدُوْۤا اِلَّا اللّٰهَ١ؕ اِنِّیْۤ اَخَافُ عَلَیْكُمْ عَذَابَ یَوْمٍ عَظِیْمٍ۲۱
۽ (قومِ) عاد جي ڀاءُ (هود) جو ذڪر ڪر، جڏهن ان پنهنجي قوم کي احقاف (ريگستان واري علائقي) ۾ ڊيڄاريو، حالانڪه ان کان اڳ ۽ ان کان پوءِ ڊيڄارڻ وارا (پيغمبر) گذري چڪا هئا (هود چيو ته:) ”توهان الله کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪيو. (ورنه) مون کي ڊپ آهي ته توهان تي وڏي ڏينهن جو عذاب نه اچي وڃي“.
قَالُوْۤا اَجِئْتَنَا لِتَاْفِكَنَا عَنْ اٰلِهَتِنَا١ۚ فَاْتِنَا بِمَا تَعِدُنَاۤ اِنْ كُنْتَ مِنَ الصّٰدِقِیْنَ۲۲
چيائون: ”ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسان کي اسان جي معبودن کان ڦيرائين؟ پوءِ اُهو (عذاب) آڻ جنهن کان تون اسان کي ڊيڄاري رهيو آهين جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.
قَالَ اِنَّمَا الْعِلْمُ عِنْدَ اللّٰهِ١ۖ٘ وَ اُبَلِّغُكُمْ مَّاۤ اُرْسِلْتُ بِهٖ وَ لٰكِنِّیْۤ اَرٰىكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُوْنَ۲۳
(هود) چيو ته: ”(عذاب جي وقت جو) علم ته صرف الله کي آهي ۽ آءٌ اوهان کي (اُهي احڪام) پهچائي رهيو آهيان جن سان مون کي موڪليو ويو آهي پر آءٌ اوهان کي ڏسان ٿو ته توهان جاهل قوم آهيو“.
فَلَمَّا رَاَوْهُ عَارِضًا مُّسْتَقْبِلَ اَوْدِیَتِهِمْ١ۙ قَالُوْا هٰذَا عَارِضٌ مُّمْطِرُنَا١ؕ بَلْ هُوَ مَا اسْتَعْجَلْتُمْ بِهٖ١ؕ رِیْحٌ فِیْهَا عَذَابٌ اَلِیْمٌۙ۲۴
پوءِ جڏهن انهن ان (عذاب) کي ڪڪر وانگر پنهنجي وادين جي سامهون ايندي ڏٺو تڏهن چيائون ته: ”هي اسان تي وسڻ وارو ڪڪر آهي“. (ائين نه هيو) بلڪه هي اهو (عذاب) آهي جنهن جي اچڻ جي اوهان جلدي مچائي رهيا هئا. اها هوا (انڌاري) آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي.
تُدَمِّرُ كُلَّ شَیْءٍۭ بِاَمْرِ رَبِّهَا فَاَصْبَحُوْا لَا یُرٰۤى اِلَّا مَسٰكِنُهُمْ١ؕ كَذٰلِكَ نَجْزِی الْقَوْمَ الْمُجْرِمِیْنَ۲۵
جو پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هر شيءِ کي برباد ڪري ڇڏيندو پوءِ اُهي اهڙا (تباھ) ٿيا جو سندن گهرن کان سواءِ ڪجھ به نظر نه ٿي آيو. اسان اهڙي طرح ڏوهاري قوم کي سزا ڏيندا آهيون.
وَ لَقَدْ مَكَّنّٰهُمْ فِیْمَاۤ اِنْ مَّكَّنّٰكُمْ فِیْهِ وَ جَعَلْنَا لَهُمْ سَمْعًا وَّ اَبْصَارًا وَّ اَفْـِٕدَةً١ۖ٘ فَمَاۤ اَغْنٰى عَنْهُمْ سَمْعُهُمْ وَ لَاۤ اَبْصَارُهُمْ وَ لَاۤ اَفْـِٕدَتُهُمْ مِّنْ شَیْءٍ اِذْ كَانُوْا یَجْحَدُوْنَ١ۙ بِاٰیٰتِ اللّٰهِ وَ حَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ یَسْتَهْزِءُوْنَ۠۲۶
۽ بيشڪ اسان انهن (قومِ عاد وارن) کي اهڙين ڳالهين تي طاقت ڏني هئي جن جي اسان اوهان (مڪي وارن) کي طاقت نه ڏني آهي، ۽ اسان انهن کي (عقل وارا) ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون پوءِ نه انهن جي ڪنن ۽ نه انهن جي اکين ۽ نه انهن جي دلين انهن کي فائدو ڏنو ڇو ته اُهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ انهن کي ان (عذاب) اچي گهيريو جنهن تي ٺٺولون ڪندا هئا.
وَ لَقَدْ اَهْلَكْنَا مَا حَوْلَكُمْ مِّنَ الْقُرٰى وَ صَرَّفْنَا الْاٰیٰتِ لَعَلَّهُمْ یَرْجِعُوْنَ۲۷
۽ (اي مڪي وارؤ!) بيشڪ اسان ڪيترا ڳوٺ برباد ڪيا جيڪي توهان جي آس پاس هئا، ۽ اسان نشانيون بار بار ظاهر ڪيون ته من اُهي باز اچن.
فَلَوْ لَا نَصَرَهُمُ الَّذِیْنَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ قُرْبَانًا اٰلِهَةً١ؕ بَلْ ضَلُّوْا عَنْهُمْ١ۚ وَ ذٰلِكَ اِفْكُهُمْ وَ مَا كَانُوْا یَفْتَرُوْنَ۲۸
پوءِ انهن (ڪوڙن معبودن) انهن جي مدد ڇونه ڪئي جن کي انهن (الله جي) ويجهي ٿيڻ لاءِ الله کي ڇڏي معبود بنايو هيو پر اُهي انهن کان گم ٿي ويا ۽ اُهو سندن ڪوڙ هيو، ۽ بهتان هيو جيڪو گھڙيندا هئا.
وَ اِذْ صَرَفْنَاۤ اِلَیْكَ نَفَرًا مِّنَ الْجِنِّ یَسْتَمِعُوْنَ الْقُرْاٰنَ١ۚ فَلَمَّا حَضَرُوْهُ قَالُوْۤا اَنْصِتُوْا١ۚ فَلَمَّا قُضِیَ وَ لَّوْا اِلٰى قَوْمِهِمْ مُّنْذِرِیْنَ۲۹
۽ جڏهن اسان جِنَن جي هڪ جماعت کي تو ڏانهن متوجھ ڪيو ته قرآن ٻُڌن، پوءِ جڏهن اُهي اتي پهتا (جتي تو قرآن پئي پڙهيو) تڏهن چيائون ته خاموش ٿي (ٻڌو)، پوءِ جڏهن (پڙهڻ) پورو ٿيو ته پنهنجي قوم ڏانهن ڊيڄارڻ وارا بنجي موٽيا.
قَالُوْا یٰقَوْمَنَاۤ اِنَّا سَمِعْنَا كِتٰبًا اُنْزِلَ مِنْۢ بَعْدِ مُوْسٰى مُصَدِّقًا لِّمَا بَیْنَ یَدَیْهِ یَهْدِیْۤ اِلَى الْحَقِّ وَ اِلٰى طَرِیْقٍ مُّسْتَقِیْمٍ۳۰
چيائون: ”اي اسان جي قوم! اسان اهڙو ڪتاب ٻُڌو آهي جيڪو موسيٰ کان پوءِ نازل ڪيو ويو آهي، جيڪو ان کان اڳ (آيل ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي سچي (دين) ۽ سڌي رستي طرف هدايت ڪري ٿو.
یٰقَوْمَنَاۤ اَجِیْبُوْا دَاعِیَ اللّٰهِ وَ اٰمِنُوْا بِهٖ یَغْفِرْ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَ یُجِرْكُمْ مِّنْ عَذَابٍ اَلِیْمٍ۳۱
اي اسان جي قوم! توهان الله ڏانهن سڏيندڙ جي ڳالھ قبول ڪيو ۽ ان تي ايمان آڻيو ته الله توهان جا گناھ معاف ڪندو ۽ توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو“.
وَ مَنْ لَّا یُجِبْ دَاعِیَ اللّٰهِ فَلَیْسَ بِمُعْجِزٍ فِی الْاَرْضِ وَ لَیْسَ لَهٗ مِنْ دُوْنِهٖۤ اَوْلِیَآءُ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ فِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ۳۲
۽ جيڪو الله ڏانهن سڏيندڙ جي ڳالھ قبول نه ڪندو سو زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارو نه آهي ۽ نه ئي ان جي لاءِ الله جي مقابلي ۾ ڪي مددگار هوندا. اُهي پڌري گمراهي ۾ آهن.
اَوَ لَمْ یَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِیْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ لَمْ یَعْیَ بِخَلْقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلٰۤى اَنْ یُّحْیَِۧ الْمَوْتٰى١ؕ بَلٰۤى اِنَّهٗ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۳۳
ڇا اُهي نه ٿا ڏسن ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي بنايو آهي ۽ اُهو انهن جي پيدا ڪرڻ کان ٿَڪو نه آهي، ان ڳالھ تي قادر آهي جو مُردن کي جِياري. ڇو نه! بيشڪ اُهو هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي.
وَ یَوْمَ یُعْرَضُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا عَلَى النَّارِ١ؕ اَلَیْسَ هٰذَا بِالْحَقِّ١ؕ قَالُوْا بَلٰى وَ رَبِّنَا١ؕ قَالَ فَذُوْقُوا الْعَذَابَ بِمَا كُنْتُمْ تَكْفُرُوْنَ۳۴
۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باھ جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (کين چيو ويندو) ”ڇا هي سچ نه آهي“؟ چوندا: ”هائو اسان جي پالڻهار جو قسم آهي“ (الله) فرمائيندو: ”پوءِ عذاب (جو مزو) چکو جنهن جو توهان انڪار ڪندا هئا“.
فَاصْبِرْ كَمَا صَبَرَ اُولُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ وَ لَا تَسْتَعْجِلْ لَّهُمْ١ؕ كَاَنَّهُمْ یَوْمَ یَرَوْنَ مَا یُوْعَدُوْنَ١ۙ لَمْ یَلْبَثُوْۤا اِلَّا سَاعَةً مِّنْ نَّهَارٍ١ؕ بَلٰغٌ١ۚ فَهَلْ یُهْلَكُ اِلَّا الْقَوْمُ الْفٰسِقُوْنَ۠۳۵
پوءِ تون صبر ڪر جيئن وڏي همت وارن رسولن صبر ڪيو هيو ۽ انهن لاءِ (عذاب) جلد اچڻ جي گهُر نه ڪر. جنهن ڏينهن اُهي ان (آخرت جي عذاب) کي ڏسندا جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو وڃي ٿو ته (سمجهندا) ڄڻڪ اُهي (دنيا ۾) ڏينهن جي گهڙي کان سواءِ ترسيا ئي نه هئا. (هي) پيغام پهچائڻ آهي، پوءِ نافرمان قوم کان سواءِ ڪوبه برباد ڪونه ڪيو ويندو.
اَلَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ صَدُّوْا عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ۱
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي رستي کان روڪيائون (الله) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو.
وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ اٰمَنُوْا بِمَا نُزِّلَ عَلٰى مُحَمَّدٍ وَّ هُوَ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ١ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَیِّاٰتِهِمْ وَ اَصْلَحَ بَالَهُمْ۲
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ ان (قرآن) تي ايمان آندائون جيڪو محمد (ﷺ) تي نازل ڪيو ويو آهي اُهو ئي سندن پالڻهار پاران سچ آهي، الله انهن جون برايون انهن (جي اعمال نامي) تان ميٽائي ڇڏيون ۽ سندن حالُ سنواري ڇڏيائين.
ذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَ اَنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ١ؕ كَذٰلِكَ یَضْرِبُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ۳
اُهو هن ڪري جو ڪافرن ڪوڙ جي پيروي ڪئي ۽ بيشڪ جن ايمان آندو تن ان سچ جي پيروي ڪئي جيڪو سندن پالڻهار پاران آهي. اهڙي طرح الله ماڻهن لاءِ انهن جا احوال بيان ڪري ٿو.
فَاِذَا لَقِیْتُمُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ١ؕ حَتّٰۤى اِذَاۤ اَثْخَنْتُمُوْهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ١ۙۗ فَاِمَّا مَنًّۢا بَعْدُ وَ اِمَّا فِدَآءً حَتّٰى تَضَعَ الْحَرْبُ اَوْزَارَهَا١ۛ۫ۚ۬ ذٰؔلِكَ١ۛؕ وَ لَوْ یَشَآءُ اللّٰهُ لَانْتَصَرَ مِنْهُمْ وَ لٰكِنْ لِّیَبْلُوَاۡ بَعْضَكُمْ بِبَعْضٍ١ؕ وَ الَّذِیْنَ قُتِلُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ فَلَنْ یُّضِلَّ اَعْمَالَهُمْ۴
پوءِ جڏهن توهان جو مقابلو ڪافرن سان ٿئي ته (جنگ دوران) انهن جا ڪنڌ ڪپيو. ايستائين جو جڏهن انهن کي چڱي طرح قتل ڪري چُڪو ته (باقي قيدين کي) مضبوطي سان ٻَڌو، پوءِ ان کان بعد يا ته (کين بنا معاوضي) احسان ڪري (ڇڏي ڏيو) يا فديو وٺي ڇڏي ڏيو. ايستائين جو جنگ (ڪندڙ مخالف لشڪر) پنهنجا هٿيار رکي (يعني صلح ڪري) .. حڪم اُهو آهي.. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کان (بنا جنگ جي) بدلو وٺي ها ۽ پر (ائين هن لاءِ نه ڪيائين جو) توهان مان هڪڙن کي ٻين ذريعي آزمائي. ۽ جيڪي الله جي رستي ۾ قتل ڪيا ويا تن جي عملن کي هرگز برباد ڪونه ڪندو.
سَیَهْدِیْهِمْ وَ یُصْلِحُ بَالَهُمْۚ۵
جلد انهن کي (سڌي) رستي جي رهنمائي ڪندو ۽ انهن جي حالت سڌاريندو.
وَ یُدْخِلُهُمُ الْجَنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ۶
۽ انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو جنهن جي انهن کي سڃاڻ ڪرائي اٿس.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ یَنْصُرْكُمْ وَ یُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ۷
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله (جي دين) جي مدد ڪندؤ ته اُهو توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي پيرن کي مضبوط ڄمائيندو.
وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ۸
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ هلاڪت آهي ۽ الله انهن جي عملن کي ڀٽڪائي ڇڏيو.
ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَرِهُوْا مَاۤ اَنْزَلَ اللّٰهُ فَاَحْبَطَ اَعْمَالَهُمْ۹
اُهو هن ڪري جو جيڪي الله نازل ڪيو آهي ان کي ناپسند ڪيائون پوءِ انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيائين.
اَفَلَمْ یَسِیْرُوْا فِی الْاَرْضِ فَیَنْظُرُوْا كَیْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ١ؕ دَمَّرَ اللّٰهُ عَلَیْهِمْ١٘ وَ لِلْكٰفِرِیْنَ اَمْثَالُهَا۱۰
ڇا انهن زمين جو سير نه ڪيو آهي؟ جو ڏسن ته انهن جو انجام ڪيئن ٿيو جيڪي انهن کان اڳ هئا. الله انهن جو سڀ ڪجھ مٿن اُلٽائي ڇڏيو ۽ ڪافرن لاءِ به اهڙيون ئي (سزائون) آهن.
ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ مَوْلَى الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ اَنَّ الْكٰفِرِیْنَ لَا مَوْلٰى لَهُمْ۠۱۱
اُهو هن ڪري ته الله ايمان وارن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪوبه مددگار نه آهي.
اِنَّ اللّٰهَ یُدْخِلُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ١ؕ وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا یَتَمَتَّعُوْنَ وَ یَاْكُلُوْنَ كَمَا تَاْكُلُ الْاَنْعَامُ وَ النَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ۱۲
بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون اهڙن بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هونديون. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (ڪجھ وقت دنياوي) فائدا وٺي رهيا آهن ۽ ائين کائن ٿا جيئن (حلال حرام جي فرق کان سواءِ) جانور کائيندا آهن ۽ دوزخ انهن جي جاءِ آهي.
وَ كَاَیِّنْ مِّنْ قَرْیَةٍ هِیَ اَشَدُّ قُوَّةً مِّنْ قَرْیَتِكَ الَّتِیْۤ اَخْرَجَتْكَ١ۚ اَهْلَكْنٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ۱۳
۽ ڪيترائي ڳوٺ هئا جي تنهنجي هن ڳوٺ (مڪي) کان جنهن (جي رهڻ وارن) تو کي (بصورتِ هجرت) ڪڍي ڇڏيو آهي وڌيڪ طاقتور هئا اسان انهن کي ائين برباد ڪري ڇڏيو جو انهن جو ڪو به بچائڻ وارو نه ٿيو.
اَفَمَنْ كَانَ عَلٰى بَیِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ كَمَنْ زُیِّنَ لَهٗ سُوْٓءُ عَمَلِهٖ وَ اتَّبَعُوْۤا اَهْوَآءَهُمْ۱۴
ڇا پوءِ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي طرفان چِٽي دليل تي (قائم) آهي انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو؟ جن لاءِ انهن جا بُرا عمل سينگاريا ويا. ۽ اُهي پنهنجي خواهش تي هلن ٿا.
مَثَلُ الْجَنَّةِ الَّتِیْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ١ؕ فِیْهَاۤ اَنْهٰرٌ مِّنْ مَّآءٍ غَیْرِ اٰسِنٍ١ۚ وَ اَنْهٰرٌ مِّنْ لَّبَنٍ لَّمْ یَتَغَیَّرْ طَعْمُهٗ١ۚ وَ اَنْهٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشّٰرِبِیْنَ١ۚ۬ وَ اَنْهٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى١ؕ وَ لَهُمْ فِیْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَ مَغْفِرَةٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ١ؕ كَمَنْ هُوَ خَالِدٌ فِی النَّارِ وَ سُقُوْا مَآءً حَمِیْمًا فَقَطَّعَ اَمْعَآءَهُمْ۱۵
جنهن بهشت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي ان جي صفت هي آهي جو ان ۾ (اهڙي) پاڻي جون نهرون آهن جو نه بگڙڻ وارو آهي ۽ اهڙي کير جون نهرون آهن جنهن جو ذائقو نه مٽبو ۽ اهڙي شراب جون نهرون آهن جنهن ۾ پيئڻ وارن لاءِ لذت آهي، ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جون نهرون آهن، ۽ انهن لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا آهن، ۽ سندن پالڻهار پاران بخشش آهي اُهي (پرهيزگار) انهن جهڙا آهن ڇا جيڪي هميشه دوزخ ۾ رهڻ وارا آهن ۽ انهن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو ته اُهو سندن آنڊن کي وڍي ڇڏيندو.
وَ مِنْهُمْ مَّنْ یَّسْتَمِعُ اِلَیْكَ١ۚ حَتّٰۤى اِذَا خَرَجُوْا مِنْ عِنْدِكَ قَالُوْا لِلَّذِیْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ مَا ذَا قَالَ اٰنِفًا١۫ اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰى قُلُوْبِهِمْ وَ اتَّبَعُوْۤا اَهْوَآءَهُمْ۱۶
۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي تو ڏانهن ڪَنُ ڏين ٿا ايستائين جو جڏهن تو وٽان نڪرن ٿا ته انهن ماڻهن کي چون ٿا جن کي علم ڏنو ويو هاڻي ان (يعني رسول الله ﷺ) ڇا چيو؟ هي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي الله مُهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اِهي پنهنجي خواهش جي پيروي ڪري رهيا آهن.
وَ الَّذِیْنَ اهْتَدَوْا زَادَهُمْ هُدًى وَّ اٰتٰىهُمْ تَقْوٰىهُمْ۱۷
۽ جيڪي هدايت يافته آهن الله انهن کي هدايت ۾ وڌايو آهي. ۽ کين سندن پرهيزگاري عطا ڪئي آهي.
فَهَلْ یَنْظُرُوْنَ اِلَّا السَّاعَةَ اَنْ تَاْتِیَهُمْ بَغْتَةً١ۚ فَقَدْ جَآءَ اَشْرَاطُهَا١ۚ فَاَنّٰى لَهُمْ اِذَا جَآءَتْهُمْ ذِكْرٰىهُمْ۱۸
پوءِ اُهي (ڪافر) نه ٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو ته اها مٿن اوچتي اچي، پوءِ بيشڪ ان جون نشانيون اچي چڪيون آهن پوءِ انهن کي انهن جي نصيحت ڪٿي (فائديمند) ٿيندي جڏهن قيامت اچي پهچندي.
فَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَ اسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ١ؕ وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَ مَثْوٰىكُمْ۠۱۹
پوءِ تون ڄاڻ ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي پوءِ پنهنجي خلافِ اوليٰ ڪمن ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ بخشش گهر. ۽ الله توهان جي اچڻ وڃڻ جي جاءِ ۽ توهان جي رهائش جي جاءِ کي ڄاڻي ٿو.
وَ یَقُوْلُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَوْ لَا نُزِّلَتْ سُوْرَةٌ١ۚ فَاِذَاۤ اُنْزِلَتْ سُوْرَةٌ مُّحْكَمَةٌ وَّ ذُكِرَ فِیْهَا الْقِتَالُ١ۙ رَاَیْتَ الَّذِیْنَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ یَّنْظُرُوْنَ اِلَیْكَ نَظَرَ الْمَغْشِیِّ عَلَیْهِ مِنَ الْمَوْتِ١ؕ فَاَوْلٰى لَهُمْۚ۲۰
۽ ايمان وارا چون ٿا ته (جهاد جي حڪمت بابت) ڇا لاءِ ڪا سورت نازل نه ڪئي وئي؟ پوءِ جڏهن ڪا ظاهر معنيٰ واري سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ جنگ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته تون انهن ماڻهن کي ڏسندين جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي ته اهي تو ڏانهن ان ماڻهو جي نهارڻ وانگر ڏسن ٿا جنهن تي موت جي غشي طاري ٿيل هجي. سو انهن لاءِ خرابي آهي.
طَاعَةٌ وَّ قَوْلٌ مَّعْرُوْفٌ١۫ فَاِذَا عَزَمَ الْاَمْرُ١۫ فَلَوْ صَدَقُوا اللّٰهَ لَكَانَ خَیْرًا لَّهُمْۚ۲۱
فرمانبرداري ۽ چڱي ڳالھ (انهن لاءِ بهتر) آهي. پوءِ جڏهن (جنگ ڪرڻ جو) ارادو پڪو ٿئي تڏهن اُهي الله سان سچا رهن ته انهن لاءِ ڀلائي آهي.
فَهَلْ عَسَیْتُمْ اِنْ تَوَلَّیْتُمْ اَنْ تُفْسِدُوْا فِی الْاَرْضِ وَ تُقَطِّعُوْۤا اَرْحَامَكُمْ۲۲
پوءِ (اي منافقو!) اوهان کان اها به اميد آهي ته جيڪڏهن توهان کي حڪومت ملي ته توهان زمين ۾ فساد ڪيو ۽ پنهنجون مائٽيون ٽوڙيو.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ لَعَنَهُمُ اللّٰهُ فَاَصَمَّهُمْ وَ اَعْمٰۤى اَبْصَارَهُمْ۲۳
اِهي ماڻهو اُهي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي پوءِ ان کين ٻوڙو ڪيو ۽ انهن جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيائين.
اَفَلَا یَتَدَبَّرُوْنَ الْقُرْاٰنَ اَمْ عَلٰى قُلُوْبٍ اَقْفَالُهَا۲۴
ڇا پوءِ اُهي قرآن ۾ غور نه ٿا ڪن يا ته انهن جي دلين تي تالا آهن.
اِنَّ الَّذِیْنَ ارْتَدُّوْا عَلٰۤى اَدْبَارِهِمْ مِّنْۢ بَعْدِ مَا تَبَیَّنَ لَهُمُ الْهُدَى١ۙ الشَّیْطٰنُ سَوَّلَ لَهُمْ١ؕ وَ اَمْلٰى لَهُمْ۲۵
بيشڪ جيڪي ماڻهو پُٺِيون ڦيرائي پوئتي (ڪفر ڏانهن) موٽيا هن کان پوءِ جو انهن لاءِ سڌي واٽ ظاهر ٿي چُڪي شيطان انهن جي دلين ۾ اُهو خيال ويهاريو. ۽ انهن کي (دنيا ۾) ڊگهي زندگي جي آس ڏياريائين.
ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَالُوْا لِلَّذِیْنَ كَرِهُوْا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ سَنُطِیْعُكُمْ فِیْ بَعْضِ الْاَمْرِ١ۖۚ وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ اِسْرَارَهُمْ۲۶
اُهو هن ڪري جو اِنهن اُنهن ماڻهن کي چيو جن الله جي نازل ڪيل (ڪتاب) کي ناپسند ڪيو ته اسان ڪن ڪمن ۾ توهان جي پيروي ڪنداسين. ۽ الله سندن لڪي ڳالھ ڪرڻ کي ڄاڻي ٿو.
فَكَیْفَ اِذَا تَوَفَّتْهُمُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ یَضْرِبُوْنَ وُجُوْهَهُمْ وَ اَدْبَارَهُمْ۲۷
پوءِ ان وقت انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن ملائڪ سندن ساھ ڪڍندا ۽ انهن جي منهن ۽ پُٺين کي ماريندا ڪُٽيندا ويندا.
ذٰلِكَ بِاَنَّهُمُ اتَّبَعُوْا مَاۤ اَسْخَطَ اللّٰهَ وَ كَرِهُوْا رِضْوَانَهٗ فَاَحْبَطَ اَعْمَالَهُمْ۠۲۸
اُهو هن ڪري جو انهن ان (رِيتِ) جي پيروي ڪئي جا الله کي ناراض ڪري ٿي ۽ انهن سندس رضامندي کي ناپسند ڪيو پوءِ الله سندن عملن کي چَٽُ ڪري ڇڏيو.
اَمْ حَسِبَ الَّذِیْنَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ اَنْ لَّنْ یُّخْرِجَ اللّٰهُ اَضْغَانَهُمْ۲۹
ڇا انهن ماڻهن جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي هي گمان ڪيو آهي ته الله سندن ڪيني کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو؟
وَ لَوْ نَشَآءُ لَاَرَیْنٰكَهُمْ فَلَعَرَفْتَهُمْ بِسِیْمٰىهُمْ١ؕ وَ لَتَعْرِفَنَّهُمْ فِیْ لَحْنِ الْقَوْلِ١ؕ وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ اَعْمَالَكُمْ۳۰
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته اُهي (منافق) تو کي ڏيکاري ڇڏيون جو تون انهن کي سندن چهرن جي نشانن سان سڃاڻي وٺين. ۽ تون انهن کي انهن جي ڳالهائڻ جي ڍنگ مان سڃاڻي وٺندين. ۽ الله توهان جي عملن کي ڄاڻي ٿو.
وَ لَنَبْلُوَنَّكُمْ حَتّٰى نَعْلَمَ الْمُجٰهِدِیْنَ مِنْكُمْ وَ الصّٰبِرِیْنَ١ۙ وَ نَبْلُوَاۡ اَخْبَارَكُمْ۳۱
۽ اسان ضرور توهان کي پرکينداسين ايستائين جو توهان مان جهاد ڪرڻ وارن ۽ صبر ڪرڻ وارن کي ظاهر ڪيون، ۽ اسان توهان جي حالتن جي به جاچ ڪنداسين.
اِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ صَدُّوْا عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ وَ شَآقُّوا الرَّسُوْلَ مِنْۢ بَعْدِ مَا تَبَیَّنَ لَهُمُ الْهُدٰى١ۙ لَنْ یَّضُرُّوا اللّٰهَ شَیْـًٔا١ؕ وَ سَیُحْبِطُ اَعْمَالَهُمْ۳۲
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي رستي کان روڪيائون ۽ رسول جي مخالفت ڪيائون ان کان پوءِ جو مٿن سڌو رستو پڌرو ٿي چڪو ته اُهي الله (جي رسول) جو ڪجھ به بگاڙي نه سگهندا. ۽ سگهوئي الله سندن عمل چٽ ڪري ڇڏيندو.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوا الرَّسُوْلَ وَ لَا تُبْطِلُوْۤا اَعْمَالَكُمْ۳۳
اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ پنهنجا عمل برباد نه ڪيو.
اِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ صَدُّوْا عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ثُمَّ مَاتُوْا وَ هُمْ كُفَّارٌ فَلَنْ یَّغْفِرَ اللّٰهُ لَهُمْ۳۴
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي راھ کان روڪيائون پوءِ ان حال ۾ مري ويا جو اُهي ڪافر هئا ته الله انهن کي اصل معاف نه ڪندو.
فَلَا تَهِنُوْا وَ تَدْعُوْۤا اِلَى السَّلْمِ١ۖۗ وَ اَنْتُمُ الْاَعْلَوْنَ١ۖۗ وَ اللّٰهُ مَعَكُمْ وَ لَنْ یَّتِرَكُمْ اَعْمَالَكُمْ۳۵
(اي مؤمنو!) پوءِ توهان همت نه هاريو ۽ نه (ڪافرن کي) صلح ڏانهن سڏيو ۽ توهان ئي غالب رهندؤ ۽ الله توهان سان گڏ آهي ۽ توهان جي عملن کي ضايع نه ڪندو.
اِنَّمَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَا لَعِبٌ وَّ لَهْوٌ١ؕ وَ اِنْ تُؤْمِنُوْا وَ تَتَّقُوْا یُؤْتِكُمْ اُجُوْرَكُمْ وَ لَا یَسْـَٔلْكُمْ اَمْوَالَكُمْ۳۶
دنيا جي زندگي ته صرف راند ۽ تماشو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان ايمان آڻيندؤ ۽ پرهيزگاري ڪندؤ ته توهان کي توهان جا اجورا عطا ڪندو ۽ توهان کان توهان جا مال طلب نه ڪندو.
اِنْ یَّسْـَٔلْكُمُوْهَا فَیُحْفِكُمْ تَبْخَلُوْا وَ یُخْرِجْ اَضْغَانَكُمْ۳۷
جيڪڏهن اُهو اوهان کان اوهان جا مال طلب ڪري ۽ پوءِ توهان کان سڀ جو سڀ طلب ڪري ته توهان بخيلي ڪندؤ، ۽ اُهو توهان جي ڪيني کي ظاهر ڪندو.
هٰۤاَنْتُمْ هٰۤؤُلَآءِ تُدْعَوْنَ لِتُنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١ۚ فَمِنْكُمْ مَّنْ یَّبْخَلُ١ۚ وَ مَنْ یَّبْخَلْ فَاِنَّمَا یَبْخَلُ عَنْ نَّفْسِهٖ١ؕ وَ اللّٰهُ الْغَنِیُّ وَ اَنْتُمُ الْفُقَرَآءُ١ۚ وَ اِنْ تَتَوَلَّوْا یَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَیْرَكُمْ١ۙ ثُمَّ لَا یَكُوْنُوْۤا اَمْثَالَكُمْ۠۳۸
هائو! اوهان اُهي آهيو جو الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ سڏيا وڃو ٿا ته توهان مان ڪي بخيلي ڪرڻ لڳن ٿا ۽ جيڪو بخيلي ڪري ٿو سو رڳو پاڻ سان بخيلي ڪري ٿو. ۽ الله بي پرواھ آهي ۽ توهان محتاج آهيو ۽ جيڪڏهن توهان ڦرندؤ ته توهان کان سواءِ ٻي قوم کي توهان جي جاءِ تي آڻيندو پوءِ اُهي توهان جهڙا نه هوندا.
لِّیَغْفِرَ لَكَ اللّٰهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْۢبِكَ وَ مَا تَاَخَّرَ وَ یُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَیْكَ وَ یَهْدِیَكَ صِرَاطًا مُّسْتَقِیْمًاۙ۲
ته جيئن الله تنهنجي لاءِ تنهنجي اڳين ۽ پوين خلافِ اوليٰ ڪمن کي معاف ڪري ۽ تو تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري ۽ تو کي سڌي واٽ سان هلائي.
هُوَ الَّذِیْۤ اَنْزَلَ السَّكِیْنَةَ فِیْ قُلُوْبِ الْمُؤْمِنِیْنَ لِیَزْدَادُوْۤا اِیْمَانًا مَّعَ اِیْمَانِهِمْ١ؕ وَ لِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ عَلِیْمًا حَكِیْمًاۙ۴
اُهو (الله) ئي آهي جنهن ايمان وارن جي دلين ۾ اطمينان نازل ڪيو هن لاءِ ته انهن جي ايمان تي مزيد ايمان جو واڌارو ٿئي. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا ئي آهن. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
لِّیُدْخِلَ الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا وَ یُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَیِّاٰتِهِمْ١ؕ وَ كَانَ ذٰلِكَ عِنْدَ اللّٰهِ فَوْزًا عَظِیْمًاۙ۵
هن لاءِ به ته مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل فرمائي جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن ۽ انهن کان انهن جون مدايون ميٽي. ۽ اِها الله وٽ وڏي ڪاميابي آهي.
وَّ یُعَذِّبَ الْمُنٰفِقِیْنَ وَ الْمُنٰفِقٰتِ وَ الْمُشْرِكِیْنَ وَ الْمُشْرِكٰتِ الظَّآنِّیْنَ بِاللّٰهِ ظَنَّ السَّوْءِ١ؕ عَلَیْهِمْ دَآىِٕرَةُ السَّوْءِ١ۚ وَ غَضِبَ اللّٰهُ عَلَیْهِمْ وَ لَعَنَهُمْ وَ اَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ١ؕ وَ سَآءَتْ مَصِیْرًا۶
۽ (هن لاءِ به ته) منافق مردن ۽ منافق عورتن کي ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي عذاب ڏئي جيڪي الله ۾ بريون بدگمانيون رکن ٿا. انهن مٿان بري گردش آهي. ۽ الله انهن مٿان ڏمريو آهي ۽ انهن تي لعنت ڪيائين ۽ انهن لاءِ جهنم تيار ڪيائين ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٽڪاڻو آهي.
وَ لِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ عَزِیْزًا حَكِیْمًا۷
۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر سڀ الله جا آهن. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.
اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیْرًاۙ۸
(اي نبي!) بيشڪ اسان توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي موڪليو آهي.
لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُ١ؕ وَ تُسَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا۹
هن لاءِ ته (اي انسانو) اوهان الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪيو ۽ سندس تعظيم ۽ توقير ڪيو. ۽ صبح ۽ شام (الله جي) پاڪائي بيان ڪيو.
اِنَّ الَّذِیْنَ یُبَایِعُوْنَكَ اِنَّمَا یُبَایِعُوْنَ اللّٰهَ١ؕ یَدُ اللّٰهِ فَوْقَ اَیْدِیْهِمْ١ۚ فَمَنْ نَّكَثَ فَاِنَّمَا یَنْكُثُ عَلٰى نَفْسِهٖ١ۚ وَ مَنْ اَوْفٰى بِمَا عٰهَدَ عَلَیْهُ اللّٰهَ فَسَیُؤْتِیْهِ اَجْرًا عَظِیْمًا۠۱۰
(اي نبي!) بيشڪ جيڪي ماڻهو تو سان بيعت ڪن ٿا اُهي ته الله سان ئي بيعت ڪن ٿا انهن جي هٿن مٿان الله جو هٿ آهي. پوءِ جنهن عهد ٽوڙيو ان پنهنجي نقصان ڪاڻ ئي عهد ڀڳو ۽ جنهن الله سان ڪيل معاهدو پورو ڪيو ته پوءِ سگهو ئي الله ان کي زبردست اجر عطا ڪندو.
سَیَقُوْلُ لَكَ الْمُخَلَّفُوْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ شَغَلَتْنَاۤ اَمْوَالُنَا وَ اَهْلُوْنَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا١ۚ یَقُوْلُوْنَ بِاَلْسِنَتِهِمْ مَّا لَیْسَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ١ؕ قُلْ فَمَنْ یَّمْلِكُ لَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَیْـًٔا اِنْ اَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا١ؕ بَلْ كَانَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِیْرًا۱۱
ٻهراڙي وارن مان (حديبه جي سفر ۾ شرڪت کان) پوئتي رهجي وڃڻ وارا سگهو ئي تو کي چوندا ته: ”اسان کي اسان جي مالن ۽ گهروارن مشغول رکيو هيو. پوءِ تون اسان لاءِ بخشش طلب ڪر“. اُهي پنهنجي زبانن سان اِها ڳالھ چون ٿا جا سندن دلين ۾ نه آهي. تون چؤ ته: ”ڪير آهي جيڪو توهان جي الله جي مقابلي ۾ ڪنهن شيءِ جي مالڪي ڪندو جيڪڏهن ان توهان جي نقصان جو ارادو ڪيو يا توهان جي نفعي جو ارادو ڪيو؟ بلڪه الله توهان جي ڪمن کان با خبر آهي.
بَلْ ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ یَّنْقَلِبَ الرَّسُوْلُ وَ الْمُؤْمِنُوْنَ اِلٰۤى اَهْلِیْهِمْ اَبَدًا وَّ زُیِّنَ ذٰلِكَ فِیْ قُلُوْبِكُمْ وَ ظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ١ۖۚ وَ كُنْتُمْ قَوْمًۢا بُوْرًا۱۲
بلڪه توهان هي گمان ڪيو هيو ته رسول ۽ ايمان وارا پنهنجي ٻارن ٻچن ڏي ڪڏهن به واپس نه موٽندا ۽ اِهو خيال توهان جي دلين ۾ چڱو ڪري ڏيکاريو ويو هيو ۽ توهان گمان ڪيو بڇڙو گمان. ۽ توهان هلاڪ بنجڻ واري قوم ٿي ويا“.
وَ مَنْ لَّمْ یُؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ فَاِنَّاۤ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِیْنَ سَعِیْرًا۱۳
۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول تي ايمان نه آڻي ته پوءِ بلاشڪ اسان ڪافرن لاءِ دوزخ تيار ڪري رکيو آهي.
وَ لِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ یَغْفِرُ لِمَنْ یَّشَآءُ وَ یُعَذِّبُ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا۱۴
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت الله لاءِ ئي آهي. جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي سزا ڏئي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
سَیَقُوْلُ الْمُخَلَّفُوْنَ اِذَا انْطَلَقْتُمْ اِلٰى مَغَانِمَ لِتَاْخُذُوْهَا ذَرُوْنَا نَتَّبِعْكُمْ١ۚ یُرِیْدُوْنَ اَنْ یُّبَدِّلُوْا كَلٰمَ اللّٰهِ١ؕ قُلْ لَّنْ تَتَّبِعُوْنَا كَذٰلِكُمْ قَالَ اللّٰهُ مِنْ قَبْلُ١ۚ فَسَیَقُوْلُوْنَ بَلْ تَحْسُدُوْنَنَا١ؕ بَلْ كَانُوْا لَا یَفْقَهُوْنَ اِلَّا قَلِیْلًا۱۵
جڏهن توهان مالِ غنيمت حاصل ڪرڻ لاءِ هلندؤ ته پوئتي رهجي وڃڻ وارا جلدي چوندا اسان کي به اجازت ڏيو ته توهان سان گڏجي هلون، اِهي چاهن ٿا ته الله جي فرمان کي بدلائن. تون چؤ ته: ”توهان هرگز اسان سان گڏ هلي نه ٿا سگھو اهڙي طرح الله اڳ فرمائي چڪو آهي“، سو هاڻي چوندا ته: ”بلڪه توهان اسان سان حسد ڪيو ٿا“. بلڪه ڳالھ هي آهي ته اِهي (حق ڳالھ کي) گهٽ ئي سمجهن ٿا.
قُلْ لِّلْمُخَلَّفِیْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ سَتُدْعَوْنَ اِلٰى قَوْمٍ اُولِیْ بَاْسٍ شَدِیْدٍ تُقَاتِلُوْنَهُمْ اَوْ یُسْلِمُوْنَ١ۚ فَاِنْ تُطِیْعُوْا یُؤْتِكُمُ اللّٰهُ اَجْرًا حَسَنًا١ۚ وَ اِنْ تَتَوَلَّوْا كَمَا تَوَلَّیْتُمْ مِّنْ قَبْلُ یُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِیْمًا۱۶
ٻهراڙي وارن مان پوئتي رهجي وڃڻ وارن کي چؤ ته: ”توهان جلد هڪ ويڙهُو قوم (سان جهاد) لاءِ سڏيا ويندؤ توهان انهن سان وڙهندا رهندؤ يا اُهي مسلمان ٿي ويندا، پوءِ جيڪڏهن توهان حڪم مڃندؤ ته الله اوهان کي بهترين بدلو ڏيندو، ۽ جيڪڏهن پُٺ ڦيريندؤ جيئن توهان هن کان اڳ پُٺ ڦيري چڪا آهيو ته اُهو توهان کي دردناڪ عذاب (۾ مبتلا) ڪندو.
لَیْسَ عَلَى الْاَعْمٰى حَرَجٌ وَّ لَا عَلَى الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّ لَا عَلَى الْمَرِیْضِ حَرَجٌ١ؕ وَ مَنْ یُّطِعِ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ یُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ١ۚ وَ مَنْ یَّتَوَلَّ یُعَذِّبْهُ عَذَابًا اَلِیْمًا۠۱۷
(جهاد کان رهجي وڃڻ ۾) انڌي تي ڪو گناھ نه آهي نه منڊي تي ڪو گناھ آهي ۽ نه بيمار تي ڪا تڪليف آهي. ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته اُهو کيس بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون، ۽ جيڪو (فرمانبرداري کان) منهن موڙيندو اُهو ان کي دردناڪ عذاب ڏيندو“.
لَقَدْ رَضِیَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِیْنَ اِذْ یُبَایِعُوْنَكَ تَحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِیْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِیْنَةَ عَلَیْهِمْ وَ اَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِیْبًاۙ۱۸
بيشڪ الله ايمان وارن سان راضي ٿي ويو جڏهن اُهي (حديبيه ۾) وڻ جي هيٺان تو سان بيعت ڪري رهيا هئا پوءِ (الله) ڄاتو پئي جيڪي سندن دلين ۾ هيو سو انهن (جي دلين) تي اطمينان لاٿائين پوءِ انهن کي بدلي ۾ ويجهڙي فتح ڏنائين.
وَّ مَغَانِمَ كَثِیْرَةً یَّاْخُذُوْنَهَا١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ عَزِیْزًا حَكِیْمًا۱۹
۽ گهڻيون غنيمتون (به) جيڪي اُهي حاصل ڪندا، ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.
وَعَدَكُمُ اللّٰهُ مَغَانِمَ كَثِیْرَةً تَاْخُذُوْنَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هٰذِهٖ وَ كَفَّ اَیْدِیَ النَّاسِ عَنْكُمْ١ۚ وَ لِتَكُوْنَ اٰیَةً لِّلْمُؤْمِنِیْنَ وَ یَهْدِیَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِیْمًاۙ۲۰
الله اوهان سان گهڻين غنيمتن جو وعدو ڪيو آهي جن کي حاصل ڪندؤ پر ان هيءَ (غنيمتِ خيبر) توهان کي جلدي ڏني آهي ۽ ماڻهن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيائين. هن لاءِ ته ايمان وارن لاءِ نشاني ٿئي ۽ توهان کي سڌي واٽ تي هلائي.
وَّ اُخْرٰى لَمْ تَقْدِرُوْا عَلَیْهَا قَدْ اَحَاطَ اللّٰهُ بِهَا١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرًا۲۱
۽ ٻيون (فتحون) به جن تي توهان قادر نه هيا بيشڪ الله (توهان لاءِ) انهن جو به احاطو فرمايو آهي. ۽ الله هر شيءِ تي طاقت رکڻ وارو آهي.
وَ لَوْ قٰتَلَكُمُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَوَلَّوُا الْاَدْبَارَ ثُمَّ لَا یَجِدُوْنَ وَلِیًّا وَّ لَا نَصِیْرًا۲۲
۽ جيڪڏهن ڪافر اوهان سان جنگ ڪن ها ته ضرور پٺيون ڏئي ڀڄن ها پوءِ اُهي نه ڪو دوست لهن ها ۽ نه مددگار.
سُنَّةَ اللّٰهِ الَّتِیْ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلُ١ۖۚ وَ لَنْ تَجِدَ لِسُنَّةِ اللّٰهِ تَبْدِیْلًا۲۳
هي الله جو جاري ٿيل دستور آهي جيڪو اڳي کان هلندڙ آهي، ۽ تون الله جي دستور ۾ هرگز ڪابه تبديلي نه لهندين.
وَ هُوَ الَّذِیْ كَفَّ اَیْدِیَهُمْ عَنْكُمْ وَ اَیْدِیَكُمْ عَنْهُمْ بِبَطْنِ مَكَّةَ مِنْۢ بَعْدِ اَنْ اَظْفَرَكُمْ عَلَیْهِمْ١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِیْرًا۲۴
۽ الله اُهو آهي جنهن مڪي جي وادي ۾ انهن جا هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان روڪيا ان کان پوءِ جو ان اوهان کي انهن مٿان غلبو عطا ڪري ڇڏيو هيو. ۽ جيڪي ڪم اوهان ڪيو ٿا الله انهن کي ڏسندڙ آهي.
هُمُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَ الْهَدْیَ مَعْكُوْفًا اَنْ یَّبْلُغَ مَحِلَّهٗ١ؕ وَ لَوْ لَا رِجَالٌ مُّؤْمِنُوْنَ وَ نِسَآءٌ مُّؤْمِنٰتٌ لَّمْ تَعْلَمُوْهُمْ اَنْ تَطَـُٔوْهُمْ فَتُصِیْبَكُمْ مِّنْهُمْ مَّعَرَّةٌۢ بِغَیْرِ عِلْمٍ١ۚ لِیُدْخِلَ اللّٰهُ فِیْ رَحْمَتِهٖ مَنْ یَّشَآءُ١ۚ لَوْ تَزَیَّلُوْا لَعَذَّبْنَا الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْهُمْ عَذَابًا اَلِیْمًا۲۵
هي اُهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي عزت واري مسجد کان روڪيائون ۽ قرباني جي جانورن کي به روڪيائون اهي ٻَڌَلَ رهيا انهن کي پنهنجي جاءِ تي پهچڻ نه ڏنائون. ۽ جيڪڏهن (مڪي ۾) ڪجھ ايمان وارا مرد ۽ ڪجھ ايمان واريون عورتون نه هجن ها جن کي اوهان سڃاڻو به نه ٿا ۽ هي (انديشو نه هجي ها) ته متان اڻ ڄاڻائي ۾ اوهان انهن کي لتاڙي ڇڏيو پوءِ اوهان تي انهن جي ڪري حرف اچي ها. هن لاءِ (جنگ روڪي وئي) ته الله جنهن کي چاهي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري، جيڪڏهن (ڪافر ۽ مسلم ٻئي ڌريون) ڌار هجن ها ته جن انهن مان ڪفر ڪيو آهي تن کي دردناڪ عذاب جي سزا ڏيون ها.
اِذْ جَعَلَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْحَمِیَّةَ حَمِیَّةَ الْجَاهِلِیَّةِ فَاَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِیْنَتَهٗ عَلٰى رَسُوْلِهٖ وَ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ وَ اَلْزَمَهُمْ كَلِمَةَ التَّقْوٰى وَ كَانُوْۤا اَحَقَّ بِهَا وَ اَهْلَهَا١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمًا۠۲۶
جڏهن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ تعصب رکيو جاهليت جي دور وارو تعصب ته پوءِ الله پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي (دلين جو) سڪون لاٿو ۽ کين پرهيزگاري جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ اُهي ان جا وڌيڪ حقدار ۽ ان جا لائق هئا. ۽ الله سڀ شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.
لَقَدْ صَدَقَ اللّٰهُ رَسُوْلَهُ الرُّءْیَا بِالْحَقِّ١ۚ لَتَدْخُلُنَّ الْمَسْجِدَ الْحَرَامَ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ اٰمِنِیْنَ١ۙ مُحَلِّقِیْنَ رُءُوْسَكُمْ وَ مُقَصِّرِیْنَ١ۙ لَا تَخَافُوْنَ١ؕ فَعَلِمَ مَا لَمْ تَعْلَمُوْا فَجَعَلَ مِنْ دُوْنِ ذٰلِكَ فَتْحًا قَرِیْبًا۲۷
بيشڪ الله پنهنجي رسول کي سچو خواب ڏيکاريو هيو ته الله گهريو ته توهان ضرور بالضرور عزت واري مسجد ۾ داخل ٿيندؤ امن امان سان (ڪجھ) مٿا ڪوڙائيندڙ ۽ (ڪجھ) وار ڪٽائيندڙ (ان حال ۾ جو) توهان بي خوف هوندا. پوءِ ڄاتائين جيڪو توهان نه ڄاتو پوءِ ان (فتح مڪه) کان اڳ هڪ ويجهي فتح (يعني فتحِ خيبر) ڏنائين.
هُوَ الَّذِیْۤ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَ دِیْنِ الْحَقِّ لِیُظْهِرَهٗ عَلَى الدِّیْنِ كُلِّهٖ١ؕ وَ كَفٰى بِاللّٰهِ شَهِیْدًاؕ۲۸
اُهو ئي آهي جنهن پنهنجي رسول (ﷺ) کي هدايت ۽ حق واري دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀ دينن مٿان غالب ڪري. ۽ الله ئي شاهد ڪافي آهي.
مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ١ؕ وَ الَّذِیْنَ مَعَهٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیْنَهُمْ تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا یَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَ رِضْوَانًا١٘ سِیْمَاهُمْ فِیْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِ١ؕ ذٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِی التَّوْرٰىةِ١ۛۖۚ وَ مَثَلُهُمْ فِی الْاِنْجِیْلِ١ۛ۫ۚ كَزَرْعٍ اَخْرَجَ شَطْـَٔهٗ فَاٰزَرَهٗ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوٰى عَلٰى سُوْقِهٖ یُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِیَغِیْظَ بِهِمُ الْكُفَّارَ١ؕ وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنْهُمْ مَّغْفِرَةً وَّ اَجْرًا عَظِیْمًا۠۲۹
محمد (ﷺ) الله جو رسول آهي. ۽ جيڪي ساڻس گڏ آهن سي ڪافرن مٿان زور سخت (۽) پاڻ ۾ ڏاڍا رحمدل آهن تون کين گهڻا رڪوع ۽ سجدا ڪندڙ ڏسندين، اُهي الله جي فضل ۽ سندس رضامندي جا طلبگار آهن. انهن جي نشاني انهن جي چهرن تي سجدن جو اثر آهي. انهن جي اها صفت تورات ۾ آهي .. ۽ سندن صفت انجيل ۾ (به) آهي.. (اُهي) هڪ پوک وانگر آهن جنهن پنهنجا سَلا ڪڍيا پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿُلهي ٿي پوءِ پنهنجي تِــيليُن تي سڌي ٿي بيٺي پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي جيئن انهن سان ڪافرن جي دل ساڙي. جن انهن مان ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن سان الله وعدو ڪيو آهي بخشش ۽ زبردست ثواب جو.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تُقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیِ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ اتَّقُوا اللّٰهَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ سَمِیْعٌ عَلِیْمٌ۱
اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) کان (ڪنهن ڳالھ ۾) اڳتي نه وڌو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْۤا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِیِّ وَ لَا تَجْهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَجَهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ اَنْ تَحْبَطَ اَعْمَالُكُمْ وَ اَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ۲
اي ايمان وارؤ! پنهنجا آواز نبي (ﷺ) جي آواز کان اوچا نه ڪيو ۽ ان سان ان طرح بلند آواز سان نه ڳالهايو جيئن توهان هڪ ٻئي سان بلند آواز ڪندا آهيو، متان اوهان جا عمل برباد ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر به نه پوي.
اِنَّ الَّذِیْنَ یَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى١ؕ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّ اَجْرٌ عَظِیْمٌ۳
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجا آواز الله جي رسول اڳيان هيٺاهان ڪن ٿا اِهي ئي ماڻهو آهن جن جي دلين کي الله پرهيزگاري لاءِ پرکي ڇڏيو آهي، انهن جي لاءِ بخشش ۽ زبردست اجر آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ یُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَآءِ الْحُجُرٰتِ اَكْثَرُهُمْ لَا یَعْقِلُوْنَ۴
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي تو کي ڪمرن جي ٻاهران سڏن ٿا انهن مان گهڻا سمجھ نه ٿا رکن.
وَ لَوْ اَنَّهُمْ صَبَرُوْا حَتّٰى تَخْرُجَ اِلَیْهِمْ لَكَانَ خَیْرًا لَّهُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۵
۽ جيڪڏهن اُهي صبر ڪن ها ايستائين جو تون خود انهن ڏانهن نڪرين ها ته اهو انهن لاءِ بهتر هيو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِنْ جَآءَكُمْ فَاسِقٌۢ بِنَبَاٍ فَتَبَیَّنُوْۤا اَنْ تُصِیْبُوْا قَوْمًۢا بِجَهَالَةٍ فَتُصْبِحُوْا عَلٰى مَا فَعَلْتُمْ نٰدِمِیْنَ۶
اي ايمان وارؤ! اگر اوهان وٽ ڪو پڌرو گنهگار ڪا خبر آڻي ته خوب جاچ ڪيو متان توهان ڪنهن قوم کي بي خبري ۾ تڪليف پهچائي ويهو پوءِ پنهنجي ڪيل تي پاڻ پشيمان ٿي پئو.
وَ اعْلَمُوْۤا اَنَّ فِیْكُمْ رَسُوْلَ اللّٰهِ١ؕ لَوْ یُطِیْعُكُمْ فِیْ كَثِیْرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَ لٰكِنَّ اللّٰهَ حَبَّبَ اِلَیْكُمُ الْاِیْمَانَ وَ زَیَّنَهٗ فِیْ قُلُوْبِكُمْ وَ كَرَّهَ اِلَیْكُمُ الْكُفْرَ وَ الْفُسُوْقَ وَ الْعِصْیَانَ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَۙ۷
۽ (پڪ) ڄاڻو ته بيشڪ توهان ۾ الله جو رسول موجود آهي. جيڪڏهن گهڻن ڪمن ۾ اهو اوهان جي ڳالھ مڃي ته توهان مشڪل ۾ پئجي وڃو پر الله ايمان کي اوهان جو محبوب بنايو آهي ۽ ان کي توهان جي دلين ۾ سينگاريائين ۽ ڪفر ۽ گناھ ۽ نافرماني کي توهان وٽ ناپسنديده بنايائين. اِهي ئي راهِ هدايت وارا آهن.
فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَ نِعْمَةً١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌ حَكِیْمٌ۸
(هي) الله جي فضل ۽ نعمت سبب آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
وَ اِنْ طَآىِٕفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ اقْتَتَلُوْا فَاَصْلِحُوْا بَیْنَهُمَا١ۚ فَاِنْۢ بَغَتْ اِحْدٰىهُمَا عَلَى الْاُخْرٰى فَقَاتِلُوا الَّتِیْ تَبْغِیْ حَتّٰى تَفِیْٓءَ اِلٰۤى اَمْرِ اللّٰهِ١ۚ فَاِنْ فَآءَتْ فَاَصْلِحُوْا بَیْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَ اَقْسِطُوْا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ الْمُقْسِطِیْنَ۹
۽ جيڪڏهن ايمان وارن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو، پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهين مان هڪڙي ٻي تي ڪا زيادتي ڪري ته پوءِ ان سان لڙو جيڪا زيادتي ڪري ٿي، جيستائين الله جي حڪم ڏانهن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏهن موٽي اچي ته ٻنهين جي وچ ۾ عدل سان صلح ڪرايو ۽ انصاف ڪيو. بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن سان محبت رکي ٿو.
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَیْنَ اَخَوَیْكُمْ وَ اتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَ۠۱۰
بلاشڪ سڀئي ايمان وارا (پاڻ ۾) ڀائر آهن پوءِ توهان پنهنجي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ الله کان ڊڄو اميد آهي ته توهان تي رحم ڪيو ويندو.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا یَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰۤى اَنْ یَّكُوْنُوْا خَیْرًا مِّنْهُمْ وَ لَا نِسَآءٌ مِّنْ نِّسَآءٍ عَسٰۤى اَنْ یَّكُنَّ خَیْرًا مِّنْهُنَّ١ۚ وَ لَا تَلْمِزُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ لَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِ١ؕ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوْقُ بَعْدَ الْاِیْمَانِ١ۚ وَ مَنْ لَّمْ یَتُبْ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ۱۱
اي ايمان وارؤ! (مردن جو) ڪو گروھ ٻئي ڪنهن گروھ تي ٺٺول نه ڪري ممڪن آهي جو اُهي (ٺٺول ڪيل) بهتر هجن انهن (ٺٺول ڪندڙن) کان ۽ نه عورتون عورتن (تي ٺٺول ڪن) ممڪن آهي اُهي (ٺٺول ڪيل) عورتون بهتر هجن انهن (ٺٺول ڪندڙ) عورتن کان. ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي عيب لڳايو، ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا نالا رکو. ڪنهن جي ايمان (آڻڻ) کان پوءِ ان کي فاسق چوڻ ڏاڍو برو نالو آهي، ۽ جنهن توبه نه ڪئي پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِیْرًا مِّنَ الظَّنِّ١٘ اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّ لَا تَجَسَّسُوْا وَ لَا یَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًا١ؕ اَیُحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ یَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِیْهِ مَیْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُ١ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰهَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِیْمٌ۱۲
اي ايمان وارؤ! گهڻي شڪ ڪرڻ کان بچو، ڇو ته ڪي شڪ گناھ هوندا آهن ۽ (ڪنهن جي به) جاسوسي نه ڪيو ۽ توهان مان هڪڙو ٻئي جي گلا نه ڪري ڇا توهان مان ڪو پسند ڪندو ته پنهنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ سو توهان ان کي بڇڙو سمجهو ٿا. ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي.
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّ اُنْثٰى وَ جَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّ قَبَآىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا١ؕ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلِیْمٌ خَبِیْرٌ۱۳
اي انسانو! اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي قومون ۽ برادريون بنايو آهي ته جئين هڪ ٻئي کي سُڃاڻي سگهو. بيشڪ الله وٽ اوهان مان زياده عزت دار اُهو آهي جيڪو توهان مان زياده پرهيزگار آهي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر وار آهي.
قَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّا١ؕ قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَ لٰكِنْ قُوْلُوْۤا اَسْلَمْنَا وَ لَمَّا یَدْخُلِ الْاِیْمَانُ فِیْ قُلُوْبِكُمْ١ؕ وَ اِنْ تُطِیْعُوا اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ لَا یَلِتْكُمْ مِّنْ اَعْمَالِكُمْ شَیْـًٔا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۱۴
ٻهراڙي وارن چيو ته: ”اسان ايمان آندو آهي“. چؤ ته توهان ايمان نه آندو آهي ها هيئن چئو ته ”اسان فرمانبردار ٿياسين“، ۽ اڃا ايمان اوهان جي دلين ۾ داخل به نه ٿيو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان الله ۽ ان جي رسول جو چيو مڃندؤ ته اُهو توهان جي عملن (جي ثواب مان) ڪجھ به نه گهٽائيندو بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ ثُمَّ لَمْ یَرْتَابُوْا وَ جٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَ اَنْفُسِهِمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ۱۵
ايمان وارا صرف اِهي ئي آهن جن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو پوءِ شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي راھ ۾ پنهنجي مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيائون. اُهي ئي سچا آهن.
قُلْ اَتُعَلِّمُوْنَ اللّٰهَ بِدِیْنِكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ؕ وَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمٌ۱۶
(اي نبي! ايمان جي دعويدارن کي) چؤ ته ڇا توهان پنهنجي دين جو الله کي اطلاع ڏيو ٿا؟ حالانڪه الله هر ان شيءِ کي ڄاڻي ٿو جا آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.
یَمُنُّوْنَ عَلَیْكَ اَنْ اَسْلَمُوْا١ؕ قُلْ لَّا تَمُنُّوْا عَلَیَّ اِسْلَامَكُمْ١ۚ بَلِ اللّٰهُ یَمُنُّ عَلَیْكُمْ اَنْ هَدٰىكُمْ لِلْاِیْمَانِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۱۷
اهي توتي ٿورو رکن ٿا ته انهن اسلام آندو آهي. چؤ ته توهان پنهنجي اسلام آڻڻ جو مون تي ٿورو نه رکو، بلڪه الله توهان تي احسانُ ڪري ٿو جو ان توهان کي ايمان جو رستو ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو.
اِنَّ اللّٰهَ یَعْلَمُ غَیْبَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ اللّٰهُ بَصِیْرٌۢ بِمَا تَعْمَلُوْنَ۠۱۸
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جا سڀ ڳُجھ ڄاڻي ٿو ۽ اوهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا الله ڏسندڙ آهي.
قٓ١ۚ۫ وَ الْقُرْاٰنِ الْمَجِیْدِۚ۱
قاف (حقيقي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) قسم آهي قرآن جو جيڪو وڏي شان وارو آهي.
بَلْ عَجِبُوْۤا اَنْ جَآءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ هٰذَا شَیْءٌ عَجِیْبٌۚ۲
پر انهن کي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي، سو ڪافرن چيو ته هي عجيب شيءِ آهي.
ءَاِذَا مِتْنَا وَ كُنَّا تُرَابًا١ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِیْدٌ۳
ڇا جڏهن اسان مرنداسين ۽ مٽي ٿي وينداسين (تڏهن وري جيئرا ٿينداسين؟) اِهو موٽڻ (عقل کان) پري آهي.
قَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ١ۚ وَ عِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِیْظٌ۴
(حالانڪه) بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪو زمين انهن (جي جسمن کي کائِي) گهٽائي ٿي، ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سڀ ڪجھ) ياد رکندڙ آهي.
بَلْ كَذَّبُوْا بِالْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ فَهُمْ فِیْۤ اَمْرٍ مَّرِیْجٍ۵
بلڪه انهن سچي ڳالھ (قرآن) کي ڪوڙو چيو جڏهن اُهو انهن وٽ آيو پوءِ اُهي خود مونجهاري واري ڳالھ ۾ آهن.
اَفَلَمْ یَنْظُرُوْۤا اِلَى السَّمَآءِ فَوْقَهُمْ كَیْفَ بَنَیْنٰهَا وَ زَیَّنّٰهَا وَ مَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ۶
ڇا انهن آسمان کي پنهنجي مٿان نه ڏٺو آهي؟ ته اسان ان کي ڪيئن بنايو آهي؟ ۽ اسان ان کي سينگاريو آهي، ۽ ان ۾ ڪو سوراخ نه آهي.
وَ الْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَ اَلْقَیْنَا فِیْهَا رَوَاسِیَ وَ اَنْۢبَتْنَا فِیْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۭ بَهِیْجٍۙ۷
۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا آهن ۽ ان ۾ اسان هر وڻندڙ قسم مان (ٻوٽا) ڄمايا آهن.
تَبْصِرَةً وَّ ذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِیْبٍ۸
(اهو سڀ) بصيرت ۽ نصيحت آهي هر ڪنهن (الله ڏي) ورندڙ ٻانهي لاءِ.
وَ نَزَّلْنَا مِنَ السَّمَآءِ مَآءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّ حَبَّ الْحَصِیْدِۙ۹
۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان سان باغ ۽ لُــڻَــــڻَ واري پوک جا داڻا ڄمايا.
وَ النَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِیْدٌۙ۱۰
۽ کجور جا ڊگها وڻ جن جا ڇُڳا تھ در تھ ٿيل آهن.
رِّزْقًا لِّلْعِبَادِ١ۙ وَ اَحْیَیْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّیْتًا١ؕ كَذٰلِكَ الْخُرُوْجُ۱۱
ٻانهن جي روزي لاءِ ۽ اسان ان (پاڻي) سان مرده (اُجڙيل) شهر کي زنده (آباد) ڪيو اهڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آهي.
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّ اَصْحٰبُ الرَّسِّ وَ ثَمُوْدُۙ۱۲
انهن (مَڪي جي ڪافرن) کان اڳ نوح جي قوم ۽ کوھ وارن ۽ ثمود (حق کي) ڪوڙو چيو.
وَّ اَصْحٰبُ الْاَیْكَةِ وَ قَوْمُ تُبَّعٍ١ؕ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعِیْدِ۱۴
۽ ٻيلي وارن ۽ تُبع جي قوم وارن (انهن) سڀني رسولن کي ڪوڙو چيو پوءِ منهنجي عذاب جو وعدو (انهن تي) ثابت ٿي ويو.
اَفَعَیِیْنَا بِالْخَلْقِ الْاَوَّلِ١ؕ بَلْ هُمْ فِیْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِیْدٍ۠۱۵
ڇا پوءِ اسان پهرئين ڀيري پيدا ڪرڻ کان ٿڪجي پيا آهيون (ائين ناهي). بلڪه اُهي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن.
وَ لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَ نَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ١ۖۚ وَ نَحْنُ اَقْرَبُ اِلَیْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِیْدِ۱۶
۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان ان وسوسن کي ڄاڻون ٿا جيڪي ان جو نفس وجهي ٿو ۽ اسان ان کي ساھ جي رڳ کان به گهڻو ويجها آهيون.
اِذْ یَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّیٰنِ عَنِ الْیَمِیْنِ وَ عَنِ الشِّمَالِ قَعِیْدٌ۱۷
جڏهن (ان جي هر قول ۽ فعل کي) ٻه فرشتا حاصل ڪري وٺن ٿا جيڪي ان جي ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل آهن.
مَا یَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَدَیْهِ رَقِیْبٌ عَتِیْدٌ۱۸
(انسان) وات مان ڪو لفظ نه ٿو ڪڍي مگر ان وٽ هڪ نگهبان (لکڻ لاءِ) تيار رهي ٿو.
وَ جَآءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْحَقِّ١ؕ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَحِیْدُ۱۹
۽ موت جي بي هوشي سچ پچ اچي پهتي. اها آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين.
وَ نُفِخَ فِی الصُّوْرِ١ؕ ذٰلِكَ یَوْمُ الْوَعِیْدِ۲۰
۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي. اهو عذاب جي ڌمڪي جو ڏينهن آهي.
وَ جَآءَتْ كُلُّ نَفْسٍ مَّعَهَا سَآىِٕقٌ وَّ شَهِیْدٌ۲۱
۽ هر شخص ان طرح ايندو جو ان سان گڏ هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ شاهد ساڻ هوندو.
لَقَدْ كُنْتَ فِیْ غَفْلَةٍ مِّنْ هٰذَا فَكَشَفْنَا عَنْكَ غِطَآءَكَ فَبَصَرُكَ الْیَوْمَ حَدِیْدٌ۲۲
بيشڪ تون هن (ڏينهن) کان بي خبري ۾ هئين پوءِ اسان هاڻي تو کان تنهنجو پردو کوليو آهي، سو اڄ تنهنجي نگاھ تکي آهي.
وَ قَالَ قَرِیْنُهٗ هٰذَا مَا لَدَیَّ عَتِیْدٌؕ۲۳
۽ ان سان گڏ رهڻ وارو (ملائڪ) چوندو: ”هي (اعمال نامو) آهي جيڪو مون وٽ تيار آهي“.
اَلْقِیَا فِیْ جَهَنَّمَ كُلَّ كَفَّارٍ عَنِیْدٍۙ۲۴
(حڪم ٿيندو) اوهان ٻئي (فرشتا) هر انڪار ڪرڻ واري هٺيلي کي جهنم ۾ وجهو.
مَّنَّاعٍ لِّلْخَیْرِ مُعْتَدٍ مُّرِیْبِۙ۲۵
جيڪو نيڪي کان روڪڻ وارو هيو حد کان وڌڻ وارو ٻئي کي شڪ ۾ وجهڻ وارو هيو.
اِ۟لَّذِیْ جَعَلَ مَعَ اللّٰهِ اِلٰهًا اٰخَرَ فَاَلْقِیٰهُ فِی الْعَذَابِ الشَّدِیْدِ۲۶
جنهن الله سان گڏ ٻئي کي معبود بنايو هيو پوءِ ان کي سخت عذاب ۾ اڇلايو.
قَالَ قَرِیْنُهٗ رَبَّنَا مَاۤ اَطْغَیْتُهٗ وَ لٰكِنْ كَانَ فِیْ ضَلٰلٍۭ بَعِیْدٍ۲۷
سندس سنگتي (شيطان) چوندو: ”اي اسان جا پالڻهار! مون ان کي گمراھ نه ڪيو هيو پر اُهو خود پَـرَاهين گمراهي ۾ پيل هيو“.
قَالَ لَا تَخْتَصِمُوْا لَدَیَّ وَ قَدْ قَدَّمْتُ اِلَیْكُمْ بِالْوَعِیْدِ۲۸
(الله) فرمائيندو: ”مون وٽ جهڳڙو نه ڪيو ۽ آءٌ اوهان ڏانهن اڳ ئي عذاب جي ڌمڪي موڪلي چڪو آهيان.
مَا یُبَدَّلُ الْقَوْلُ لَدَیَّ وَ مَاۤ اَنَا بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِیْدِ۠۲۹
منهنجي بارگاھ ۾ فرمان نه بدلبو آهي ۽ نه ئي آءٌ ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو آهيان“.
یَوْمَ نَقُوْلُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امْتَلَاْتِ وَ تَقُوْلُ هَلْ مِنْ مَّزِیْدٍ۳۰
ان ڏينهن اسان دوزخ کي چونداسين: ”ڇا تون ڀريو آهين“؟ ۽ اُهو چوندو: ”ڇا اڃا به ڪجھ وڌيڪ آهي“؟
وَ اُزْلِفَتِ الْجَنَّةُ لِلْمُتَّقِیْنَ غَیْرَ بَعِیْدٍ۳۱
۽ جنت پرهيزگارن لاءِ ويجهي ڪئي ويندي پري نه هوندي.
هٰذَا مَا تُوْعَدُوْنَ لِكُلِّ اَوَّابٍ حَفِیْظٍۚ۳۲
هي اُهو (بهشت) آهي جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو هيو هر توبھ ڪرڻ واري (پنهنجي دين جي) حفاظت ڪرڻ واري لاءِ آهي.
مَنْ خَشِیَ الرَّحْمٰنَ بِالْغَیْبِ وَ جَآءَ بِقَلْبٍ مُّنِیْبِۙ۳۳
جيڪو پر پُٺ وڏي رحمان کان ڊنو ۽ رجوع ٿيندڙ دل سان آيو.
اِ۟دْخُلُوْهَا بِسَلٰمٍ١ؕ ذٰلِكَ یَوْمُ الْخُلُوْدِ۳۴
ان ۾ سلامتي سان داخل ٿيو. اهو هميشگي جو ڏينهن آهي.
لَهُمْ مَّا یَشَآءُوْنَ فِیْهَا وَ لَدَیْنَا مَزِیْدٌ۳۵
جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ ان (بهشت) ۾ آهي ۽ اسان وٽ (ان کان) وڌيڪ به آهي.
وَ كَمْ اَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْنٍ هُمْ اَشَدُّ مِنْهُمْ بَطْشًا فَنَقَّبُوْا فِی الْبِلَادِ١ؕ هَلْ مِنْ مَّحِیْصٍ۳۶
۽ انهن (ڪفارِ مڪه) کان اڳ اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون جيڪي طاقت ۽ قوت ۾ انهن کان وڌيڪ هئا پوءِ (عذاب مهل) شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون. ته ڪا ڀڄڻ جي جاءِ آهي؟
اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَذِكْرٰى لِمَنْ كَانَ لَهٗ قَلْبٌ اَوْ اَلْقَى السَّمْعَ وَ هُوَ شَهِیْدٌ۳۷
بيشڪ ان ۾ وڏي نصيحت آهي ان لاءِ جنهن وٽ دل آهي يا ڪن لائي ٻڌي ٿو ۽ اهو حاضر (ذهن) آهي. (يعني پوري غور فڪر سان ٻڌڻ وارو آهي)
وَ لَقَدْ خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَا فِیْ سِتَّةِ اَیَّامٍ١ۖۗ وَّ مَا مَسَّنَا مِنْ لُّغُوْبٍ۳۸
۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سڀ کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو آهي، ۽ اسان کي ڪا ٿڪاوٽ به نه پهتي.
فَاصْبِرْ عَلٰى مَا یَقُوْلُوْنَ وَ سَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ قَبْلَ طُلُوْعِ الشَّمْسِ وَ قَبْلَ الْغُرُوْبِۚ۳۹
پوءِ صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس تسبيح پڙھ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان اڳ.
وَ مِنَ الَّیْلِ فَسَبِّحْهُ وَ اَدْبَارَ السُّجُوْدِ۴۰
۽ رات جي ڪجھ حصي ۾ به سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ نمازن جي پٺيان به.
وَ اسْتَمِعْ یَوْمَ یُنَادِ الْمُنَادِ مِنْ مَّكَانٍ قَرِیْبٍۙ۴۱
۽ ڪن لڳائي (ان ڏينهن جو حال) ٻُڌ ته جنهن ڏينهن هڪ سڏيندڙ ويجهي جاءِ کان سڏيندو.
یَّوْمَ یَسْمَعُوْنَ الصَّیْحَةَ بِالْحَقِّ١ؕ ذٰلِكَ یَوْمُ الْخُرُوْجِ۴۲
جنهن ڏينهن ماڻهو سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اُهو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينهن هوندو.
اِنَّا نَحْنُ نُحْیٖ وَ نُمِیْتُ وَ اِلَیْنَا الْمَصِیْرُۙ۴۳
بيشڪ اسان زنده رکون ٿا ۽ اسان ئي موت ڏيون ٿا ۽ اسان ڏي ئي موٽڻ آهي.
یَوْمَ تَشَقَّقُ الْاَرْضُ عَنْهُمْ سِرَاعًا١ؕ ذٰلِكَ حَشْرٌ عَلَیْنَا یَسِیْرٌ۴۴
جنهن ڏينهن زمين انهن تان ڦاٽي پوندي ته اُهي جلدي جلدي نڪري پوندا. اُهو گڏ ڪرڻ اسان تي آسان آهي.
نَحْنُ اَعْلَمُ بِمَا یَقُوْلُوْنَ وَ مَاۤ اَنْتَ عَلَیْهِمْ بِجَبَّارٍ١۫ فَذَكِّرْ بِالْقُرْاٰنِ مَنْ یَّخَافُ وَعِیْدِ۠۴۵
اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي هُو چون ٿا تون انهن تي زور ڪرڻ وارو نه آهين. پوءِ قرآن جي ذريعي ان کي نصيحت ڪر جيڪو منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊڄي ٿو.
اِنَّمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌۙ۵
ته جيڪو (قيامت جو) توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو سچو آهي.
یُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَؕ۹
ان (قرآن) کان اهو ڦيريو وڃي ٿو جو (ڀلائي کان) ڦيريو ويو آهي.
ذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ١ؕ هٰذَا الَّذِیْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ۱۴
(چيو ويندو) ”پنهنجي سزا (جو مزو) چکو. هي اُهو آهي جنهن جي اوهان جلدي مچائيندا هئا.
اِنَّ الْمُتَّقِیْنَ فِیْ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوْنٍۙ۱۵
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.
اٰخِذِیْنَ مَاۤ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ١ؕ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِیْنَؕ۱۶
انهن نعمتن کي وٺندڙ هوندا جيڪي سندن پالڻهار کين ڏنيون. بيشڪ اُهي اڳ ئي نيڪوڪار هئا.
وَ بِالْاَسْحَارِ هُمْ یَسْتَغْفِرُوْنَ۱۸
۽ رات جي پوئين ڀاڱن ۾ اُهي بخشش گهرندا هئا.
وَ فِیْۤ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّآىِٕلِ وَ الْمَحْرُوْمِ۱۹
۽ انهن جي مالن ۾ گُهرڻ وارن ۽ سوال کان بچڻ وارن جو حق ثابت هيو.
وَ فِی الْاَرْضِ اٰیٰتٌ لِّلْمُوْقِنِیْنَۙ۲۰
۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن.
وَ فِیْۤ اَنْفُسِكُمْ١ؕ اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ۲۱
۽ توهان جي نفسن ۾ به (نشانيون آهن). ڇا پوءِ به توهان نه ٿا ڏسو!
وَ فِی السَّمَآءِ رِزْقُكُمْ وَ مَا تُوْعَدُوْنَ۲۲
۽ آسمان ۾ توهان جي روزي آهي ۽ اهو (سڀ ڪجھ به) جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.
فَوَرَبِّ السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ اِنَّهٗ لَحَقٌّ مِّثْلَ مَاۤ اَنَّكُمْ تَنْطِقُوْنَ۠۲۳
پوءِ آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو قسم ته بيشڪ اها ڳالھ سچي آهي جيئن توهان ڳالهايو ٿا.
هَلْ اَتٰىكَ حَدِیْثُ ضَیْفِ اِبْرٰهِیْمَ الْمُكْرَمِیْنَۘ۲۴
ڇا تو وٽ ابراهيم جي عزت وارن مهمانن جي ڳالھ پهتي؟
اِذْ دَخَلُوْا عَلَیْهِ فَقَالُوْا سَلٰمًا١ؕ قَالَ سَلٰمٌ١ۚ قَوْمٌ مُّنْكَرُوْنَۚ۲۵
جڏهن اُهي (ملائڪ) ان وٽ آيا ته چيائون ”سلام“! ابراهيم به ”سلام“ چيو (۽ دل ۾ چيائين ته) هي اجنبي ماڻهو آهن.
فَرَاغَ اِلٰۤى اَهْلِهٖ فَجَآءَ بِعِجْلٍ سَمِیْنٍۙ۲۶
پوءِ تڪڙو پنهنجي گهروارن ڏانهن ويو پوءِ متارو گابو (پچائي) آندائين.
فَقَرَّبَهٗۤ اِلَیْهِمْ قَالَ اَلَا تَاْكُلُوْنَ٘۲۷
پوءِ اُهو انهن جي ويجھو ڪيائين چيائين: ”ڇا توهان نه ٿا کائو“!
فَاَوْجَسَ مِنْهُمْ خِیْفَةً١ؕ قَالُوْا لَا تَخَفْ١ؕ وَ بَشَّرُوْهُ بِغُلٰمٍ عَلِیْمٍ۲۸
پوءِ انهن (جي نه کائڻ) کان گهٻراهٽ محسوس ڪيائين. چيائون نه گهٻراءِ. ۽ ان کي علم واري پٽ جي خوشخبري ڏنائون.
فَاَقْبَلَتِ امْرَاَتُهٗ فِیْ صَرَّةٍ فَصَكَّتْ وَجْهَهَا وَ قَالَتْ عَجُوْزٌ عَقِیْمٌ۲۹
پوءِ سندس زال (ساره) حيرت وارو آواز ڪندي سامهون آئي پوءِ پنهنجي منهن تي هٿ هڻندي چيائين: ”ڇا ڪراڙي سنڍ“! (زال ٻار ڄڻندي؟)
قَالُوْا كَذٰلِكِ١ۙ قَالَ رَبُّكِ١ؕ اِنَّهٗ هُوَ الْحَكِیْمُ الْعَلِیْمُ۳۰
(ملائڪن) چيو: ”ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي. بيشڪ اهو حڪمت وارو، علم وارو آهي“.