اِلَیْهِ یُرَدُّ عِلْمُ السَّاعَةِ١ؕ وَ مَا تَخْرُجُ مِنْ ثَمَرٰتٍ مِّنْ اَكْمَامِهَا وَ مَا تَحْمِلُ مِنْ اُنْثٰى وَ لَا تَضَعُ اِلَّا بِعِلْمِهٖ١ؕ وَ یَوْمَ یُنَادِیْهِمْ اَیْنَ شُرَكَآءِیْ١ۙ قَالُوْۤا اٰذَنّٰكَ١ۙ مَا مِنَّا مِنْ شَهِیْدٍۚ۴۷
قيامت جي گھڙيءَ جو علم ان (الله) ڏانهن ئي موٽي ٿو. ۽ نه ميوا پنهنجي ڳڀن مان نڪرن ٿا ۽ نه ڪائي مادي حمل واري ٿئي ٿي ۽ نه ڪا ٻار ڄڻي ٿي مگر (اهو سڀ) سندس علم ۾ هوندو آهي. ۽ ان ڏينهن اهو انهن (مشرڪن) کي سڏيندو ته منهنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ چوندا ته: ”اسان توکي عرض ڪري چُڪا آهيون ته اڄ اسان مان ڪوبه ان جي شاهدي ڏيڻ وارو نه آهي“.