٤٢ آيتون
عَبَسَعبس (بي رُخي ڪيائين)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
عَبَسَ وَ تَوَلّٰۤىۙ۱
بي رُخي ڪيائين ۽ منهن ڦيريائين.
اَنْ جَآءَهُ الْاَعْمٰىؕ۲
(ان ڪري) جو ان وٽ هڪ نابين آيو.
وَ مَا یُدْرِیْكَ لَعَلَّهٗ یَزَّكّٰۤىۙ۳
۽ توکي ڇا خبر شايد اهو (وڌيڪ) پاڪ ٿي وڃي ها.
اَوْ یَذَّكَّرُ فَتَنْفَعَهُ الذِّكْرٰىؕ۴
يا نصيحت ٻڌي ها پوءِ ان کي نصيحت فائدو ڏئي ها.
اَمَّا مَنِ اسْتَغْنٰىۙ۵
پر جيڪو (حق کان) بي پرواھ ٿيو.
فَاَنْتَ لَهٗ تَصَدّٰىؕ۶
پوءِ ان ڏانهن تون پورو توجھ ڪرين ٿو.
وَ مَا عَلَیْكَ اَلَّا یَزَّكّٰىؕ۷
حالانڪه ان جي پاڪ نه ٿيڻ جي تو تي ڪا ذميداري ناهي.
وَ اَمَّا مَنْ جَآءَكَ یَسْعٰىۙ۸
۽ پر جو ماڻهو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو.