١١ آيتون
الضُّحىٰالضحيٰ (ڪچڙي منجهند)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ الضُّحٰىۙ۱
قسم آهي ڪچڙي منجهند جو.
وَ الَّیْلِ اِذَا سَجٰىۙ۲
۽ قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي.
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ۳
ته نه تنهنجي پالڻهار تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه تو کان رُٺو آهي.
وَ لَلْاٰخِرَةُ خَیْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰىؕ۴
۽ بلاشڪ پوئين (گهڙي) تنهنجي لاءِ پهرئين کان ڀلي آهي.
وَ لَسَوْفَ یُعْطِیْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰىؕ۵
۽ جلد تنهنجو پالڻهار تو کي (ايترو) ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.
اَلَمْ یَجِدْكَ یَتِیْمًا فَاٰوٰى۪۶
ڇا تو کي يتيم نه لڌائين پوءِ تو کي جاءِ ڏنائين.
وَ وَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدٰى۪۷
۽ تو کي پنهنجي محبت ۾ بي اختيار لڌائين پوءِ (پنهنجي طرف) واٽ ڏنائين.
وَ وَجَدَكَ عَآىِٕلًا فَاَغْنٰىؕ۸
۽ تو کي ضرورتمند ڏٺائين پوءِ غني ڪري ڇڏيائين.