٥٩ آيتون
الدُّخَانِالدخان (دُونهون)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
حٰمٓۚۛ۱
حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هن جو اصلي مفهوم ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) ..
وَ الْكِتٰبِ الْمُبِیْنِۙۛ۲
قسم آهي هن پڌري ڪتاب جو ..
اِنَّاۤ اَنْزَلْنٰهُ فِیْ لَیْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِیْنَ۳
بيشڪ اسان ان کي هڪ برڪتن واري رات ۾ لاٿو، بيشڪ اسان ڊيڄارڻ وارا آهيون.
فِیْهَا یُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِیْمٍۙ۴
ان (رات) ۾ هر حڪمت واري ڪم جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.
اَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا١ؕ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِیْنَۚ۵
هر حڪم اسان وٽان آهي. بيشڪ اسان ئي موڪلڻ وارا آهيون.
رَحْمَةً مِّنْ رَّبِّكَ١ؕ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِیْعُ الْعَلِیْمُۙ۶
(اِها) تنهنجي پالڻهار پاران رحمت آهي. بيشڪ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا١ۘ اِنْ كُنْتُمْ
(اهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين
مُّوْقِنِیْنَ۷
جي وچ ۾ آهي تني جو. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو.