١١ آيتون
الْعَادِيَاتِالعاديات (هانبارو هڻي ڊوڙندڙ گهوڙا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ الْعٰدِیٰتِ ضَبْحًاۙ۱
قسم آهي هانبارو هڻي ڊوڙندڙ گهوڙن جو.
فَالْمُوْرِیٰتِ قَدْحًاۙ۲
پوءِ پٿرن کي سُمب هڻي چڻنگن ڪڍندڙن جو.
فَالْمُغِیْرٰتِ صُبْحًاۙ۳
پوءِ صبح جي مهل حملو ڪرڻ وارن جو.
فَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًاۙ۴
پوءِ ان وقت ڌوڙ اڏائن ٿا.
فَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًاۙ۵
پوءِ اُهي ان وقت (دشمنن جي) لشڪر جي وچ ۾ اچي پون ٿا.
اِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌۚ۶
بيشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو وڏو ناشڪر آهي.
وَ اِنَّهٗ عَلٰى ذٰلِكَ لَشَهِیْدٌۚ۷
۽ بيشڪ اُهو پاڻ ان (ناشڪري) تي شاهد آهي.
وَ اِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَیْرِ لَشَدِیْدٌؕ۸
۽ بيشڪ اُهو مال جي محبت ۾ ڏاڍو سخت آهي.