٣٥ آيتون
الْاَحْقَافِالاحقاف (قومِ عاد وارو ريگستان)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
حٰمٓۚ۱
حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْحَكِیْمِ۲
(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جو غالب حڪمت وارو آهي.
مَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَاۤ اِلَّا
۽ اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي
بِالْحَقِّ وَ اَجَلٍ مُّسَمًّى١ؕ وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا عَمَّاۤ اُنْذِرُوْا
(سڀني) کي نه پيدا ڪيو آهي مگر حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ. ۽ جن
مُعْرِضُوْنَ۳
ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي جنهن شيءِ کان ڊيڄاريو وڃي ٿو ان کان منهن موڙيندڙ آهن.
قُلْ اَرَءَیْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِیْ مَا ذَا
چؤ: ”ڀلا ڪڏهن اوهان (اکيون کولي) ڏٺو به آهي ته توهان الله کي ڇڏي جن
خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَهُمْ شِرْكٌ فِی السَّمٰوٰتِ١ؕ اِیْتُوْنِیْ
(بتن) کي پوڄيو ٿا مون کي ڏيکاريو ته سهي انهن ڪهڙي شيءِ زمين ۾ پيدا
بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ هٰذَاۤ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ
ڪئي آهي؟ يا آسمانن ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي؟ هن (قرآن) کان اڳ