٧٣ آيتون
الْاَحْزَابِالاحزاب (ٽولا ٽولا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یٰۤاَیُّهَا النَّبِیُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَ لَا تُطِعِ الْكٰفِرِیْنَ وَ
اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي
الْمُنٰفِقِیْنَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِیْمًا حَكِیْمًاۙ۱
تابعداري نه ڪر. بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
وَّ اتَّبِعْ مَا یُوْحٰۤى اِلَیْكَ مِنْ رَّبِّكَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِمَا
۽ تابعداري ڪر ان جي جيڪو توڏي تنهنجي پالڻهار طرفان وحي ڪيو
تَعْمَلُوْنَ خَبِیْرًاۙ۲
وڃي ٿو. بيشڪ الله خبروار آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.
وَّ تَوَكَّلْ عَلَى اللّٰهِ١ؕ وَ كَفٰى بِاللّٰهِ وَكِیْلًا۳
۽ الله تي ڀروسو رک. ۽ الله ئي ڪارساز ڪافي آهي.
مَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَیْنِ فِیْ جَوْفِهٖ١ۚ وَ مَا جَعَلَ
الله ڪنهن به ماڻهو جي اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن، ۽ ان توهان جي زالن کي
اَزْوَاجَكُمُ الّٰٓـِٔیْ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ١ۚ وَ مَا جَعَلَ
جن کي توهان ظِهار ڪندي ماءُ چئو ٿا توهان جون مائرون نه بنايو آهي. ۽ نه توهان جي
اَدْعِیَآءَكُمْ اَبْنَآءَكُمْ١ؕ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ١ؕ وَ
پُٽيلن (يعني وات سان سڏيل پُٽن) کي توهان جو (حقيقي) پُٽ بنايو آهي. اهي سڀ توهان جي واتن