١٩ آيتون
الْاَعْلىٰالاعليٰ (مٿاهون)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَىۙ۱
پنهنجي پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر جو سڀني کي مٿاهون آهي.
الَّذِیْ خَلَقَ فَسَوّٰى۪ۙ۲
جنهن (مخلوقات کي) پيدا ڪيو پوءِ صحيح سالم بنايو.
وَ الَّذِیْ قَدَّرَ فَهَدٰى۪ۙ۳
۽ جنهن (صحيح) اندازو ڪيو پوءِ راھ ڏيکاري.
وَ الَّذِیْۤ اَخْرَجَ الْمَرْعٰى۪ۙ۴
جنهن (زمين مان) گاھ ڪڍيو.
فَجَعَلَهٗ غُثَآءً اَحْوٰىؕ۵
پوءِ ان کي سُڪائي ڪارو سڙيل ڪيائين.
سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰۤىۙ۶
(اي نبي!) سگهو ئي اسان تو کي (اهڙو) پڙهائينداسين جو تون نه وساريندين.
اِلَّا مَا شَآءَ اللّٰهُ١ؕ اِنَّهٗ یَعْلَمُ الْجَهْرَ وَ مَا یَخْفٰىؕ۷
سواءِ ان جي جيڪو الله چاهي. بيشڪ اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي ظاهر آهي ۽ جيڪي ڳُجهو آهي.
وَ نُیَسِّرُكَ لِلْیُسْرٰىۚۖ۸
۽ اسان تو کي تمام آسان (شريعت) لاءِ آساني پيدا ڪري ڏينداسين.