١٩ آيتون
الْعَلَقِالعلق (رت جو دِڳُ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِیْ خَلَقَۚ۱
پڙھ پنهنجي پالڻهار جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو.
خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍۚ۲
جنهن انسان کي رت جي دِڳَ مان پيدا ڪيو.
اِقْرَاْ وَ رَبُّكَ الْاَكْرَمُۙ۳
پڙھ ۽ تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي.
الَّذِیْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِۙ۴
جنهن قلم جي ذريعي (علم) سيکاريو.
عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْؕ۵
جنهن انسان کي اُهو ڪجھ سيکاريو جيڪو هُو نه ڄاڻندو هيو.
كَلَّاۤ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَیَطْغٰۤىۙ۶
خبردار! بيشڪ انسان سرڪشي ڪري ٿو.
اَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰىؕ۷
هن ڪري جو اُهو پاڻ کي بي پرواھ ڏسي ٿو.
اِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰىؕ۸
بيشڪ تنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻو آهي.