١٦٥ آيتون
الْاَ نْعَامِالانعام (چوپايا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِیْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ جَعَلَ
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ جنهن اونداهيون
الظُّلُمٰتِ وَ النُّوْرَ١ؕ۬ ثُمَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ یَعْدِلُوْنَ۱
۽ روشني بنائي. پوءِ به ڪافر (ڪوڙن معبودن کي) پنهنجي پالڻهار جي برابر ڪن ٿا.
هُوَ الَّذِیْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِیْنٍ ثُمَّ قَضٰۤى اَجَلًا١ؕ وَ اَجَلٌ مُّسَمًّى
اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (هر هڪ جي موت جي)
عِنْدَهٗ ثُمَّ اَنْتُمْ تَمْتَرُوْنَ۲
مدت مقرر ڪيائين. ۽ (قيامت جو) مقرر ٿيل وقت وٽس آهي پوءِ به اوهان شڪ ڪيو ٿا.
وَ هُوَ اللّٰهُ فِی السَّمٰوٰتِ وَ فِی الْاَرْضِ١ؕ یَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَ
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اهو ئي الله آهي. (جيڪو) اوهان جي ڳجھ ۽ اوهان جي
جَهْرَكُمْ وَ یَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ۳
ظاهر کي ڄاڻي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪا (نيڪي يا بدي) اوهان ڪمائي رهيا آهيو.
وَ مَا تَاْتِیْهِمْ مِّنْ اٰیَةٍ مِّنْ اٰیٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا
۽ (منڪرن جو حال هي آهي جو) انهن جي پالڻهار جي آيتن مان
عَنْهَا مُعْرِضِیْنَ۴
جيڪا آيت وٽن اچي ٿي ته ان کان مُنهن موڙيندڙ ئي آهن.