١١٢ آيتون
الْاَ نْبِيَآءِالانبيآء (نبيءَ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَ هُمْ فِیْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَۚ۱
ماڻهن لاءِ سندن حساب جو وقت ويجهو اچي ويو ۽ اُهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن.
مَا یَاْتِیْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَمَعُوْهُ وَ
انهن وٽ جڏهن به سندن پالڻهار وٽان ڪا نئين نصيحت اچي
هُمْ یَلْعَبُوْنَۙ۲
ٿي مگر اُهي ان کي راند رُوند ۾ ئي ٻڌن ٿا.
لَاهِیَةً قُلُوْبُهُمْ١ؕ وَ اَسَرُّوا النَّجْوَى١ۖۗ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا١ۖۗ
انهن جون دليون غافل آهن. ۽ ظالم ماڻهو لِڪي لِڪي ڳالهيون
هَلْ هٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ١ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَ اَنْتُمْ
ڪن ٿا ته: ”هي ته رُڳو اوهان جهڙو هڪ بشر آهي،
تُبْصِرُوْنَ۳
ڇا پوءِ توهان ڏسي وائسي (ان جي) جادو ۾ ڦاسندئو“؟
قٰلَ رَبِّیْ یَعْلَمُ الْقَوْلَ فِی السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ١٘ وَ هُوَ
(نبي ڪريم ﷺ) چيو ته: ”منهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو جا ڳالھ
السَّمِیْعُ الْعَلِیْمُ۴
آسمان ۽ زمين ۾ چئي وڃي ۽ اُهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي“.