٧٥ آيتون
الْاَ نْفَالِالانفال (غنيمت جا مال)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یَسْـَٔلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ١ؕ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَ الرَّسُوْلِ١ۚ
(اي نبي) تو کان لُٽ جي مال جي باري ۾ پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”لُٽ جي
فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَ اَصْلِحُوْا ذَاتَ بَیْنِكُمْ١۪ وَ اَطِیْعُوا
مال جو مالڪ الله ۽ رسول آهي. سو الله کان ڊڄو ۽ هڪ ٻئي ۾ صلح
اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗۤ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ۱
اختيار ڪيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو جي اوهان ايمان وارا آهيو“.
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِیْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَ جِلَتْ
ايمان وارا صرف اُهي آهن جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته انهن جون
قُلُوْبُهُمْ وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیْهِمْ اٰیٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِیْمَانًا وَّ
دليون ڪنبي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن تي ان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون
عَلٰى رَبِّهِمْ یَتَوَكَّلُوْنَۚۖ۲
ته انهن جي ايمان ۾ واڌارو آڻن ٿيون ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا.
الَّذِیْنَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَؕ۳
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي ان مان (الله جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.
اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا١ؕ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَ
اُهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن جي لاءِ سندن پالڻهار وٽ (وڏا)