٦٩ آيتون
الْعَنْڪَبُوْتِالعنڪبوت (ڪوريئڙو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓمّٓۚ۱
الف، لام، ميم (هي حروف مقطعات آهن انهن جو اصل مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
اَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ یُّتْرَكُوْۤا اَنْ یَّقُوْلُوْۤا اٰمَنَّا وَ هُمْ لَا
ڇا ماڻهن خيال ڪيو آهي ته انهن کي رڳو ايتري ڳالھ تي ڇڏي ڏنو
یُفْتَنُوْنَ۲
ويندو جو چون ته: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو؟
وَ لَقَدْ فَتَنَّا الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَلَیَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِیْنَ
۽ بيشڪ اسان انهن ماڻهن کي (به) آزمايو هيو جيڪي انهن کان اڳي هئا پوءِ الله ضرور (آزمائش ذريعي)
صَدَقُوْا وَ لَیَعْلَمَنَّ الْكٰذِبِیْنَ۳
پڌرو ڪندو انهن ماڻهن کي جي (ايمان جي دعويٰ ۾) سچا آهن ۽ ڪوڙن کي به ضرور ظاهر ڪندو.
اَمْ حَسِبَ الَّذِیْنَ یَعْمَلُوْنَ السَّیِّاٰتِ اَنْ یَّسْبِقُوْنَا١ؕ سَآءَ
ڇا جيڪي ماڻهو برايون ڪن ٿا انهن اهو گمان ڪيو آهي ته اهي اسان
مَا یَحْكُمُوْنَ۴
(جي قبضي) کان اڳتي نڪري ويندا؟ ڏاڍو بڇڙو آهي جيڪو اهي فيصلو ڪن ٿا.
مَنْ كَانَ یَرْجُوْا لِقَآءَ اللّٰهِ فَاِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ لَاٰتٍ١ؕ وَ
جيڪو ماڻهو الله جي ملاقات جي اميد رکي ٿو ته پوءِ بيشڪ الله