٢٠ آيتون
الْبَلَدِالبلد (شهر (مڪه)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ۱
آءٌ هن شهر (مڪي) جو قسم ٿو کڻان.
وَ اَنْتَ حِلٌّۢ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ۲
ان حال ۾ جو تون (اي نبي) هن شهر ۾ رهندڙ آهين.
وَ وَالِدٍ وَّ مَا وَلَدَۙ۳
۽ (قسم آهي انساني) پيءُ جو ۽ اولاد جو.
لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِیْ كَبَدٍؕ۴
ته بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (مبتلا رهڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي.
اَیَحْسَبُ اَنْ لَّنْ یَّقْدِرَ عَلَیْهِ اَحَدٌۘ۵
ڇا هُو خيال ڪري ٿو ته هرگز ان تي ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو.
یَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًاؕ۶
چوي ٿو ته: ”مون مال جا انبار خرچ ڪيا آهن“.
اَیَحْسَبُ اَنْ لَّمْ یَرَهٗۤ اَحَدٌؕ۷
ڇا هُو سمجهي ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي.
اَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَیْنَیْنِۙ۸
ڇا اسان ان جون ٻه اکيون نه ٺاهيون آهن.