٢٨٦ آيتون
الْبَقَـرَةِالبقرة (ڍڳي)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓمّٓۚ۱
الف لام ميم (هي حروف مقطعات آهن، هنن جي اصل معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ بهتر ڄاڻن ٿا)
ذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَیْبَ١ۛۖۚ فِیْهِ١ۛۚ هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ۲
(هيءُ) اهو ڪتاب آهي جو ڪو شڪ نه آهي.. ان ۾ .. هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ.
الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِالْغَیْبِ وَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِمَّا
اهي (پرهيزگار) ماڻهو جيڪي ڳُجھ تي ايمان آڻن ٿا ۽ نماز قائم رکن
رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَۙ۳
ٿا ۽ جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.
وَ الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِمَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْكَ وَ مَاۤ اُنْزِلَ مِنْ
۽ جيڪي ايمان آڻن ٿا ان (قرآن) تي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان
قَبْلِكَ١ۚ وَ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ یُوْقِنُوْنَؕ۴
(ڪلامِ الاهي) تي جيڪو توکان اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا.
اُولٰٓىِٕكَ عَلٰى هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ١ۗ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۵
اهي ئي پنهنجي پالڻهار جي طرفان هدايت تي آهن، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.
اِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا سَوَآءٌ عَلَیْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ
بيشڪ اُهي ماڻهو جي ڪفر (اختيار) ڪري چُڪا انهن لاءِ هڪ جهڙو آهي