٨ آيتون
الْبَيِّنَةِالبينة (چِٽو دليل)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
لَمْ یَكُنِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَ الْمُشْرِكِیْنَ
۽ مشرڪ ايستائين (ڪفر کان) جدا ٿيڻ وارا نه
مُنْفَكِّیْنَ حَتّٰى تَاْتِیَهُمُ الْبَیِّنَةُۙ۱
هئا جيستائين انهن وٽ چِٽو دليل نه اچي.
رَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ یَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةًۙ۲
(اُهو) الله جي طرفان رسول آهي جو پاڪ صحيفا پڙهي ٿو.
فِیْهَا كُتُبٌ قَیِّمَةٌؕ۳
جنهن ۾ سڌا سنوان حڪم لکيل آهن.
وَ مَا تَفَرَّقَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا
۽ پهريان جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو هيو سي هڪ ٻئي کان نه
جَآءَتْهُمُ الْبَیِّنَةُؕ۴
جدا ٿيا مگر ان کان پوءِ جو جڏهن انهن وٽ چِٽو دليل پهچي ويو.
وَ مَاۤ اُمِرُوْۤا اِلَّا لِیَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِیْنَ لَهُ الدِّیْنَ١ۙ۬
حالانڪه انهن کي فقط اهو ئي حڪم ڏنو ويو هيو جو صرف الله جي عبادت
حُنَفَآءَ وَ یُقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ یُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَ ذٰلِكَ
ڪن پنهنجي دين کي ان لاءِ خالص ڪندي (باطل کان جدا ٿي) حق ڏانهن يڪسو