٥ آيتون
الْفَلَقِالفلق (صبح)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِۙ۱
(اي نبي!) چؤ آءٌ پناھ گهران ٿو صبح جي پروردگار جي.
مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَۙ۲
هر ان (شيءِ جي) شر کان جيڪا پيدا ڪيائين.
وَ مِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَۙ۳
۽ انڌيري رات جي شر کان جڏهن ڇانئجي وڃي.
وَ مِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِی الْعُقَدِۙ۴
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙ عورتن جي شر کان.
وَ مِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ۠۵
۽ حسد ڪندڙ (ماڻهو) جي شر کان جنهن وقت اهو حسد ڪري ٿو.