٥ آيتون
الْفِيْلِالفيل (هاٿي)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلَمْ تَرَ كَیْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِاَصْحٰبِ الْفِیْلِؕ۱
ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو؟
اَلَمْ یَجْعَلْ كَیْدَهُمْ فِیْ تَضْلِیْلٍۙ۲
ڇا انهن جي سازش کي بيڪار نه ڪيائين؟
وَّ اَرْسَلَ عَلَیْهِمْ طَیْرًا اَبَابِیْلَۙ۳
۽ انهن تي اڏامندڙ پکين جا ولر موڪليائين.
تَرْمِیْهِمْ بِحِجَارَةٍ مِّنْ سِجِّیْلٍ۪ۙ۴
جن انهن کي پڪل مٽيءَ جي پٿرين سان پئي چُٽيو.
فَجَعَلَهُمْ كَعَصْفٍ مَّاْكُوْلٍ۠۵
پوءِ انهن کي لتاڙيل گاھ وانگر ڪري ڇڏيائين.