٧٧ آيتون
الْفُرْقَانِالفرقان (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
تَبٰرَكَ الَّذِیْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰى عَبْدِهٖ لِیَكُوْنَ لِلْعٰلَمِیْنَ
اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ وارو (قرآن) پنهنجي
نَذِیْرَاۙ۱
ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) تي نازل ڪيو هن لاءِ ته سڀ جهانن لاءِ ڊيڄاريندڙ بنجي.
اِ۟لَّذِیْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ لَمْ یَتَّخِذْ وَلَدًا وَّ
اُهو (الله) آهي جو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان لاءِ آهي ۽ (پاڻ
لَمْ یَكُنْ لَّهٗ شَرِیْكٌ فِی الْمُلْكِ وَ خَلَقَ كُلَّ شَیْءٍ فَقَدَّرَهٗ
لاءِ) نه اولاد بنايائين ۽ نه بادشاهي ۾ ڪو سندس شريڪ آهي ۽
تَقْدِیْرًا۲
ان هر شيءِ کي پيدا ڪيو پوءِ ان جو پورو اندازو مقرر ڪيو.
وَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖۤ اٰلِهَةً لَّا یَخْلُقُوْنَ شَیْـًٔا وَّ هُمْ
۽ (مشرڪن) ان کي ڇڏي اهڙا معبود بنايا جي ڪا شيءِ پيدا ڪري نه ٿا سگهن ۽ اُهي خود
یُخْلَقُوْنَ وَ لَا یَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّ لَا نَفْعًا وَّ
پيدا ڪيا ويا آهن ۽ نه اُهي پنهنجي لاءِ ڪنهن نقصان جا مالڪ آهن ۽ نه نفعي جا ۽
لَا یَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّ لَا حَیٰوةً وَّ لَا نُشُوْرًا۳
نه اُهي موت جا مالڪ آهن ۽ نه زندگي جا ۽ نه (ئي مرڻ بعد) جيئري ٿي اٿڻ جا.