٢٦ آيتون
الْغَاشِيَةِالغاشية (ڇانئجي ويندڙ (قيامت)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
هَلْ اَتٰىكَ حَدِیْثُ الْغَاشِیَةِؕ۱
ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (يعني قيامت) جي ڳالھ پهتي؟
وُجُوْهٌ یَّوْمَىِٕذٍ خَاشِعَةٌۙ۲
ان ڏينهن ڪيترائي چهرا خوفزده هوندا.
عَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌۙ۳
سخت محنت ڪندڙ ٿڪل هوندا.
تَصْلٰى نَارًا حَامِیَةًۙ۴
ڀڙڪندڙ باھ ۾ گهڙندا.
تُسْقٰى مِنْ عَیْنٍ اٰنِیَةٍؕ۵
ٽهڪندڙ پاڻيءَ واري چشمي مان پياريا ويندا.
لَیْسَ لَهُمْ طَعَامٌ اِلَّا مِنْ ضَرِیْعٍۙ۶
انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو ڪو نه هوندو.
لَّا یُسْمِنُ وَ لَا یُغْنِیْ مِنْ جُوْعٍؕ۷
جيڪو نه ٿُلهو ڪندو ۽ نه ئي بک لاهيندو.
وُجُوْهٌ یَّوْمَىِٕذٍ نَّاعِمَةٌۙ۸
ان ڏينهن گهڻا چهرا تروتازه (بارونق حسين) هوندا.