٢٩ آيتون
الْحَدِيْدِالحديد (لوھ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ۚ وَ هُوَ الْعَزِیْزُ
الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۽ زمين
الْحَكِیْمُ۱
۾ آهن ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.
لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ۚ یُحْیٖ وَ یُمِیْتُ١ۚ وَ هُوَ عَلٰى
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان جي ئي آهي، اهو جياري ٿو
كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۲
۽ ماري ٿو ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
هُوَ الْاَوَّلُ وَ الْاٰخِرُ وَ الظَّاهِرُ وَ الْبَاطِنُ١ۚ وَ هُوَ بِكُلِّ
اُهو ئي اول آهي ۽ آخر آهي ۽ پڌرو آهي ۽
شَیْءٍ عَلِیْمٌ۳
ڳجهو آهي ۽ اُهو هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ فِیْ سِتَّةِ اَیَّامٍ ثُمَّ
اُهو ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش
اسْتَوٰى عَلَى الْعَرْشِ١ؕ یَعْلَمُ مَا یَلِجُ فِی الْاَرْضِ وَ مَا
تي (پنهنجي شان مطابق) جلوه گر ٿيو. اُهو ڄاڻي ٿو جو ڪجھ زمين ۾ داخل