٧٨ آيتون
الْحَجِّسُوْرَةُ الْحَجِّ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ١ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَیْءٌ
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، بيشڪ
عَظِیْمٌ۱
قيامت جو زلزلو ڏاڍي سخت شيءِ آهي.
یَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّاۤ اَرْضَعَتْ وَ تَضَعُ كُلُّ
جنهن ڏينهن اوهان ان کي ڏسندؤ هر کير پيارڻ وارِي (ماءُ) پنهنجي کير پياڪ ٻچن کي
ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَ تَرَى النَّاسَ سُكٰرٰى وَ مَا هُمْ بِسُكٰرٰى
وساري ويهندي ۽ هر حمل وارِي پنهنجو حمل ڪيرائي وجهندي ۽ تون ماڻهن کي نشي (جي
وَ لٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِیْدٌ۲
حالت) ۾ ڏسندين حالانڪه اُهي نشي ۾ نه هوندا ۽ پر الله جو عذاب سخت هوندو.
وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یُّجَادِلُ فِی اللّٰهِ بِغَیْرِ عِلْمٍ وَّ یَتَّبِعُ
ڪي ماڻهو الله جي باري ۾ بنا علم (۽ سمجھ) جي
كُلَّ شَیْطٰنٍ مَّرِیْدٍۙ۳
جهڳڙو ڪن ٿا ۽ هر سرڪش شيطان جي پيروي ڪن ٿا.
كُتِبَ عَلَیْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ یُضِلُّهٗ وَ یَهْدِیْهِ اِلٰى
ان جي ته مقدر ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪو به ان کي دوست بنائيندو ته