٢٤ آيتون
الْحَشْرِالحشر (جلاوطني يا ڏيھ نيڪالي)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ۚ وَ هُوَ
الله جي پاڪائي بيان ڪئي (هر ان شيءِ) جا به آسمانن ۾ آهي
الْعَزِیْزُ الْحَكِیْمُ۱
۽ جا به زمين ۾ آهي، ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.
هُوَ الَّذِیْۤ اَخْرَجَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ
اُهو ئي آهي جنهن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪرڻ وارن (قبيله بَنُو نُضير) کي سندن گهرن مان
دِیَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ١ؔؕ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ یَّخْرُجُوْا وَ ظَنُّوْۤا
ڪڍيو پهرئين ئي جلاوطني جي وقت. توهان کي اُهو گمان (به) نه هيو ته اُهي ڪو نڪرندا!
اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ
۽ انهن کي هي گمان هيو ته انهن جا (مضبوط) قلعا کين الله (جي پڪڙ) کان بچائيندا،
حَیْثُ لَمْ یَحْتَسِبُوْا١ۗ وَ قَذَفَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ یُخْرِبُوْنَ
پوءِ الله (جو عذاب) انهن تي اتان پهتو جتان انهن کي گمان به نه هيو، ۽ (الله)
بُیُوْتَهُمْ بِاَیْدِیْهِمْ وَ اَیْدِی الْمُؤْمِنِیْنَ١ۗ فَاعْتَبِرُوْا
انهن جي دلين ۾ دهشت وڌي جو پنهنجي هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجي
یٰۤاُولِی الْاَبْصَارِ۲
گهرن کي ويران ڪري رهيا هئا. پوءِ عبرت حاصل ڪيو اي ڏسڻ واري اک رکڻ وارؤ!