٩٩ آيتون
الْحِجْرِالحجر (قومِ ثمود جو علائقو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓرٰ١۫ تِلْكَ اٰیٰتُ الْكِتٰبِ وَ قُرْاٰنٍ مُّبِیْنٍ۱
الف لام را. هي آيتون ڪتابِ (الاهي) ۽ روشن قرآن جون آهن.
رُبَمَا یَوَدُّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَوْ كَانُوْا مُسْلِمِیْنَ۲
(اُهو وقت به ٿيندو جو) ڪافر گھڻو ئي خواهش ڪندا ته ”هائو جي مسلمان هجن ها“.
ذَرْهُمْ یَاْكُلُوْا وَ یَتَمَتَّعُوْا وَ یُلْهِهِمُ الْاَمَلُ فَسَوْفَ
انهن کي ڇڏي ڏي ته کائن (پيئن) ۽ مزا ماڻن ۽ انهن
یَعْلَمُوْنَ۳
کي (ڪوڙي) اميد غافل رکي پوءِ سگھوئي (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.
وَ مَاۤ اَهْلَكْنَا مِنْ قَرْیَةٍ اِلَّا وَ لَهَا كِتَابٌ مَّعْلُوْمٌ۴
۽ اسان ڪوبه ڳوٺ هلاڪ نه ڪيو مگر هي جو ان لاءِ هڪ ڄاتل (مهلت جي مُدت) لکيل هئي.
مَا تَسْبِقُ مِنْ اُمَّةٍ اَجَلَهَا وَ مَا یَسْتَاْخِرُوْنَ۵
ڪوبه گروھ پنهنجي موت (جي مقرر مدت) کان نه اڳتي وڌي سگھي ٿو ۽ نه پوئتي هٽي سگھي ٿو.
وَ قَالُوْا یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْ نُزِّلَ عَلَیْهِ الذِّكْرُ اِنَّكَ
۽ (ڪافرن) چيو: ”اي شخص! جنهن تي قرآن
لَمَجْنُوْنٌؕ۶
لاٿو ويو آهي بيشڪ تون مجنون آهين.