١٨ آيتون
الْحُجُرَاتِالحجرات (ڪمرا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تُقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیِ اللّٰهِ وَ
اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) کان (ڪنهن ڳالھ ۾)
رَسُوْلِهٖ وَ اتَّقُوا اللّٰهَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ سَمِیْعٌ عَلِیْمٌ۱
اڳتي نه وڌو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْۤا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ
اي ايمان وارؤ! پنهنجا آواز نبي (ﷺ) جي آواز کان اوچا نه ڪيو ۽ ان سان
النَّبِیِّ وَ لَا تَجْهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَجَهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ
ان طرح بلند آواز سان نه ڳالهايو جيئن توهان هڪ ٻئي سان بلند آواز ڪندا
اَنْ تَحْبَطَ اَعْمَالُكُمْ وَ اَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ۲
آهيو، متان اوهان جا عمل برباد ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر به نه پوي.
اِنَّ الَّذِیْنَ یَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰٓىِٕكَ
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجا آواز الله جي رسول اڳيان هيٺاهان ڪن ٿا
الَّذِیْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى١ؕ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّ
اِهي ئي ماڻهو آهن جن جي دلين کي الله پرهيزگاري لاءِ
اَجْرٌ عَظِیْمٌ۳
پرکي ڇڏيو آهي، انهن جي لاءِ بخشش ۽ زبردست اجر آهي.