١٩ آيتون
الْاِنْفِطَارِالانفطار (ڦاٽي پوڻ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا السَّمَآءُ انْفَطَرَتْۙ۱
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو.
وَ اِذَا الْكَوَاكِبُ انْتَثَرَتْۙ۲
۽ جڏهن ستارا ڇڻي پوندا.
وَ اِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْۙ۳
۽ جڏهن سمنڊ وهايا ويندا.
وَ اِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْۙ۴
۽ جڏهن قبرون اکيڙيون وينديون.
عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَ اَخَّرَتْؕ۵
تڏهن هر شخص ڄاڻي وٺندو جيڪي (عمل) اڳتي موڪليائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيائين.
یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِیْمِۙ۶
اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي ڪريم پالڻهار جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي؟
الَّذِیْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَۙ۷
جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين پوءِ (توازن ۾) برابر ڪيائين.
فِیْۤ اَیِّ صُوْرَةٍ مَّا شَآءَ رَكَّبَكَؕ۸
جهڙي صورت ۾ چاهيائين تو کي جوڙيائين.