٣١ آيتون
الدَّھْرِالدھر (زمانو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
هَلْ اَتٰى عَلَى الْاِنْسَانِ حِیْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ یَكُنْ شَیْـًٔا
بيشڪ انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت گذريو
مَّذْكُوْرًا۱
آهي جو اهو ڪابه قابلِ ذڪر شيءِ نه هيو.
اِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ١ۖۗ نَّبْتَلِیْهِ
بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) مِليل مَنيءَ مان پيدا ڪيو ته ان
فَجَعَلْنٰهُ سَمِیْعًۢا بَصِیْرًا۲
کي آزمايون پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ بنايو. (ته جيئن آزمائش جي قابل هجي)
اِنَّا هَدَیْنٰهُ السَّبِیْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّ اِمَّا كَفُوْرًا۳
بيشڪ اسان ان کي رستو ٻڌايو (هاڻي) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪر بنجي.
اِنَّاۤ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِیْنَ سَلٰسِلَاۡ وَ اَغْلٰلًا وَّ سَعِیْرًا۴
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳَٽَ ۽ ڀڙڪندڙ باھ تيار ڪري رکي آهي.
اِنَّ الْاَبْرَارَ یَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًاۚ۵
بيشڪ نيڪوڪار (پاڪ شراب جا) اُهي پيالا پيئندا جن ۾ ڪافور مليل هوندو.
عَیْنًا یَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ یُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِیْرًا۶
(ڪافور) جنت جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا جتي چاهيندا ان کي ننڍين نهرن جي شڪل ۾ وهائي ويندا.