٢٥ آيتون
الْاِنْشِقَاقِالانشقَاق (ڏري پوڻ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا السَّمَآءُ انْشَقَّتْۙ۱
جڏهن آسمان ڏري پوندو.
وَ اَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَ حُقَّتْۙ۲
۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي ڪَنُ ڏيندو ۽ اِهو ان تي حق آهي.(جو حڪم مڃي)
وَ اِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْۙ۳
۽ جڏهن زمين پکيڙي ويندي.
وَ اَلْقَتْ مَا فِیْهَا وَ تَخَلَّتْۙ۴
۽ جيڪي ان ۾ آهي سو اڇلائيندي ۽ خالي ٿيندي.
وَ اَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَ حُقَّتْؕ۵
۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي ڪن ڏيندي ۽ ان کي حق آهي. (جو حڪم مڃي)
یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ۶
اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن ڪشان ڪشان وڃي رهيو آهين پوءِ تون ان سان ملڻ وارو آهين.
فَاَمَّا مَنْ اُوْتِیَ كِتٰبَهٗ بِیَمِیْنِهٖۙ۷
پوءِ جنهن ماڻهو کي سندس اعمال نامو ان جي ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو.
فَسَوْفَ یُحَاسَبُ حِسَابًا یَّسِیْرًاۙ۸
پوءِ جلد ان کان آسان حساب ورتو ويندو.