١١١ آيتون
بَنِىْۤ اِسْرَآ ئِيْلَبني اسرآئيل (يعقوب جو اولاد)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَیْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ
(هر عيب کان) پاڪ آهي اها ذات جنهن سير ڪرايو پنهنجي ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) کي رات
اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِیْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِیَهٗ مِنْ
جي ٿوري حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصيٰ تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي
اٰیٰتِنَا١ؕ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِیْعُ الْبَصِیْرُ۱
آهي هن لاءِ ته ان کي پنهنجون ڪي نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
وَ اٰتَیْنَا مُوْسَى الْكِتٰبَ وَ جَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ
۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) عطا ڪيو ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت
اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِیْ وَكِیْلًاؕ۲
(جو ذريعو) بنايو (ان ۾ حڪم ڪيو ته) مون کان سواءِ ڪنهن کي ڪارساز نه بنايو.
ذُرِّیَّةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ١ؕ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا۳
اي انهن جا اولاد! جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو. بيشڪ اُهو (نوح) هڪ شڪر گذار ٻانهو هيو.
وَ قَضَیْنَاۤ اِلٰى بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ فِی الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِی
۽ اسان بني اسرائيل لاءِ (پنهنجي) ڪتاب ۾ آگاھ ڪري ڇڏيو هيو ته توهان
الْاَرْضِ مَرَّتَیْنِ وَ لَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِیْرًا۴
زمين ۾ ضرور ٻه ڀيرا فساد ڪندؤ ۽ ضرور توهان وڏيون زيادتيون ڪندؤ.