٣٧ آيتون
الْجَاثِيَةِالجاثية (گوڏن ڀر ڪِريل)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
حٰمٓۚ۱
حاميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْحَكِیْمِ۲
ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.
اِنَّ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ لَاٰیٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِیْنَؕ۳
بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.
وَ فِیْ خَلْقِكُمْ وَ مَا یَبُثُّ مِنْ دَآبَّةٍ اٰیٰتٌ لِّقَوْمٍ یُّوْقِنُوْنَۙ۴
۽ توهان جي پيدائش ۾ ۽ جيڪي جانور پکيڙي ٿو تن ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي يقين رکڻ وارا آهن.
وَ اخْتِلَافِ الَّیْلِ وَ النَّهَارِ وَ مَاۤ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنَ
۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جيڪو رزق (بصورت بارش) الله آسمان
السَّمَآءِ مِنْ رِّزْقٍ فَاَحْیَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَ
مان لاٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريائين ۽
تَصْرِیْفِ الرِّیٰحِ اٰیٰتٌ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوْنَ۵
هوائن جي رخ مٽائڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا.
تِلْكَ اٰیٰتُ اللّٰهِ نَتْلُوْهَا عَلَیْكَ بِالْحَقِّ١ۚ فَبِاَیِّ حَدِیْثٍۭ
اهي الله جون آيتون آهن جن کي سچائيءَ سان تو تي تلاوت ڪيون