٢٨ آيتون
الْجِنِّالجن (لِڪَلَ مخلوق)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ اُوْحِیَ اِلَیَّ اَنَّهُ اسْتَمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْۤا اِنَّا
(اي نبي!) چؤ ته: مون ڏي وحي ڪئي وئي آهي ته جنن جي هڪ جماعت (منهنجي
سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًاۙ۱
تلاوت کي) ٻڌو پوءِ (پنهنجي قوم کي) چيائون: ”بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.
یَّهْدِیْۤ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ١ؕ وَ لَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَاۤ
جيڪو هدايت جي واٽ ڏيکاري ٿو سو اسان ان تي ايمان آندو
اَحَدًاۙ۲
آهي. ۽ اسان پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ ڪونه ڪنداسين“.
وَّ اَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّ لَا وَلَدًاۙ۳
۽ هي ته: ”اسان جي پالڻهار جو شان بلند آهي نه ان ڪنهن کي (پنهنجي) زال بنايو آهي نه اولاد“.
وَّ اَنَّهٗ كَانَ یَقُوْلُ سَفِیْهُنَا عَلَى اللّٰهِ شَطَطًاۙ۴
۽ هي ته: ”اسان مان ڪو بيوقوف الله جي باري ۾ خلافِ حق ڳالهيون ڪندو هيو“.
وَّ اَنَّا ظَنَنَّاۤ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَ الْجِنُّ عَلَى اللّٰهِ
۽ هي ته ”اسان سمجهيو هيو ته ناممڪن آهي جو ڪو
كَذِبًاۙ۵
انسان ۽ ڪو جِنُ الله جي باري ۾ ڪوڙي ڳالھ چوي“.