٦ آيتون
الْڪَافِرُوْنَالڪافرون (ڪفر ڪرڻ وارا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ یٰۤاَیُّهَا الْكٰفِرُوْنَۙ۱
(اي نبي!) چؤ ته اي ڪفر ڪرڻ وارئو!
لَاۤ اَعْبُدُ مَا تَعْبُدُوْنَۙ۲
آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن) کي نه ٿو پوڄيان جن کي توهان پوڄيو ٿا.
وَ لَاۤ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَاۤ اَعْبُدُۚ۳
۽ نه ئي توهان پوڄيندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) کي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.
وَ لَاۤ اَنَا عَابِدٌ مَّا عَبَدْتُّمْۙ۴
۽ نه آهيان آءٌ پوڄا ڪندڙ (انهن ڪوڙن معبودن جي) جن جي توهان پوڄا ڪئي.
وَ لَاۤ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَاۤ اَعْبُدُؕ۵
۽ نه ئي اوهان پوڄا ڪندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) جي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.
لَكُمْ دِیْنُكُمْ وَ لِیَ دِیْنِ۠۶
توهان جي واسطي توهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين (ڪافي) آهي.