١١٠ آيتون
الْـکَھْفِالکھف (غار)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِیْۤ اَنْزَلَ عَلٰى عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَ لَمْ یَجْعَلْ
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي (مقدس) ٻانهي تي
لَّهٗ عِوَجًاؕٚ۱
ڪتاب (قرآن) لاٿو ۽ ان ۾ ڪابه ڏنگاڻ نه رکيائين.
قَیِّمًا لِّیُنْذِرَ بَاْسًا شَدِیْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَ یُبَشِّرَ
ان کي سنئون سڌو ڪيائين هن لاءِ ته اهو (مقدس ٻانهو) ان سخت
الْمُؤْمِنِیْنَ الَّذِیْنَ یَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا
عذاب کان ڊيڄاري جو ان (الله) طرفان آهي ۽ ايمان وارن کي خوشخبري
حَسَنًاۙ۲
ڏئي جيڪي ڀلا عمل ڪن ٿا ته بلاشڪ انهن لاءِ سهڻو اجر آهي.
مَّاكِثِیْنَ فِیْهِ اَبَدًاۙ۳
ان ۾ اهي هميشه رهندا.
وَّ یُنْذِرَ الَّذِیْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًاۗ۴
۽ انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته: ”الله (پاڻ لاءِ) اولاد بنايو آهي“.
مَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّ لَا لِاٰبَآىِٕهِمْ١ؕ كَبُرَتْ كَلِمَةً
نه ان جو علم کين آهي ۽ نه انهن جي ابن ڏاڏن کي. وڏي ڳالھ