٣ آيتون
الْڪَوْثَرِالڪوثر (گھڻي کان گھڻو (خيرِ ڪثير)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ۱
بيشڪ اسان تو کي گھڻي کان گھڻو (خيرِ ڪثير) ڏنو آهي.
فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَ انْحَرْؕ۲
پوءِ تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪر.
اِنَّ شَانِئَكَ هُوَ الْاَبْتَرُ۠۳
بيشڪ تنهنجو دشمن نِپُٽو (بي اولاد يا بي نام و نشان) رهندو.