٢١ آيتون
الَّيْلِاليل (رات)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ الَّیْلِ اِذَا یَغْشٰىۙ۱
قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي.
وَ النَّهَارِ اِذَا تَجَلّٰىۙ۲
۽ قسم آهي ڏينهن جو جڏهن روشن ٿي وڃي.
وَ مَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَ الْاُنْثٰۤىۙ۳
۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو.
اِنَّ سَعْیَكُمْ لَشَتّٰىؕ۴
ته بيشڪ توهان جي ڪوشش جدا جدا (مقصدن لاءِ) آهي.
فَاَمَّا مَنْ اَعْطٰى وَ اتَّقٰىۙ۵
پوءِ جنهن (مال الله جي راھ ۾) ڏنو ۽ پرهيزگار ٿيو.
وَ صَدَّقَ بِالْحُسْنٰىۙ۶
۽ سهڻي ڳالھ جي تصديق ڪيائين.
فَسَنُیَسِّرُهٗ لِلْیُسْرٰىؕ۷
پوءِ سگهو ئي اسان ان کي آسان رستي جي سهولت ميسر ڪري ڏينداسين.
وَ اَمَّا مَنْۢ بَخِلَ وَ اسْتَغْنٰىۙ۸
۽ پر جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪيائين.