٤٤ آيتون
الْمَعَارِجِالمعارج (ڏاڪِڻُون)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
سَاَلَ سَآىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍۙ۱
هڪ گھرڻ واري گھريو آهي اهڙو عذاب جيڪو واقع ٿيڻ وارو آهي.
لِّلْكٰفِرِیْنَ لَیْسَ لَهٗ دَافِعٌۙ۲
ڪافرن جي لاءِ آهي جنهن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونهي.
مِّنَ اللّٰهِ ذِی الْمَعَارِجِؕ۳
(اُهو) الله جي طرفان (ايندو) جيڪو (بلندين جي) ڏاڪڻين جو مالڪ آهي.
تَعْرُجُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ وَ الرُّوْحُ اِلَیْهِ فِیْ یَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ
جنهن ڏانهن ملائڪ ۽ روح چڙهندا اهڙي ڏينهن ۾،
خَمْسِیْنَ اَلْفَ سَنَةٍۚ۴
جنهن جو مقدار پنجاھ هزار سالن جو آهي.
فَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِیْلًا۵
پوءِ تون صبر ڪر زور سهڻو صبر (جيڪو هر شڪايت کان پاڪ هجي).
اِنَّهُمْ یَرَوْنَهٗ بَعِیْدًاۙ۶
بيشڪ اُهي ان (ڏينهن) کي پري سمجھن ٿا.
وَّ نَرٰىهُ قَرِیْبًاؕ۷
۽ اسان ان کي ويجهو ڏسون ٿا.