١٢٠ آيتون
الْمَآئِدَةِالمآئدة (طعام جو دستر خوان)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ١ؕ۬ اُحِلَّتْ لَكُمْ
اي ايمان وارؤ! بندشن جي پائبندي ڪيو. توهان لاءِ چوپايا جانور حلال ڪيا ويا آهن
بَهِیْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا یُتْلٰى عَلَیْكُمْ غَیْرَ مُحِلِّی
سواءِ انهن جي جيڪي توهان کي (اڳتي) ٻڌايا ويندا، مگر جڏهن توهان احرام ۾
الصَّیْدِ وَ اَنْتُمْ حُرُمٌ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یَحْكُمُ مَا یُرِیْدُ۱
هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ الله جو چاهي حڪم فرمائي ٿو.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تُحِلُّوْا شَعَآىِٕرَ اللّٰهِ وَ لَا
اي ايمان وارؤ! الله جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪيو ۽ نه عزت وارن مهينن (يعني رجب، ذوالقعد،
الشَّهْرَ الْحَرَامَ وَ لَا الْهَدْیَ وَ لَا الْقَلَآىِٕدَ وَ لَاۤ
ذوالحج ۽ محرم) جي ۽ نه (حرمِ ڪعبه ڏانهن موڪليل) قرباني جي جانورن جي ۽ نه ڳچين ۾ (قرباني
آٰمِّیْنَ الْبَیْتَ الْحَرَامَ یَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَ
جي) نشاني طور پَٽو ٻڌل جانورن جي ۽ نه عزت واري گهر (مسجد الحرام) ڏانهن ارادو ڪري ايندڙ ماڻهن
رِضْوَانًا١ؕ وَ اِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا١ؕ وَ لَا یَجْرِمَنَّكُمْ
(جي عزت مال ۽ جان) جي (بي حرمتي ڪجو جيڪي) پنهنجي پالڻهار جي فضل ۽ رضا جا طالب
شَنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اَنْ
آهن. ۽ جڏهن احرام کولي ڇڏيو ته پوءِ شڪار ڪري سگهو ٿا. ۽ توهان کي ڪنهن قوم جي