٥ آيتون
اللَّهَبِاللهب (ڄِڀي)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
تَبَّتْ یَدَاۤ اَبِیْ لَهَبٍ وَّ تَبَّؕ۱
ابولهب جا ٻئي هٿ هلاڪ ٿين ۽ پاڻ به هلاڪ ٿئي.
مَاۤ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَ مَا كَسَبَؕ۲
ان جي مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنهن ان کان (الله جو عذاب) نه هٽايو.
سَیَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍۚۖ۳
جلد ڄڀيءَ واري باھ ۾ گهڙندو.
وَّ امْرَاَتُهٗ١ؕ حَمَّالَةَ الْحَطَبِۚ۴
۽ ان جي زال به. (باھ ۾ ويندي) جا ڪاٺين جي هڙ کڻندڙ آهي.
فِیْ جِیْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ۠۵
ان جي ڳچيءَ ۾ کاٻر کان (ٺهيل) رسي هوندي.