٧ آيتون
الْمَاعُوْنِالماعون (معمولي شيون)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَرَءَیْتَ الَّذِیْ یُكَذِّبُ بِالدِّیْنِؕ۱
ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو دين کي ڪوڙو چوي ٿو.
فَذٰلِكَ الَّذِیْ یَدُعُّ الْیَتِیْمَۙ۲
پوءِ هي اُهو ماڻهو آهي جيڪو يتيم کي ڌڪا ڏئي ٿو.
وَ لَا یَحُضُّ عَلٰى طَعَامِ الْمِسْكِیْنِؕ۳
۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي.
فَوَیْلٌ لِّلْمُصَلِّیْنَۙ۴
پوءِ بربادي آهي (انهن) نمازين لاءِ.
الَّذِیْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَۙ۵
جيڪي پنهنجي نماز کان غافل آهن.
الَّذِیْنَ هُمْ یُرَآءُوْنَۙ۶
جيڪي رياڪاري ڪن ٿا.
وَ یَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ۠۷
۽ (اهڙا ڪنجوس آهن جو) عام استعمال جون معمولي شيون به (ڪنهن کي) نه ٿا ڏين.