٢٢ آيتون
الْمُجَادَلَةِالمجادلة (تڪرار)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قَدْ سَمِعَ اللّٰهُ قَوْلَ الَّتِیْ تُجَادِلُكَ فِیْ زَوْجِهَا وَ تَشْتَكِیْۤ
بيشڪ الله ان عورت جي ڳالھ ٻڌي جيڪا تو سان پنهنجي مڙس جي باري ۾
اِلَى اللّٰهِ١ۖۗ وَ اللّٰهُ یَسْمَعُ تَحَاوُرَكُمَا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ سَمِیْعٌۢ
تڪرار ڪري رهي هئي ۽ الله اڳيان فرياد ڪري رهي هئي ۽ الله توهان ٻنهين
بَصِیْرٌ۱
جا هڪ ٻئي ۾ سوال وجواب ٻڌي رهيو آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
اَلَّذِیْنَ یُظٰهِرُوْنَ مِنْكُمْ مِّنْ نِّسَآىِٕهِمْ مَّا هُنَّ اُمَّهٰتِهِمْ١ؕ اِنْ
(اي مسلمانو!) اوهان مان جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان ظهار ڪن ٿا (يعني زالن کي چون ٿا ته تنهنجي پُـٺي مون لاءِ
اُمَّهٰتُهُمْ اِلَّا الّٰٓـِٔیْ وَلَدْنَهُمْ١ؕ وَ اِنَّهُمْ لَیَقُوْلُوْنَ مُنْكَرًا
منهنجي ماءُ جي پُٺي مثل آهي). اُهي انهن جون مائرون نه ٿيون ٿي پون. سندن مائرون ته رُڳي اُهي ئي آهن جن
مِّنَ الْقَوْلِ وَ زُوْرًا١ؕ وَ اِنَّ اللّٰهَ لَعَفُوٌّ غَفُوْرٌ۲
کين ڄڻيو آهي ۽ بيشڪ اُهي سخت ناپسنديده ڳالھ ۽ نهايت ڪوڙ چون ٿا. ۽ بيشڪ الله ضرور معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي.
وَ الَّذِیْنَ یُظٰهِرُوْنَ مِنْ نِّسَآىِٕهِمْ ثُمَّ یَعُوْدُوْنَ لِمَا قَالُوْا
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان ظِهار ڪري ويهن پوءِ جيڪي چيو اٿن ان ڳالھ کان موٽڻ چاهن ته پوءِ هڪ
فَتَحْرِیْرُ رَقَبَةٍ مِّنْ قَبْلِ اَنْ یَّتَمَآسَّا١ؕ ذٰلِكُمْ تُوْعَظُوْنَ
گردن (يعني ٻانهو يا ٻانهي) آزاد ڪرڻ لازم آهي ان کان اڳ جو اُهي هڪ ٻئي کي هٿ لائن. توهان