٣٠ آيتون
الْمُلْڪِالملک (بادشاهي)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
تَبٰرَكَ الَّذِیْ بِیَدِهِ الْمُلْكُ١٘ وَ هُوَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرُۙ۱
وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
اِ۟لَّذِیْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوةَ لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ
جنهن موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان
عَمَلًا١ؕ وَ هُوَ الْعَزِیْزُ الْغَفُوْرُۙ۲
مان ڪيرُ عمل جي لحاظ کان ڀلو آهي؟ ۽ اهو غالب آهي بخشڻهار آهي.
الَّذِیْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا١ؕ مَا تَرٰى فِیْ خَلْقِ
جنهن ستن آسمانن کي طبقا بنايو. تون رحمان جي تخليق ۾ ڪو به فرق نه
الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ١ؕ فَارْجِعِ الْبَصَرَ١ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ۳
ڏسندين. پوءِ نظر کڻي نهار ته ڇا تو کي ڪو رُخنو نظر اچي ٿو؟
ثُمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَیْنِ یَنْقَلِبْ اِلَیْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّ
پوءِ تون وري وري نگاھ ورائي نهار ته نظر
هُوَ حَسِیْرٌ۴
تو ڏانهن ٿڪجي موٽندي ۽ اُها ناڪام هوندي.
وَ لَقَدْ زَیَّنَّا السَّمَآءَ الدُّنْیَا بِمَصَابِیْحَ وَ جَعَلْنٰهَا
۽ بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي ڏيئن (يعني ستارن) سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطانن کي