١١٨ آيتون
الْمُؤْمِنُوْنَالمُؤمنون (ايمان وارا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قَدْ اَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَۙ۱
تحقيق مؤمن ڪامياب ٿي ويا.
الَّذِیْنَ هُمْ فِیْ صَلَاتِهِمْ خٰشِعُوْنَۙ۲
جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُوْنَۙ۳
۽ جيڪي بيهودين ڳالهين کان مُنهن موڙيندڙ آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ لِلزَّكٰوةِ فٰعِلُوْنَۙ۴
۽ جيڪي زڪواة ادا ڪرڻ وارا آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ لِفُرُوْجِهِمْ حٰفِظُوْنَۙ۵
۽ جيڪي پنهنجي شرمگاهن جي (بدڪاري کان) حفاظت ڪندڙ آهن.
اِلَّا عَلٰۤى اَزْوَاجِهِمْ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَیْمَانُهُمْ فَاِنَّهُمْ غَیْرُ
سواءِ پنهنجي زالن جي يا انهن ٻانهيُن جي جيڪي سندن هٿن
مَلُوْمِیْنَۚ۶
جي (شرعي) ملڪيت آهن پوءِ بيشڪ اُهي ملامت ڪيل نه آهن.
فَمَنِ ابْتَغٰى وَرَآءَ ذٰلِكَ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْعٰدُوْنَۚ۷
پوءِ جو شخص انهن کان سواءِ ڪجھ چاهيندو ته پوءِ اُهي ئي حد کان لنگهڻ وارا آهن.